تنهن ڏينهن آئون
گرهوڙ شريف ويجهو ان زرعي فارم تي بابا سان ملڻ ويو هئس جيڪو اتي تڏهن ڪمدار هو،
واپسي ۾ گرهوڙي جي زيارت ڪري ٻاهر نڪتس ته بادل جو ننڍو ڀاءُ الهرکيو مليو، اسين
بچاءُ بند تائين ساڳئي بس ۾ سفر دوران حال احوال ڪري رهيا هئاسين. بيراج ايريا ڏانهن
لڏي اچي ڌار ڌار ڳوٺن ۾ رهڻ کان اڳ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ اڇڙي ٿر ۾ اسان جا ڪکن پنن جا
گهر گڏ هئا، ڍنڍن جي ڪنارن وارن جهنگن ۽ ڀِٽن تي گڏجي مال چاريندا ۽ ماکيون
ڇاڻيندا هئاسين، وسڪاري ۾ آسريي جي روهي ۾ آُٺن ۽ گڏهن تي گڏجي هر ڪاهي کيٽ کيڙڻ ۾
پنهنجي هاري والدين جي مدد ڪندا هئاسين، کيٽن مان گُڏ (ليڏاڻ) ڪڍڻ، ٻاجهري تان
جهار هڪلڻ ۽ آڀُو(سنگ) پچائي کائڻ، کنڀيون ۽ مرهيڙو چونڊڻ جهڙيون ڪافي گڏيل يادون
هيون، انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي الهرکيو
ڊالڊا جي 5 ڪلو واري خالي ڏٻي ۾ مٿو وجهي ٿري لوڪ گيت همرچو ڳائيندو سيمنٽ سان
ٻڌل ٽانڪي ۾ گڏ ٿيل مينهن جو پلُر پاڻي ڀرڻ پئي ويو ته ان ٽانڪي ۾ ڪري پيو ۽ ٻُڏي
مرڻ لڳو هو پر کيس وڏي مشڪل سان ٻاهر ڪڍي بچايو ويوهو. بس جي سفر دوران الهرکئي
بادل جي گرفتاري جو به ٻُڌايو، هن جو چوڻ هو ته بادل جو ان ڪيس ۾ نالو به ناهي،
سندن برادري ۽ جماعت جي چڱن ماڻهن اغوا ٿيل شاگرد جي مائٽن کي بادل جي ان ڏوه ۾
ملوث نه هئڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اُهي چون ٿا ته انهن جو به بادل تي شڪ ناهي پر
پوليس بادل جي آزادي لاءِ 50 هزار طلب ڪري رهي آهي. مون هن کان پڇيو ته بادل جي ته پوليس ۽ ٻين سان راه رسم به آهي، انهن پنهنجي
ماڻهو کي ڪيئن ٻڌو؟ ڀلا جي ٻڌو ته هاڻ کڻي پنهنجي ساٿي کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن.
الهرکئي ٻڌايو ته بادل جي انهن ساٿين جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل شاگرد جي ساٿين وڏي
وزير ۽ گورنر هائوسن اڳيان ڌرڻا هنيا آهن، وڏي وزير به واقعي جو نوٽيس ورتو آهي
تنهنڪري هاڻ قصو اسان کان زور آهي. مون کيس صلاح ڏني ته اڃا به ڪوششون ڪريو، جڏهن ٻئي
پاسي کان ڪو آسرو نه بچي ته پوءِ مونکي
ٻُڌائجو پاڻ پنهنجي ڪوشش سان کيس بنا پئسي آزاد ڪرائينداسين. مون کي انساني حقن
بابت پنهنجي ٿوري گهڻي معلومات جي بنياد تي اعتماد هو ته بادل منهنجو پاڙيسري ۽
دوست آهي هن جي هن ڏکئي وقت ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ لالچ جي مدد ڪبي ته الله سائين ضرور
ڪامياب ڪندو. ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ الهرکيو پنهنجي ڪِيا لوڊر گاڏي، جيڪا هو ٽيڪسي
هلائيندو هو سا ڪاهي صبح سويرمنهنجي ڳوٺ آيو، ٻڌايائين ته سڀ ڪوششون ناڪام ٿيون هاڻ تون ڪو وارو ڪر. اسين
شهر وياسين جتي الهرکئي پاران اڇي پني تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڏانهن
درخواست لکي کيس گذارش ڪئيسين ته هو بودرفارم ٿاڻي تي پنهنجي عدالتي اختيارن موجب ڇاپو هڻي سندس ڀاءُ
بادل کي آزاد ڪرائي جيڪو بنا ڪنهن ڪيس جي15 ڏينهن کان لاڪ اپ ۾ قيد آهي. اسين ٻئي گڏجي
تڏهوڪي ڊي سي ممتازعلي شاه، جيڪو هاڻي سنڌ
حڪومت جي ڪنهن کاتي جو سيڪريٽري آهي، جي آفيس ۾ وياسين، هن مختصر لکيل درخواست ٻه
ٽي ڀيرا پڙهي پهرين چيو ته ان تي ايس ايس پي صاحب لاءِ نوٽ هڻي ڏيون ٿا، توهان کڻي
وڃي ڏيوس اهو ڪاروائي ڪندو، اسان کيس ياد ڏياريو ته درخواست ۾ اسانجو عرض اوهان جي
عدالتي اختيارن هيٺ ڇاپي لاءِ آهي، ايس پي وٽ اهڙا ڪي به عدالتي اختيار ناهن،
هونئن به 15 ڏينهن
تائين بادل تي ڪو ڪيس داخل نه هو اڄ ايس پي
ڇا اوهان جي گارڊن سميت پوليس کاتي جي ڪنهن اهلڪار کي اسان جي درخواست جي خبر پئي
ته اهي بادل تي اڄ هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري وٺندا تنهنڪري اوهان پاڻ عدالتي
ڇاپو هڻو يا پنهنجي ئي کاتي جي ڪنهن ماتحت آفيسر کي حڪم ڏيو جيڪو اسان سان گڏ هلي
اوچتو ڇاپو هڻي باقي اسان کي ايس پي صاحب ڏانهن نه اماڻيو. ڊي سي کي اسانجي ڳاله
لڳي پر هن ويچاري پنهنجي ڪرسي جي مجبوري جو اظهار ڪندي چيو ته اوهين الائي ڪٿان
اچي مون کان اهڙو ڪم ڪرائڻ چاهيو پيا جنهن جا مون کي اختيار واقعي شروع کان آهن پر
اهي مون پنهنجي نوڪري ۾ ڪڏهن به استعمال ناهن ڪيا، اڄ جيڪڏهن اوهان جي چوڻ تي آئون
اهي استعمال ڪندس ته اسان روينيو ۽ پوليس کاتي جا پاڻ ۾ دوستي وارا پراڻا لاڳاپا ختم
ٿي ويندا. اسان کيس عرض ڪيوسين ته اسين ڪنهن ٻئي ضلعي، صوبي يا ملڪ مان نه آيا
آهيون، اوهان جي ئي ضلعي جي رعيت آهيون سو اوهان وٽ آيا آهيون، هاڻ جيڪا اوهان جي
مرضي. هن پنهنجي هڪ اهڙي ايس ڊي ايم کي اسان جي ڪم تي لڳايو جنهن جي ڪم کان اسين
مطمئن نه هئاسين، ڇاڪاڻ ته اهو روينيو آفيسر پنهنجون اڪثر راتيون پوليس آفيسرن ۽
صوبيدارن سان گڏ گذاريندو هو سو اسان کي خدشو هو ته اهو پوليس کي اڳواٽ اطلاع ڏئي
ڇاپي کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو، اسان ڊي سي اڳيان ان تي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪيو
ته ڊي سي چيو ٺيڪ آهي ان کي ڇڏيو، هاڻي اوهين منهنجي ڪنهن ٻئي ماتحت آفيسر جو نالو
کڻو، اسان کيس هاڻوڪي مشهور بئريسٽر ضمير گهمري جي نالي چيو جيڪو تڏهن اُتي
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر هو، ڊي سي چيو ته اهو هڪ منٽ لاءِ به فارغ ناهي ڇاڪاڻ ته کيس ڪافي سارا ضروري سرڪاري
ڪم ڏنل آهن جيڪي هو رات ڏينهن ڪري رهيو آهي. ڊي سي پنهنجي طرفان تڏهوڪي ايس ڊيم
ايم سامارو شوڪت شيخ جي ڊيوٽي لڳائي، کيس فون ڪري اسان جو ٻڌايائين ۽ اسان جي
درخواست تي ان جي نالي نوٽ لکي ڏنائين. اردو ڳالهائيندڙ حيدرآباد واسي ايس ڊي ايم
شوڪت شيخ هن ضلعي ۾ پنهنجي نوڪري دوران حد دخليون هٽائڻ واري سرڪاري مهم ۾ بي ريا
ڪاروايون ڪرڻ جي حوالي سان مشهور هو، اسين هڪ ٽيڪسي ۾ عمرڪوٽ کان ساماري ۾ سندس
آفيس ۾ وڃي ساڻس ملياسين ۽ ڊي سي پاران نوٽ هڻي ڏنل درخواست کيس ڏنيسين، هو هڪدم
تيار ٿيو ۽ اسان کي چيائين مون وٽ پيٽرول ناهي، اوهين منهنجي جيپ ۾ پيٽرول ڀرايو
ته هلون، تڏهن پيٽرول به 10
يا 12 روپيا ليٽر هو، اسان سندس ڊرائيور کي200 روپيا
ڏنا، اهو پيٽرول ڀرائي آيو تيسين ايس ڊي ايم ٿاڻي تي لکپڙه لاءِ پنهنجي آفيس جا 2 ڪلارڪ ۽
تحفظ لاءِ2 پوليس
وارا تيار ڪيا، ايس ڊي ايم ۽ سندس عملو پنهنجي پوٺوهار جيپ ۾ الهرکيو راڄڙ ۽ آئون پنهجي ٽيڪسي ۾ ساماري کان
واپس عرڪوٽ روڊ تي اڌ پنڌ تي واقع بودرفارم ڏانهن روانا ٿياسين، ٿاڻي کان 2
ڪلوميٽر پوئتي روڊ تي گاڏيون روڪي ايس ڊي ايم
زمين تي ٿاڻي جي عمارت جهڙيون لڪيرون ڪڍي پاڻ سميت اسان سڀني کان ڇاپي جي ڪاروائي
جي 2 دفعا ريهرسل ڪرائي، جنهن موجب
ٻنهي گاڏين جي ڊرائيورن ۽ الهرکئي کي پنهنجي پنهنجي گاڏين اندر تيار حالت ۾ رهڻو
هو، ٻنهي ڪلارڪن کي ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ قيد بادل کان سندس گرفتاري جا تفصيل معلوم
ڪري نوٽ ڪرڻا هئا، ايس ڊي ايم ۽ مونکي لاڪ اپ جو معائنو ڪري بادل جي اندر هجڻ جي
پڪ ڪرڻ کان پوءِ ايس ايڇ او جي آفيس ۾ وڃي رڪارڊ چيڪ ڪرڻو هو ته ان ۾ بادل جي داخلا آهي يا نه ۽ ٻنهي پوليس وارن
کي وري ٿاڻي جي عملي پاران ڪنهن قسم جي ردعمل
يا مزاحمت جي صورت ۾ ايس ڊي ايم ۽ سندس ٽيم جي حفاظت ڪرڻي هئي. ٿاڻي تي
پهچي ڊيوٽي تي موجود سپاهي سان تعارف ڪرائي سيکاريل طريقي موجب سڀني پنهنجو پنهنجو
ڪم شروع ڪيو، لاڪ اپ ۾ بادل اڪيلو نه پر پورا 7
مڙس قيد هئا، ڪلارڪن انهن جا تفصيل لکڻ شروع ڪيا، ايس ايڇ او طفيل جٽ روايت موجب
گشت تي هو، وڏو منشي نياز کوسو ايس ڊي ايم جي حڪم تي روزنامچو کولي لاڪ اپ ۾ قيد 7 ڄڻن جي داخلا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي لڳاتار صفحا اڳتي
پوئتي اٿلائي رڳو وقت ضايع ڪري رهيو هو، قيد 7
ڄڻن مان ڪنهن هڪ جي به ڪا داخلا نه هئي، ايس ڊي ايم وڏي منشي کي ڇنڊ پٽيندي بادل
سميت سڀني قيدين کي بروقت آزاد ڪرائڻ لاءِ هن کان لاڪ اپ جي چاٻي طلب ڪئي جيڪا وڏي
منشي کيس ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ايس ڊي ايم وڌيڪ ڪاوڙجي چاٻي نه ڏيڻ جي صورت
۾ وڏي منشي پاڻ کي لاڪ اپ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو جنهن تان وڏو منشي آپي مان نڪري اتي ئي
موجود سندس ٿاڻي جي ڊيوٽي واري سپاهي جي رائفل کسي ايس ڊي ايم تي تاڻي ورتي جيڪا
ايس ڊي ايم جي محافظ پوليس وارن هڪدم کسي کيس چڱو ڪُٽڪو ڏنو ان گوڙ تي ٿاڻي جي
پراڻي يُو شيپ عمارت جي ٻين رهائشي ڪمرن ۾ موجود آپريٽر ۽ ٻيا پوليس وارا جيڪي اڃا
تائين پنهنجي ڪمرن جي درين ۽ دروازن مان لڪي ڪاروائي ڏسي رهيا هئا سي به ظاهرٿي
وڏي منشي کي ڪٽڪي خلاف احتجاج ڪرڻ لڳا، بودرفارم بازار جا ماڻهو به روڊ تي بيهي
تماشو ڏسي رهيا هئا، آپريٽر وڏي آواز ۾ رڙيون ڪري پوليس ڪنٽرول کي آگاهي ڏني، چند
منٽن جي ان افراتفري وچان ايس ڊي ايم به ٿاڻي جي لينڊ لائين فون تان ڪال ڪري ڊي سي
کي وڏي منشي پاران مٿس رائيفل تاڻڻ ۽ 7 ڄڻن جي قيد هجڻ کان آگاه ڪيو، ڊي سي کيس حڪم ڏنو ته “ان کان اڳ جو اهو ڦڏو وڌي، هو
پنهنجي ٽيم سميت ٿاڻو ڇڏي واپس موٽي اچي“. ايس ڊي ايم فون رکندي ئي مونکي چيو “اچو
پاڻ فوري طور ٿاڻي تان نڪري هلون“ مون ٻيهر ڊي سي سان ڳالهائي کيس چيو ته اهڙي
حالت ۾ اسين نڪري وينداسين ته پوليس وارا قيدين کي هتان گم ڪري ڇڏيندا تنهنڪري
پوليس کاتي جي ڪنهن سينئر آفيسر کي موڪليو جيڪو قيدين کي حفاظت سان لاڪ اپ مان
ٻاهر ڪڍي اسانجي حوالي ڪري، ان ڏينهن ضلعي جو ايس پي موڪل تي هو، انچارج ايس پي
عبدالرزاق سومرو اڌ مني ڪلاڪ ۾ اسان وٽ پهتو جنهن سمورا قيدي لاڪ اپ مان ڪڍي بعد ۾
پهتل ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي موبائيل ۾ ويهاري اڳ ۾ ڪيا، ان جي پويان ايس ڊي ايم،
انچارج ايس پي، آخر ۾ الهرکيو ۽ اسين قافلي جي صورت ۾ ڊي سي هائوس تي پهتاسين
ڇاڪاڻ ته شام ٿي چڪي هئي ۽ ڊي سي آفيس تان گهر اچي چڪو هو، جتي ڊي سي اسان کان
خيريت پُڇي ۽ چيو ته اوهان اسان کي وڏي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو هو پر چڱو ٿيو جو اوهان جي
همراه سميت 7ڄڻا آزاد
ته ٿيا، باقي معاملن کي بعد ۾ ڏسنداسين. هن سمورن قيدين کي آزاد ڪري ٻئي ڏينهن اچي
بيان ڏيڻ جو چيو، ايس ڊي ايم اتي پهتل
صحافين آڏو چتاءُ ڏنو ته پوليس اهلڪارن خلاف سندس مدعيت ۾ ڪيس داخل نه ٿيو ته هو
نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏيندو، ڊي سي جو چوڻ هو ته پهرين انڪوائري ڪري پوءِ ضروري هو ته ڪيس به
داخل ڪبو، ٻئي ڏينهن سمورا آزاد ٿيل پنهنجا بيان ڏئي ويا، ايس ڊي ايم ضلعي جي چئني
تعلقن جي ايس ڊي ايمز جي گڏجاڻي اي ڊي ايم ضمير گهمري جي آفيس ۾ ڪوٺائي جنهن ۾
اکين ڏٺي اهم گواه طور مونکي به طلب ڪيو ويو هو، ان گڏجاڻي ۾ ضمير سميت سڀني ايس
ڊي ايمز جو چوڻ هو ته ڊي سي جي پوسٽ سياسي آهي جڏهن ته هو پاڻ غير سياسي آفيسر آهن
تنهنڪري ڊي سي سندن ساٿي سان ٿيل زيادتي جو انڪوائري کان اڳ ڪيس داخل ٿيڻ نه ٿو
ڏي. هنن سڀني جو مون تي زور هو ته انڪوائري ۾ منهنجو بيان اهم هوندو تنهنڪري آئون
ڦري نه وڃان. مون کين يقين ڏياريو ته ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو، ڊي سي پاڻ انڪوائري
آفيسر هو پر بيان وري سندس اي ڊي ايم ضميرگهمري قلمبند ڪيا، ٻه ٽي هفتن جي ڪاروائي
بعد انڪوائري مڪمل ٿي، انڪوائري ۾ تجويز ڪيل سزا موجب ايس ايڇ او کي سب انسپيڪٽر
مان ڊيموٽ ڪري اي ايس آءِ ۽ وڏي منشي کي هيڊ ڪانسٽيبل مان سپاهي ٺاهي ٻنهي کي
نوڪري مان معطل ڪيو ويو جنهن سان ايس ڊي ايم شوڪت شيخ به ٿڌو ٿي ويو۽ معطل ٿيل ٻئي
اهلڪار ڪجه مهينن بعد ٻيهر پنهنجي نوڪرين تي بحال ٿي ويا.
Thursday, 10 April 2014
ايس ڊي ايم تي رائيفل تاڻڻ واري وڏي منشي کي ڪُٽڪو
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو