ٿرپارڪر ۾ ڪُنواري مرندڙ تاريخ
نورمحمد سمون
ٿر جي تاريخدانن، محققن، اديبن ۽ ٻين عالمن هر دور ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي پنهنجي صدين جي تاريخ سان
انصاف ڪيو آهي، ڪجه ناميارا محقق اڃا به هن شعبي ۾ پنهنجا ڪرها ڪُڏائي رهيا آهن پر
تنهن هوندي به گذريل سوا صدي دوران ٿر،
اڇڙي ٿر، ناري ۽ انهن ٽنهي علائقن جي سنگم واري ڌرتي تي ڪيترائي اهڙا واقعا پيش
ايندا رهيا آهن، جن سان انصاف جو اوسيئڙو رهندو پيو اچي، انهن مان سن 1890ع واري
ڏهاڪي دوران انگريز سرڪار پاران جاگيرون ۽ وڏيون زمينداريون قائم ڪرڻ، سن 1895ع
واري پهرين حر تحريڪ، سن 43_1942ع واري ٻي
حر تحريڪ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل لاقانونيت، 1947ع ۾ آزادي وقت ٿيل دنگ بندي، 1965ع ۽
1971ع واريون لڙايون اهڙا تاريخي واقعا آهن، جن جا هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي زندگين
تي وڏا ۽ سڌا اثر اڃا تائين رهندا پيا اچن، انهن تاريخي واقعن جي باري ۾ علائقي جي
تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي، ڪيترائي پڙهيل لکيل رهواسي به انهن جي باري ۾ ڪنهن کي
ڪجه نه ٿا ٻڌائي سگهن، ڇاڪاڻ ته بدقسمتي سان مختلف سببن جي ڪري اهي واقعا تمام گهٽ
قلم بند ٿيا آهن، ڪا خاص ڇنڊڇاڻ نه ٿيڻ ڪري ماڻهو انهن بابت پنهنجي ڪا راءِ به
قائم ڪري نه سگهيا آهن. ملڪ جي ٻين سرحدن تي ٿيل جنگي ڪاروايون ته نصابي ڪتابن ۾
سڄي ملڪ ۾ لازمي پڙهايون وڃن ٿيون پر هتي ٿيل جنگي ڪاروايون ۽ تاريخي واقعا ڪنهن
اخبار، رسالي يا عام ڪتاب جي زينت به نه بڻجي سگهيا آهن. ڪجه سياسي، مذهبي ۽ سماجي
مصلحيتن جي ڪري انهن تاريخي واقعن کي ايمانداري سان قلم بند ڪرڻ بدران انهن جا حق
بخشرايا ويا ۽ هاڻ اهي ڪنوارا ئي مري رهيا آهن. ڪجه دوستن پاران سوشل ميڊيا تي
پنهنجي اسٽيٽسز ۾ انهن مان ڪجه واقعن جو ٻه ٽي سِٽن جو مختصر ذڪر ته ٿيندو رهيو
آهي پر پوءِ انهن تي آيل مختلف ڪمينٽس ڏسڻ کان پوءِ انهن کي اتي رهڻ ڏنو ويندو رهيو آهي. ايتريقدر
جو سن 1971ع واري لڙائي دوران عمرڪوٽ شهر تي هندستان جي قبضي لاءِ ٿيندڙ حملي جي
تيارين دوران شهر کان ڪجه ڪلوميٽر اوڀر طرف هڱورو ڀِٽ تي هندستاني فوج تي پاڪستاني
فوج جي يادگار ڪاروائي بابت به تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ آهي. ان کان سواءِ؛_
1)ـ انگريز سرڪار پاران ميرن جي سرڪار جي زماني واريون
گهڻيون جاگيرون ۽ وڏيون زمينداريون ته سنڌ تي قبضي جي شروعاتي سالن ۾ ئي بحال ڪيون
ويون هيون، جن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اڳوڻن جاگيردارن انگريزن جي حيدرآباد واري قلعي
۾ قائم درٻار ۾ حاضري ڏئي جاگيرن جي بحالي لاءِ پنهنجون عريضيون ڏيڻ ۾ گهٽتائي
محسوس ڪئي هئي، جن ۾ آزادي جي مشهور اڳواڻ غلام محمد ڀرڳڙي جا وڏا به شامل هئا،
انهن کي اهي ٻيهر واپس نه ملي سگهيون هيون، اهي ۽ ٻيون زمينون ورهائڻ وقت هن پٽ ۾
پهرين حر تحريڪ کي سامهون رکندي انگريزن ملڪ جي اترين علائقن جي ماڻهن ۽ پنهنجي
وفادار بلوچن جي هتي آبادڪاري شروع ڪئي، جن مقامي ماڻهن کي هتي زمينون ڏنيون ويون
اهي به هڪ خاص پيراڻي گادي جي ماڻهن کي سندن مرشد جي صلاح سان ڏنيون ويون. اهي
اُٿل واهن واريون زمينون هيون سو محنت گهڻي ۽ پيداوار گهٽ ٿيندي هئي تنهنڪري
ڪيترائي اٻوجه مقامي ماڻهو پنهنجو مال چارڻ ۾ خوش هئا ۽ زمينون وٺڻ کان ڪترائيندا
هئا، هاڪڙي جي ڪنڌين تي رهندڙ ملاحن ۽ ڪجه ٻين ماڻهن لاءِ هتي عام طور چيو ويندو
آهي ته انهن زمينون ورهائيندڙ انگريزن جي ڊپ کان لڏپلاڻ ڪري ڀڄي وڃي اڇڙي ٿر ۾
پناه ورتي هئائون ته انگريز عملدار زور زبردستي زمينون ڏئي ڦاسائي پوءِ ڍل وصول
ڪندا ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻڌي جيلن ۾ بند ڪندا.
2)..1942.43ع واري ٻي وڏي حُر تحريڪ دوران انگريز سرڪار
پاران ڪيل انڌين ڪاروائين جي موٽ ۾ آيل لاقانونيت دوران هنن علائقن ۾ سوين ماڻهو
بي گناه مارجي ويا هئا، جن ۾ ڪجه ڄڃون گهوٽن، ڪنوارُن ۽ سمورن ڄاڃين سميت ماريون ۽
ڦُريون ويون، ڪيترائي ڳوٺ بار بار ڦُريا ويا. انگريز سرڪار مقامي ماڻهن خلاف جيڪي
بي رحمانا ڪاروايون ڪيون اهي بعد ۾ ڪنهن حد تائين لکجي ۽ ڇپجي سگهيون، ان سلسلي ۾
ڪجه ڪاوشون اڃا تائين به جاري آهن پر حرتحريڪ جي آڙ ۾ ڪجه ماڻهن پاران قانون هٿ ۾
کڻي ڪيل قتلامن، ڦُرن، ڌاڙن ۽ ٻين واقعن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. حر تحريڪ تي
غيرجانبدارانا نظر رکڻ جي ڪوشش ڪندڙ دوستن جو خيال آهي ته جيئن هاڻي ملڪ جي اترين
علائقن ۾ آمريڪا جا ڊرون حملا، پاڪستان جون فوجي ڪاروايون ۽ طالبان جا خودڪش حملا گڏوگڏ
ٿي رهيا آهن، انهن ٽنهي طرفن کان ٿيندڙ ڪاروائين جو شڪار اتان جي مقامي آبادي ٿي
رهي آهي ايئن ئي حر تحريڪ دوران هتان جي مقامي ماڻهن سان به ٿيو هو پر اهو سڀ
رڪارڊ تي اچي ناهي سگهيو.
4) 1965ع واري لڙائي ۾ پاڪستاني فوج ۽ حر مجاهدن پاران ٿر
واري دنگ تان هندستان اندر داخل ٿي اٽڪل 1200 چورس ميل علائقي ۾ واقع ڪجه مقامي
تاريخي قلعن، ريلوي اسٽيشنن ۽ وڏين وڏين آبادين کي فتح ڪرڻ جو تاريخ جي ورقن ۾
تمام گهٽ ذڪر ملي ٿو. ٻنهي ملڪن جي فوجي آفيسرن پاران جنگ جي يادگيرين بابت لکيل
ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته رينجرس جي برگيڊير خدا داد خان جي ڪوششن ۽ پير صاحب پاڳاري
جي مدد سان هزارين حرن کي ڀرتي ڪري بنيادي جنگي تربيت ڏيڻ بعد رحيم يارخان کان ڪچ
جي رڻ تائين ڊگهي سرحد جي دفاع لاءِ لاٿو ويو هو، پير صاحب پاڳارو عمرڪوٽ جي قلعي
اندر ڪيمپ قائم ڪري اڳين مورچن جا دورا ڪندو رهيو هو، پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير نادر
علي شاه کي اتر سيڪٽر ۽ خليفي فقير امين مڱرئي کي ڏکڻ سيڪٽر جو ڪمانڊر مقرر ڪيو
هئائين، انهن کي فوجي هيلي ڪاپٽر به مليل هئا. ان جنگ دوران پير نادر علي شاه
خليفي امين کي ڀوڳن ڀوڳن ۾ چوندو هو ته “پاڻ ٻئي فوجي ڪمانڊر ته نوان آهيون ۽
پهرين جنگ ۾ حصو وٺي رهيا آهيون، مان هڪ وڏي پير جو صاحبزادو ۽ ٻئي جو ڀاءُ آهيان،
اڳ به جهازن ۾ سفر ڪيا اٿم پر توهان غريب ماڻهو آهيو ۽ گهر ۾ “دلي ۾ داڻا“ رکڻ
وارا پنهنجا ڀاڳ ته ڏسو جو هيليڪاپٽر تي ٿا سواري ڪريو!“ هن جنگ دوران هن ڌرتي تي
حر مجاهدن غير متوقع ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو. فوج ۽ حرن پاران فتح ڪيل علائقا ٺاه
تحت جلد خالي ڪرڻ کان پوءِ دنگ واري ان پٽي تان مسلمانن جي نهڙي، مڱريا، مهر،
راڄڙ، درس، آريسر، سمان، ڪلر، سهتا، سميجا، سماٽ برادرين جي هڪ تمام وڏي آبادي کي
تڪڙي لڏپلاڻ ڪري پاڪستان جي هن ضلعي ۾ اچي آباد ٿيڻو پيو هو.
5) 1971ع واري لڙائي دوران هندستاني فوجن پاران ٿر جي شهرن
سميت وڏي علائقي تي قبضو ڪري 14 مهينن تائين اهو برقرار رکيو ويو هو، ان قبضي
دوران سوين هٿين خالي ٿرواسين کي قطارن ۾ بيهاري قتل ڪيو ويو هو۽ انهن کي اجتماعي
قبرن ۾ دفنايو ويو هو، ڪيترائي حر مجاهد به هن جنگ ۾ شهيد ٿيا هئا انهن شهيدن جون
گمنام قبرون ڪچ جي رڻ کان وٺي سڄي ٿر جي مختلف ڀِٽن تي اڃا تائين موجود آهن. قابض
فوج پاران هندن تي هٿ رکي انهن کي اهو يقين ڏياريو ويو هو ته هاڻي اهو سمورو ٿر
هميشه لاءِ هندستان جو حصو رهندو. هن جنگ ۾ بنگال ۾ وڏو ڪوس ٿيو هو سو ان وقت ٿر ۾
بنگال جي مقابلي ۾ گهٽ ماڻهو مارجڻ ڪري ڪنهن بين الاقوامي ڌر جو هن طرف ڌيان ئي
ڪونه ويو. ان دور جي وساڻ، پير ۽ مير سياستدانن پاران ٿر تي سندس اثر برداشت نه ڪرڻ سبب پنهنجون زمينون ۽ ٻيون جائيدادون ڇڏي يا ڀڳڙن مُٺ عيوض
وڪڻي 1969ع ۾ ڇاڇري مان لڏي راجسٿان ويل لڇمڻ سنگه سوڍي پاران هن جنگ ۾ هندستاني
فوج سان گڏ اچي ڇاڇري ۽ ٿر جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن تي قبضو ڪرائڻ ڪري هن تاريخي
جنگ ۾ هتي ٿيل تباهي کان اڃا تائين اکيون ڦيريون پيون وڃن، ايتريقدر جو عمرڪوٽ
جهڙي تاريخي شهر کي هن جنگ ۾ هندستان جي قبضي کان بچائڻ لاءِ پاڪستاني فوج پاران
شهر کان ڪجه ڪلوميٽر اوڀر طرف هڱورو ڀِٽ واري ان تاريخي جنگي ڪاروائي سان به ڪنهن
کي ڪا دلچسپي ناهي.
هي اهڙا واقعا آهن، جن جي باري ۾ اسان جي تاريخ خاموش آهي ۽
انهن واقعن جي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو ڏينهوڏينهن گهٽجي رهيا آهن.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو