ٿر، ٿر ۽ ناري، ٿر ۽ رڻ ڪڇ جي
سنگم وارين پٽين، اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جي
ڪنارن، روهڙي کان رحيم ڪي بازار تائين نارا ڪئنال جي ڪنڌين تي ۽ ٿر جي هر تليء ۾
اڄ کان ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ به قدرتي وڻن جا ڪي گهاٽا ٻيلا ته نه هئا پر
پوءٕ به اتي کٻڙ يا ڄار، ڪنڊي، روهيڙي، نم،
لئي، ٻٻر،ڪُنڀٽ، ڪِرڙ، گگرال،
ڳاڱيٽڻ، ڦوڳ، ٻيرڙي، کِپ، ٻُوھ، اڪ ۽ ٿوهر سميت ڪيترن ئي ساون وڻن ۽ ٻُوٽن جون
تمام گهاٽيون هُڙيون ۽ جُهڳٽ ضرور هوندا هئا، جن ۾ جهنگلي جيوت جي وڏي آبادي هئي،
وسڪاري ۾ انهن مان وڏن وڻن جي هيٺان مرهيڙو ٿيندو هو ۽ مٿان وري ڳمول جون وليون
وڇائجي وينديون هيون۔ وڻن ۾ مُند تي جڏھن ٻُور لڳندو هو ته ماکئ جون مکيون ان مان
رس چُوسي پنهنجي مانارن ۾ ماکي گڏ ڪنديون هيون، ڌڻار توڙي ٻيا ڳوٺاڻا اهي ماکيون لاهي
پنهنجي گهرن ۾ ڪم آڻيندا هئا، ڪنهن کي تحفي طور ڏيندا هئا يا وري وڪرو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا۔مُند تي
پيرون پچندا هئا ته ڳوٺاڻا ٻار ۽ عورتون ٽولين ۾ وڃي ڳاڙها ۽ اڇا پيرون چونڊي پاڻ
کائيندا پنهنجي پيارن کي کارائيندا ۽ گهڻا هجڻ ڪري ڪوڪڙِ ٺاهي رکندا هئا، ڪنڊين ۾
سڱريون، ڪِرڙن ۾ پُسي، ڏنئورا ۽ پڪا کوڙ ٿيندا هئا۔ گهاٽن وڻن ۽ ٻوٽن ۾ مور، طوطا،
تتر، ٻاٽيٻڙ، ڳيرا، ڳِجُھون، ڪانو، جِهرڪيون،
سها، روجھ، لونڪڙ، گِدڙ، سُوئر۽ ٻيا جهنگلي جانور ۽ پکي هوندا هئا جيڪي وڏي
تيزي سان تاريخ جو حصو بڻجي رهيا آهن، انهن مان هن وقت تائين جهنگلي جيوت جا ڪجھ
نسل هتي هاڻ ناياب پڻ ٿي چڪا آهن۔
جيئن ته
قدرتي ماحول جو گهڻو دارومدار وڻن ۽ ٻوٽن تي آهي، جيڪڏهن وڻ ۽ ٻوٽا بچندا ته قدرتي
ماحول به بچندو تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته قدرتي ماحول کي بچائڻ لاءِ مقامي
قدرتي وڻن ۽ ٻوٽن جي خاتمي جا سبب معلوم ڪري آئينده انهن کي وڍجڻ کان بچائڻ لاءِ
اُپاء ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته ھاڻي رڳو قبرستانن، گهرن، اوطاقن جي اندر ڪو اڪيلو قدرتي
وڻ بيٺل نظر اچي ٿو۔ انھن گهاٽن مقامي
قدرتي وڻن ۽ ٻوٽن جي جاءِ تي حڪومت پاران 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ٻاھران درآمد ڪيل وڻ،
ديوي جي والارٿي وئي آهي، ديوي به ڏاڍو قيمتي وڻ
آھي، وڍجڻ کان پوءِ صرف ھڪ _ ڏيڍ
سال ۾ واپس وڌي وڏو وڻ ٿي وڃي ٿو، ديوي جا پلڙا يا سڱريون چوپائي مال لاءِ بھترين
چارو آھن ۽ ڪاٺي ٻارڻ توڙي اڏاوت لاءِ ڪم اچي ٿي۔
مقامي وڻن ۽ ٻوٽن جي خاتمي جا سبب
انساني
آبادي وڌڻ ڪري سرڪاري ادارن توڙي عوام پاران وڻ ۽ ٻُوٽا وڍي، ميدان صاف ڪري، اتي
پڪا روڊ، گهر، اوطاقون، دڪان، مسجدون، مندر، اسڪول، کرا ۽ مال جا واڙا وغيره ٺاهي
ڇڏيا، غريب ماڻهن گهرن ۽ مال لاءِ ڇنا اڏڻ
لاءِ به وڻ وڍي انهن جون ڪاٺيون اڏاوت لاءِ استعمال ڪيون۔ علائقي ۾ سُئي گيس نه
هئڻ ڪري ٻارڻ لاءِ به وڻن جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون۔ وڻن جي ڪاٺين مان
ڪوئلو ٺاھيو وڃي ٿو، ٿُڙ وارن وڻن جون ڪاٺيون آري تي چيري فرنيچر به ٺاھيو وڃي ٿو،
کاڻين جو ڪوئلو مھانگو ٿيڻ کان پوءِ سِرن جي بٺن جي مالڪن ڪوئلي بدران ڪاٺين کي
بٺن ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي، پڪا روڊ ٺهڻ کان اڳ وڻ وڍي انهن جون
ڪاٺيون رڳو مٿي تي ڀري ۾، گڏھ، اُٺ يا بيل گاڏئ ۾ کنيون وينديون هيون پر هاڻي پڪا
روڊ ٺهڻ کانپوءِ ٽرڪون، مزدائون، ڊاٽسنون توڙي ٽريڪٽر ٽراليون وڻن تائين پهچي ويون
آهن جنهن سبب وڻن جي واڍي اڃا وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، کٻڙ يا ڄار جي وڻ جي ڪاٺئ مان
گتو ٺهڻ ۽ پاڙ کي تبرڪ طور ڏندڻ لاءِ
استعمال ڪرڻ جي لاڙي وڌڻ سبب ڄار
جون ڪاٺيون ۽ پاڙون ٿر مان گاڏين ۾ ڀري سوين
ڪلوميٽر پري وڏن شهرن تائين پهچايون وڃن ٿيون، کٻڙ جون پاڙون ڏندڻ طور استعمال ڪرڻ
لاءِ هتان کان ڪجھ اسلامي ملڪن ڏانهن برآمد به ڪيون وڃن ٿيون۔
مقامي قدرتي وڻن۽ ٻوٽن کي بچائڻ لاء ڪجھ تجويزون۔
ڄاڻايل مقامي قدرتي وڻن لاء سڀ کان پھرين اسان
کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اھي وڻ ٻين وڻن وانگر ھڪ ڀيرو وڍڻ کان پوء ٻيھر ڪڏھن به
پوکي نٿا سگھجن، ڇاڪاڻ ته انھن کي وڌي وڻ ٿيڻ لاءِ وڏو وقت گھربل ھجي ٿو،
اسين ھينئر جيڪي قبرستانن وغيره ۾ ڪنڊي ۽
کٻڙ جا وڏا ڌُوڌا وڻ بيٺل ڏسون ٿا، انھن جي ڄمار گھٽ ۾ گھٽ ته به ھڪ صدي کان وڏي
ٿيندي تنھنڪري جيڪي به مقامي وڻ اڃا وڍجڻ کان بچيل آهن انھن کي ھر حالت ۾ محفوظ
ڪيو وڃي، سرڪاري ترقياتي ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته روڊ، اسڪول، اسپتالون توڙي
ٻيون ترقياتي رٿائون تعمير ڪرڻ وقت ڪوبه وڻ نه وڍجڻ کپي، نيون آباديون ۽ اڏاوتون
وڻن واري جاءِ کان پاسيرو ڪيون وڃن، گهرن، اوطاقن، مال جي واڙن وغيره ۾ خوبصورتي
لاءِ مقامي وڻ رکيا وڃن۔ گهرن ۾ رڌ پچاء لاءِ وڌ ۾ وڌ ڇيڻا گيس پلانٽ لڳايا وڃن يا
سڪل ڇيڻا ٻاريا وڃن، ڪاٺين مان صرف ديوي جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وڃن۔ چوکٽ،
دروازن، درين، کٽن، ۽ ٻئي فرنيچر لاءِ پنھنجي پھچ آھر لوھ يا المونيم وغيره
استعمال ڪرڻ کپي جن کي اُڏوھي به نه ٿي لڳي۔ حڪومت پاران قانون پاس ڪري هر مقامي
وڻ جي ڪنھن به مقصد لاءِ واڍي تي مڪمل
پابندي لڳائي ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي۔ جيئن جهنگلي جيوت جي شڪار تي ڏنڊ مقرر آھي،
انگريزن جي دور کان نافذ ھڪ قانون، جنھن موجب
"زمين جا مالڪاڻا حق رکڻ وارو زميندار به پنھنجي زمين تي وڻ پوکي ته
سگھي ٿو پر سرڪار جي اجازت کان سواء انھن مان ڪو ھڪ وڻ به وڍائي نٿو سگھي " تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، ٻيلي کاتي، ضلعي
انتظاميائن، سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن ۽ مقامي ادارن پاران اخبارن ۽ ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن ذريعي توڙي روڊن رستن تي
بورڊ لڳائي انهن تي عوام کي ناياب ٿيندڙ مقامي وڻن جي اهميت ۽ وڍڻ جي صورت ۾ ٿيندڙ
ماحولياتي نقصان کان آگاھ ڪيو وڃي۔
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو