Pages

Thursday, 10 April 2014

ڳوٺ ساڍر جي کُٿاب خاني جا ڏينهن ۽ راتيون 1

ڳوٺ ساڍر جي کُٿاب خاني جا ڏينهن ۽ راتيون  1

نورمحمد سمون
                  
هاڻ ته هر ڳوٺ ۾ هيڪاندا اسڪول ۽ ديني مدرسا کلي ويا آهن، انهن سرڪاري اسڪولن ۾ ڪٿي ڪٿي ته پڙهڻ توڙي پڙهائڻ واري ڪا پهر ئي ڪانه ٿي هجي جڌهن ته ديني مدرسن ۾ هر لحاظ کان برڪت وڌيڪ آهي، اهي ڏينهون ڏينهن ٿر ۽ اڇڙي ٿر ۾ به نوان کُلي رهيا آهن، هي قرباني جي کلن ۽ چندن تي هلن ٿا جن ۾ طالب به گهڻا ته لنگر توڙي ٻيون سهوليتون به کوڙ هجن ٿيون. ان دور ۾ اسان جي علائقي ۾ پري پري تائين ڪنهن اسڪول يا مدرسي جو ڪو نالو نشان به ڪونه هوندو هو، هي کُٿاب خاني وارو قديم ڳوٺ ساڍراسان جي اباڻي ڳوٺ کارهوڙ کان ڏکڻ طرف اڇڙي ٿر جي ڪيترين ئي ڀِٽن پويان هو. اسان جي ڳوٺ ۾ اسان وٽ ٻين مالدارن وانگر گهڻو مال ته ڪونه هو پر پوءِ به ڪجه ٻڪرين جا پهرو ۽ ڳوٺ جي خوبصورت نظارن واري ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ٻني هئي جنهن ۾ اسين ڪتيء ۾ ڦُٽيون ۽ جنتر ۽ چيٽ ۾ ڄانڀو ۽ توريو (سرنهن) پوکي گذر سفر ڪندا هئاسون، هتي پوکيل فصلن کي پاڻي يا ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت به نه ٿي هجي ڇو جو هي فصل ڍنڍ جي سيلاب واري پاڻي تي ٿين ٿا. وسڪاري ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ ٿيندڙ سخت گرمين ۾ هي فصل سج جي گهڻي تپش برداشت ڪري ڪونه سگهندا آهن ۽ سڙي ويندا آهن. ملڪ ۾ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ڍنڍ جي نارا ڪئنال مان نڪرندڙ ڇنڊڻ کلندي هئي ته ڍنڍ جي ڪناري تي پوکيل سمورو فصل ٻڏي ويندو هو. ڍنڍ جي ڪناري تي رهڻ ڪري اسين هتي ترڻ، مڇين، تترن ۽ سهن جو شڪار ڪرڻ، ماکيون ڇاڻڻ، اُٺن، گهوڙن ۽ گڏهن جي سواري جا شُغل به ننڍپڻ ۾ ئي سکياسين. وسڪاري ۾ اسين روهي ۾ ٿر جا کيٽ به کيڙيندا هئاسين، ٻين مٽن مائٽن جي ٻارن وانگر اسين هتي خوش هئاسين پر اسان جو بابا جيڪو پاڻ به ڳوٺ صاڀي جي ساڳئي قسم جي مڪتب ۾ پنهنجي ٻن ڀائرن حاجي عبدالرحمان ۽ مولوي محمد رمضان سان گڏ قرآن شريف ۽ ڪجه سنڌي ڪتاب پڙهيو هو تنهن مون کي به ضرور پڙهائڻ لاءِ پهرين سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ڀٽ ڀائتي جي هاءِ اسڪول ۾ عربي جي استاد ۽ اسان جي مائٽ مولوي قمرالدين وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، مولوي صاحب مون ۽ پنهنجي ننڍي پُٽ امان الله کي پرائمري اسڪول ۾ پهرئين درجي ۾ گڏ داخل ڪرائڻ کان پوءِ روزانو اسڪول ۾ ڇڏي پاڻ انگريزي اسڪول ۾ عربي پڙهائڻ هليو ويندو هو پٺيان اسين ٻئي پنهنجي استاد کان پاڻي پيئڻ جي موڪل وٺي اسڪول مان نڪري ڳوٺ جي وڏي قبرستان جي ڀر واري جهنگ ۾ لڪي ويندا هئاسين ۽ موڪل جي وقت واپس گهر ايندا هئاسين، بابا ٻه اڍائي مهينن کان پوءِ جڏهن ڀٽ ڀائتي اچي مون کان ان عرصي دوران پڙهيل سبق ٻُڌائڻ لاءِ چيو ته پاڻ ڏاڍو مايوس ٿيو جو مون کي  اڃا الف ب به ياد ڪونه هئي، آئون اڃا تائين جهڙو ڳوٺان آيو هئس اهڙوئي ويٺو هئس. امان الله سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان ننڍو ۽ ماءُ پيءُ جو لاڏلو پٽ هو تنهنڪري اُهي مٿس ڪا سختي به ڪونه ڪندا هئا مائٽن جي لاڏ ڪوڏ جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس ٽيئي وڏا ڀائرحامدالله، هدايت الله ۽ جمال الدين  پڙهي نوڪرين ۾ لڳا پر امان الله ڪونه پڙهي سگهيو ۽ هاڻ ڳوٺ جي رئيس سهراب خان مري وٽ ڊرائيور آهي.
بابا مونکي ڀٽ ڀائتي کان واپس پهرين اڇڙي ٿر واري ڳوٺ ۽ بعد ۾ اُتان اُٺ تي کڻي اچي هن اسڪول واري ڳوٺ ۾ اسان جي هڪ مائٽ استاد محمد جمعن سمي وٽ ڇڏيو، جتي منهنجا 2 وڏا سئوٽ، پوليس آفيسر يعقوب سمون ۽ استاد حڪيم محمد يوسف سمون مون کان اڳ پڙهي چڪا هئا، منهنجو ننڍو ڀاءُ نوراحمد بعد ۾ پڙهڻ آيو هو. هي استاد اصل اڇڙي ٿر جي ڳوٺ گجڻهور جو رهواسي هو، ساڍر ۾ پڙهي ماستري ملڻ کان پوءِ هن ئي ڳوٺ ۾ رهي پيو آهي. رات جو استاد جي گهر ۾ ٻين کٿابين سان گڏ ڇيڻي واري اوٽي تي رلي وڇائي سمهي پيس، صبح جو سوير سڀني ٻارن سان گڏ مون کي به  مسجد ۾ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ وڃڻو پيو، اسڪول جو هيڊ ماستر مرحوم حاجي عبدالرزاق ڪنڀار مسجد ۾ نماز جي امامت ڪندو هو ۽  ٻارڙن کي قرآن شريف پڙهائيندو هو، گڏوگڏ ڳوٺ جي پوسٽ آفيس به هلائيندو هو، هو فرشتا صفت انسان هو، سندس چارئي پُٽ به ان وقت مختلف کاتن ۾ وڏن عهدن تي نوڪريون ڪندا هئا، ننڍي ۾ ننڍو پُٽ نورمحد پرڏيهي کاتي ۾ اڃا به آفيسر آهي، پروفيسر اسحاق زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام  مان، غلام حسين پوليس مان ۽ ڊاڪٽر گل محمد فوج مان رٽائر ٿيا آهن.
مسجد مان موڪل ٿيڻ کان اڳ ئي بابا مون لاءِ خرچي طور ڪجه روپيا استاد کي ڏئي کيس منهنجي پارت ڪري اُٺ تي چڙهي روانو ٿي ويو، مسجد مان موڪل ٿي ته سڀ کٿابي اسڪول جون پٽيون کڻي اسڪول وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳا پر مون کي اهو ماحول صفا پسند نه پيو اچي سو پٽي پنهنجي جاءِ تي رهي آئون بابا واري اُٺ جو پيرو کڻي پويان لڳس، ڪافي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪجه ڇوڪرا اچي رسيا اهي مون کي ٽنگو ٽالي ڪري واپس استاد وٽ وٺي آيا، اهو اسڪول ۾ منهنجو پهريون ڏينهن هو تنهنڪري مار ته ڪونه ملي پر وڏن شهپرن واري هن استاد محمد جمعن سمون صاحب جو رڳو دڙڪو به اهڙو هوندو هو جو مون سميت ڪيترائي ٻار شلوارن ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندا هئا. هتي سمورن کُٿابين جي کاڌي پيتي جي بندوبست لاءِ ڪوبه رڌڻو يا چلهو ڪونه هو صرف ڳوٺ جي هر گهر مان ملندڙ هڪ هڪ ماني تي گذران هوندو هو، مڇي ماني وارا ته پنهنجي جاءِ تي پر غريب هارين ۽ پورهيتن جي گهرن مان به وڏي شوق سان هڪ هڪ ماني ملندي هئي ۽ رهائش لاءِ ڳوٺ جي زميندارن پنهنجي طرفان ڪجه ڪمرا اڏائي ڏنا هئا. اسڪول جي پڙهائي دوران اڌ                  

ليکڪ جي کُٿاب خاني واري وقت جي هڪ تصوير
            



ڪلاڪ جي رسيس بعد وري پڙهائي شروع ٿيندي هئي، رسيس ۾ وڏا ٻار ٻن ٻن جي ٽولين ۾ ڪوپر جو ٿاله ۽ وڏو لوٽو کڻي سڄي ڳوٺ جي هڪ هڪ گهر مان هڪ هڪ ماني وٺندا هئا، جيڪي عورتون ڀاڄيون پچائينديون هيون سي ڀاڄيون ماني مٿان وجهي ڏينديون هيون، اسين کُٿابي ڳوٺ جي هر پوڙهي توڙي جوان عورت کي ماسي ڪوٺيندا هئاسين، ڳوٺ جا سمورا رهواسي توڙي استاد اسان کُٿابين کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندا هئا، حاجي جان محمد پلي، ففَير طالب راڄڙ، علامه اقبال يونيورستي جو هڪ اڳوڻو ڊائريڪٽر محمد حسن آريسر، ڪامريڊ ابراهيم آريسر، وڏيرو علي احمد پلي، مدد علي پلي، ڀر واري شهر جي هاءِ اسڪول جو استاد مير حسن پلي ۽ ڪجهه ٻيا مانوارا، جن جا نالا هاڻ ياد ناهن رهيا، اُهي وري کُٿابين تي خاص مهربان هوندا هئا، اوير سوير کُٿاب خاني جو چڪر هڻي نگران استاد جمعن سان ملي کُٿابين کان به حال احوال وٺندا رهندا هئا، موڪلن ۾ ڳوٺن ڏانهن ويندڙ پري وارن کُٿابين کي ريل ۽ ڪيڪڙن جو ڀاڙو ۽ خرچي به ڏيندا هئا ڪو بيمار ٿيندو هو ته ڳوٺ جا ڊاڪٽر گل محمد، ڊاڪٽر غلام نبي پلي يا رمضان ڪنڀار مفت علاج ڪندا هئا، ڪجه کُٿابي فقير حيات مڱرئي کان تعويز، ڌاڳا ۽ ڦيڻا به ڪرائيندا هئا. اسان لسي، کير ۽ ڌونئرو هڪ ئي لوٽي ۾ مڪس ڪري کڻي ايندا هئاسين، رات جو به ساڳئي طرح ماني گڏ ڪبي هئي جيڪا استاد پاران مقرر ڪيل ڇور جو رهواسي کٿابي شير محمد راڄپر، جيڪو مانيٽر هو سو پهرين ڳڻپ ڪري پوءِ ٻارن کي ورهائي ڏيندو هو. مانيون اڪثر بچي پونديون هيون جيڪي رات جو کاري هيٺان ڍڪي صبح جي ناشتي لاءِ رکنداهئاسين ته انهن تي وري ڳوٺ جا ڪتا حملو ڪري ڏيندا هئا پوءِ اسين سڀ گڏجي انهن ڪتن کي ماني جي ٽڪرن تي لالچائي ڪمري ۾ بند ڪري ڏنڊن سان ڪُٽي جان کان ماري ڇڏيندا هئاسين. اسان جو هڪ مائٽ کُٿابي شوڪت سمون جيڪو هاڻ پوليس کاتي ۾ جمعدار آهي اهو ڪتا مارڻ جو وڏو ماهر هو، ڪهڙو به حرامي ڪتو هجي پر هن کان نه بچي سگهندو هو.
اسڪول جي هيڊ ماستراستاد حاجي عبدالرزاق ڪنڀاراستاد جمعن کي هن کُٿاب خاني جو وارڊن مقرر ڪيو هو جتي ان وقت اسين اڇڙي ٿر ۽ کوکروپار واري علائقي جا 80 کان هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ٿر جي غريب خاندانن جا ٻار سندس نظرداري هيٺ رهندي پڙهي رهيا هئاسين، تڏهن منهنجي ڄمار صرف 5 سال هئي، ٻه ننڍيون رليون، هڪ وهاڻو۽ ڪپڙن جا هڪ ٻه وڳا، ڪاٺ جي پٽي ۽ پٽي ميٽڻ لاءِ ميٽ جي ننڍي چڪي منهنجو  شروع ۾ سڀ سامان هو جيڪو مون کي هتي ٻين ٻارن سان گڏ رهندي سنڀالي رکڻو ۽ پڙهڻو به هو، رات جو پنهنجو بسترو پاڻ وڇائڻو صبح جو ويڙهڻو، آچر جي موڪل واري ڏينهن پاڻ وهنجڻو ۽ پاڻ ڪپڙا ڌوئڻا هوندا هئا، اڪثر ڪپڙن سميت وهنجبو هو جنهن سان ڪپڙا به ڪنهن حد تائين ڌوپجي ويندا هئا. پهريون ۽ ٻيو درجو  استاد جمعن، ٽيون حاجي عبدالرزاق، چوٿون ۽ پنجون درجو استاد محسن آريسر پڙهايا، استاد ولي محمد آريسر به اتي مقرر هو جيڪو انهن ئي ڏينهن ۾ نوڪري دوران لاڏاڻو ڪري ويوهو جنهن بعد مرحوم استاد ممتاز پلي نئون نئون ڀرتي ٿي آيو هو. انگريزي ڇهون ۽ ستون درجو نيوڇور جي رهواسي استاد يار محمد ڪنڀار وٽ پڙهياسين، هي سڀني کان صحتمند استاد ٻارن جي مستي، پڙهائي ۾ ڪوتاهي يا هوم ورڪ نه ڪري اچڻ تي ان ئي حساب سان اسپيشل، وچولي يا سادي چماٽ هڻندو هو جنهن بدنصيب کي استاد جي اسپيشل ڇماٽ لڳندي هئي ان جي شلوار پاڻي ۽ ڳل ڳاڙهو ٿي ويندو هو، ڪنن مان ڪيترن ئي ڏينهن تائين سُو سُو جا آواز پيا ايندا هئا. ٻارن کي مار لاءِ استاد جمعن ۽ ولي محمد ڄار جو لڪڻ ۽ حاجي عبدالرزاق جنڊي چڙهيل ٿُلهو رُول هر وقت پنهنجي ميز تي رکندا هئا، استاد محسن جي هٿ ۾ به اڪثر لڪڻ هوندو هو پر هو ٻين استادن وانگر ان جو گهڻو استعمال نه ڪندو هو، ڪيتري به مار ملي پر ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي جو گهر ۾ ان جي ڳاله ڪري. آئينده موقعو مليو ته هنن استادن تي الڳ به لکبو.
 1929ع ۾ کليل هن اسڪول ۾ اسان جي دور ۾ به انتظام ۽ پڙهائي بهترين هئي، حاجي عبدالرزاق هيڊ ماستر هو ته ان وقت سمورا نائب استاد سندس شاگرد هئا ساڳئي ريت  جڏهن استاد جمعن هيڊ ماستر ٿيو ته به سمورا نائب استاد، استاد جمعن جا شاگرد هئا تنهنڪري انهن ٻنهي دورن ۾ استاد هوندي به نائب استاد هيڊ ماسترن کان شاگردن جيتروئي ڊڄندا هئا، استاد جمعن جي دور ۾ هڪ ڀيري رسيس کان پوءِ ٿوري دير ڪري اچڻ واري استاد گل محمد پلي جي هڪ دفعو همت ئي نه ٿي جو هو اسڪول جي مين دروازي مان داخل ٿي اندر اچي! ڇو ته هيڊ ماستر سامهون ويٺل هو تنهنڪري هي استاد به پنهنجي ڪلاس جي دري مان اندر اچي پڙهائڻ شروع ٿي ويو. هتي پڙهائي دوران استاد اسلم آريسر، ڪيناڊا ۾ انجنيئر رشيد جادماڻي، مرحوم ايوب آريسر، اسماعيل ڪنڀار،الياس آريسر، ٽي ايم پلي ۽ ٻيا منهنجا ڪلاس فيلو هئا.
انهن ڏينهن ۾ مون سان ٻه موتمار واقعا به پيش آيا. اسان کُٿابين جا اڇڙي ٿر وارا مائٽ اسان سان ملڻ لاءِ اُٺن تي چڙهي ايندا رهندا هئا، انهن اُٺن جي چاري لاءِ گاه جو بندوبست اسان کُٿابين کي ئي ڪرڻو پوندو هو، هڪ ڏينهن ٻه اُٺ گڏ اچي ويا سو هڪ تي ڪو ٻيو کٿابي ۽ ٻئي تي آئون چڙهي لاڻو گاه وڍڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلوميٽر پري ڇورواه ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ اسان پاڻ ۾ ٻنهي اُٺن جي ريس رکي ڊوڙهائڻ شروع ڪياسين، اسين ٿر ۾ اڪثر اُٺن جي ڊوڙه رکندا رهندا هئاسين، اتي ٿر جا کليل ميدان هوندا هئا سو ڪڏهن به ڪونه ڪرياسين پر هتي بئراج ايريا جي آباد زمينن جي وچ واري سوڙهي پٽڙي تي ريس دوران مون واري اُٺ اوچتو سامهون ايندڙ بيل گاڏي ڏسي کاٻي طرف گُهت هنئي ته آئون جيڪو بنا پلاڻ جي اُٺ جي اگهاڙي پُٺي تي ويٺل هئس سو ساڄي پاسي ڪري بيهوش ٿي پيس پوءِ بيل گاڏي وارو مسعود پلي مون کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻي آيو، ٻه ڏينهن کان پوءِ هوش ۾ اچڻ تي خبر پئي ته ساڄي ٻانهن ڀڳل هئي جيڪا هڪ ڪنڀار ڪاريگر ڪيتريون ئي پٽيون ٻڌي واپس جوڙي ڇڏي. ٻيو واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن هڪ دفعي اونهاري جي موڪلن کان پوءِ اسڪول کليا ته اسڪول جي نم هيٺان برسات جو  گهڻو پاڻي وهڻ ڪري نئي ٺهي وئي هئي، آئون پنهنجي سليٽ کي گاڏي جي اسٽيرنگ وانگر گهمائيندي منهن مان گاڏي جي انجڻ جهڙو آواز ڪڏندي ان نئي ۾ تيز ڊوڙهي رهيو هئس ته ان نم ۾ ٻڌل ريل جي پٽڙي جو ٽڪر جيڪو اسڪول جي بيل جو ڪم ڏيندو هو سو لڳڻ ڪري مٿو ڦاٽي پيو، هڪ هفتي تائين اسڪول کان موڪل ڪري پٽيون ٻڌي سُتل رهيس بابا جڏهن ڏسڻ آيو ته ڀوڳن ۾ چوڻ لڳو تنهنجو مٿو ڦاٽو سو ٺيڪ ٿي ويندو پر سٺو ٿيو جو سرڪاري ريل جو ٽڪر ڪونه ٽٽو.
1920ع واري ڏهاڪي جي ٺهيل عاليشان عمارت واري اها جامع مسجد اڄ به ڏاڍي آباد آهي، جنهن ۾ اسان حاجي عبدالرزاق، ٽنڊي آدم واسي مولوي عمر ڏاهري ۽ مولوي عثمان آريسر وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو، هتي صبح جو سوير قرآن شريف جو سبق ملندو هو، وچين جي بانگ ۽ نماز جي وچ ۾ ڇه ڪلما، آيت الڪرسي، دعا قنوت، درود شريف، ايمان ۽ ٻيا بنيادي ديني فرض، سنتون ۽ نفل برزبان ياد ڪرايا ويندا هئا جيڪي بعد ۾ بچاءُ واري کاتي ۾ ڪميشن جي امتحان وقت به وڏي ڪم آيا جو اهي سڀ ٻين اميدوارن وانگر نئين سر ياد ڪونه ڪرڻا پيا ۽ اڃا تائين به ياد آهن. ان دور ۾ اسان ٻارن کي مولوين ۽ استادن پاران سڀني نمازن لاءِ تاڪيد ڪيو ويند هو پر اسين ڪلما پڙهائي واري وچين نماز ۽ جمعي نماز ضرور پڙهندا هئاسين. مسجد ۽ اسڪول جي وچ ۾ واقع ان کُٿاب خاني ۽ ان جي ڀر واري وڏي پلاٽ تي هاڻي کُٿاب خاني  بدران هڪ وڏو ديني مدرسو آهي، انساني آبادي وڌڻ سان گڏ ڳوٺ ۾ اسڪولن جي آبادي به وڌي وئي آهي ان دور جي هڪ اسڪول بدران گذريل چار ڏهاڪن دوران ڳوٺ ۾ چوڏهن ٻيا سرڪاري اسڪول کُلي ويا آهن پر انهن چوڏهن اسڪلولن ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن جي تعداد کان هن هڪ مدرسي ۾ وڌيڪ طالب پڙهن ٿا، جيڪي اڃا به ساڳئي طرح هڪ هڪ گهر مان مانيون وٺڻ وڃن ٿا، ساڍر واسي دوست غلام محمد پلي ۽ اسلم آريسر ٻُڌائيندا آهن ته طالب جڏهن سندن گهرن مان مانيون وٺڻ ايندا آهن تڏهن کين پراڻو زمانو ٻيهر ياد اچي ويندو آهي. مهتمم مولانا ذوالفقارعلي پلي ۽ مولانا عبدالرحمان پلي جي نگراني ۾ هلندڙ هن مدرسي ۾ هن وقت ست استاد مقرر آهن جيڪي قرآن شريف سان گڏ عربي به پڙهائين ٿا.
ڳوٺ ۾ تڏهن گهرن ۽ اوطاقن کان پري رڳو هڪ ڪمري واري ريلوي اسٽيشن ۽ سيٺ شفيع محمد جو هڪ ئي دُڪان هوندو هو جيڪو ابوالحسن آريسر۽ ڌنو ميگهواڙ هلائيندا هئا، جنهن تان ٻيڙيون وغيره گهرائڻ لاءِ استاد سليٽ تي چٺي لکي ڏيندا هئا جيڪا اسين دڪاندار کي پڙهائي سامان وٺڻ کان پوءِ ميساري ڇڏيندا هئاسين، هاڻ اتي سيٺ علام حسين جو پيٽرول پمپ، مارڪيٽون، هوٽلون، مانڊڻيون ۽ ڪولڊ ڪارنر وغيره ٺهي ويا آهن، ڪريم جي ڪيڪڙي وارو ڪچو رستو پڪي روڊ ۾ بدلجي ويو آهي، جوڌپور جي راجا پاران وڇرايل ننڍي ريل پٽڙي جي جاءِ تي جنرل مشرف دور ۾ وڏي ريلوي لائين وڇائجي وئي آهي. وڏو وقت واريء وانگر هٿن مان وهي ويو آهي پر اسان کي ٻين سڀني ڳالهين سان گڏ هن ڳوٺ جي پيرسن نمري ڪنڀار جو ٿانو ٺاهڻ وارو تيز ڦرندڙچڪ، اومي ميگهواڙ جو کلن جي رڱاوت وارو ماٽو۽ جڏڙي ۽ ٿوٿلي ڌڻار ياڪي راڄڙ جون اُهي ڪُوڪُون به ڪڏهن ڪونه وسرنديون جيڪي ٻُڌي سندس ٻڪريون مڙي گڏ ٿينديون هيون.       


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو