An untold story from Umerkot
عمرڪوٽ شهر کي هندستاني فوج جي قبضي کان بچائڻ واري جنگ
۾ آئون به هجان
نورمحمد سمون
گذريل سوا صدي دوران ٿر ۾ 6 سال لڳاتار جاري رهندڙ “ڇپني
ڏڪار” سميت کڻي ڪيترا به “ٻِٽڙيا” (2 سال لڳاتار) يا يڪ ساله ڏڪار، لُوس (ٻي
مهاڀاري لڙائي دوران آمريڪا پاران جاپان جي شهرن هيروشاما ۽ ناگاساڪي تي ڪيرايل ايٽم
بمن جي تابڪاري اثرن سبب ٿر ۾ صرف چند ڏينهن اندر سوين ماڻهو ڪُڪُڙين وانگر مري
ويا هئا، انهن تابڪاري اثرن کي هتي لُوس چيو وڃي ٿو) ۽ لڙايون وغيره آيون انهن سان
هتي کڻي ڪيڏيون به وڏيون تباهيون ۽ برباديون آيون پر ٿر وارن غريب ۽ سخت جان مارُو
ماڻهن، انهن سڀني آفتن جو وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڌرتي سان، مارئي
جي امر ڪردار جي لازوال محبت جو تسلسل برقرار رکندا آيا آهن.
ان صدي _ سوا دوران ملڪ ۾ شامل ٻيا سمورا پرڳڻا اڳ ۾ ئي تاريخ
جي بي رحم چاقو سان ڪيڪ وانگر ڪٽجي ٻن ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪاهئا، بلوچستان وري ٽن
ملڪن، پاڪستان، ايران ۽ افغانستان ۾ ورهايو ويو هو پر سونهاري سنڌ، ملڪ جو اهو
واحد خوشنصيب پرڳڻو آهي جنهن جي ڄايل سپُوتن مذهب، عقيدي يا سياسي فائدي لاءِ
پنهنجي ڌرتي جي ورهاڱي جي هر دور ۾ سخت مخالفت ڪئي هئي. سنڌ تي ميرن جي صاحبي
دوران اٽڪل ٽيهارو سالن تائين سمورو ٿر سوڍن جي صاحبي ۾ رهڻ، سڄي سنڌ، انگريز راڄ
دوران وڏو عرصو بمبئي پرڳڻي جي ڊويزن واري حيثيت ۾ رهڻ ۽ ٿرپارڪر ۾ آزادي وقت هندن
جي اڪثريت هجڻ جي بنياد تي ڪانگريس جا چوٽي جا اڳواڻ نهرو، پٽيل ۽ ٻيا تڏهوڪي
ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪن 4 ضلعن واري هن ايراضي کي پاڻ ڏانهن سورڻ جون وڏي پيماني تي ڪوششون
شروع ڪري چڪا هئا، انهن ڪوششن جي ناڪامي جو ذڪر تازو ڪراچي آيل مهاتما گانڌي جي
پوٽي راج موهن گانڌي به هتي وڏي ڏُک مان هنن لفظن سان ڪيو هو ته “سنڌ مان لڏي ويل
سنڌي هندن کي هندستان اندر ڌرتي ڪانه ملي سگهي هئي ..........”. سنڌ جي ورهاڱي جي
انهن ڪوششن کي ناڪام بنائڻ لاءِ هتان جا هندو واپاري، صنعتڪار، سوڍا ۽ راٺوڙ ٺڪر زميندار
سرگرم ٿيا هئا، ٻنهي آزاد ٿيندڙ ملڪن جي حدن جو دنگ ڇڪجڻ کان اڳ ئي هندستان جي
آخري وائسراءِ جي نمائندن ۽ مقامي انگريز عملدارن سان ڪيترائي ڀيرا ملي لکت ۾ ان
شازش جي مخالفت ڪيائون ۽ ان ۾ ڪامياب به ويا پر افسوس جو تاريخ ۾ ان جو تمام گهٽ
ذڪر ملي ٿو. هي ان دور جا ٿرواسي سرگرم
اڳواڻ به سڄي هندستان جي انهن پنهنجي ڌرتي جي خيرخواه ڪاروباري ماڻهن جو تسلسل هئا
جن اتر کان اچي سوين سالن تائين هندستان تي راڄ ڪندڙ مسلمان بادشاهن جي بادشاهتن
جي به ڪنهن حد تائين سرپرستي ڪئي هئي، انهن سمورن بادشاهن مان عمرڪوٽ ڄائو اڪبر
باد شاه هنن محب وطن ماڻهن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو هو جنهن انهن جي ئي اثر هيٺ “آئين
اڪبري” لکايو ۽ “اڪبرِ اعظم” بڻيو هو.
1971ع
واري جنگ جي هڪ غازي، فقير متاري مڱرئي جو چوڻ آهي ته “لڙائي دوران هندستاني فوج
اُتر ٿر جا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ جهڙوڪ گڊڙو، ڇاڇرو، ڪانٽيو، کينسر، ڏاهلي ۽ نيوڇور
وغيره تي قبضو ڪري انهن کي ڦري، لٽي تباه ڪري عمرڪوٽ ڏانهن پيشقدمي ڪري رهي هئي.
تاريخي شهر عمرڪوٽ جي ٻاهران، “پنجا تلي” نالي ترائي لڳ اسين حُر مجاهد، اڳوڻي
ضلعي ناظم عمرڪوٽ مگهن مڱريو جي والد ۽ حُرن جي عمرڪوٽ ڪمپني جي ڪمانڊر مرحوم فقير
تُرڪو مڱريو جي اڳواڻي ۾ اڳ ۾ ئي عمرڪوٽ شهر جي دفاع لاءِ پنهنجي مورچن ۾ موجود
هئاسين. 14 ۽ 15 ڊسمبر جي وچ واري رات اسان کي اطلاع مليا ته هندستاني فوج جي 18
مدراس رجمينٽ عمرڪوٽ_ ڇاڇرو جي پراڻي ڪيڪڙن واري ڪچي رستي ذريعي عمرڪوٽ جي تاريخي
شهر کان صرف 5 ڪلوميٽر اوڀر طرف، (اسان جي مورچن کان صرف ڏيڍ ڪلوميٽر) ڳوٺ هڱورو
تڙ جي اوله واري ان اُڀ ڪپي (اٽڪل 100 ڊگرين جي چڙهائي واري) اونچي ڀِٽ جي آڙ ۾ پهچي،
سمورن وڏن ۽ ننڍن هٿيارن ۽ بمبارهوائي جهازن جي ڀرپور مدد سان عمرڪوٽ جي تاريخي
شهر تي قبضي جون تياريون ڪري رهي آهي”. اسان جي ڪمانڊر فقير تُرڪي مڱرئي هندستاني
فوج جي ايڏي وڏي تعداد، تيارين ۽ ارادن کي
ڏسندي پنهنجي مدد لاءِ وڌيڪ فوج طلب ڪئي. 16 ڊسمبر تي سانجهيء ٽاڻي ڇور ڇانوڻي کان
26 بلوچ رجمينٽ جي هڪ ڪمپني، تڏهوڪي ڪيپٽن (بعد ۾ برگيڊيئر) ممتاز خان جي اڳواڻي ۾
اسان وٽ پِنجا تلي ترائي تي پهچي ساڄي طرف پنهنجا مورچا کوٽي ورتا. اسان جي مقابلي
۾ هندستاني فوج جي هتي انگ ۽ هٿيارن ۾ 20 هُوڻ تي برتري کي ڏسندي اسان جي ٻنهي
ڪمپني ڪمانڊرن عمرڪوٽ جي تاريخي شهر کي هندستاني فوج جي قبضي کان هر صورت ۾ بچائڻ
لاءِ تمام جلد يعني ٻئي ڏينهن صبح سوير 18 مدراس تي اوچتو ۽ “آر يا پار” (فيصله
ڪُن) حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.”
فقير متارو مڱريو جنگي معرڪي واري اونچي ڀِٽ
تي هندستاني مورچا ڏيکاري ٿو ۽ ڳاڙهي دائري ۾ عمرڪوٽ شهر نظر اچي رهيو آهي
فقير متاري مڱرئي
جو چوڻ آهي ته “ ڪيپٽن ممتاز هن ڪاروائي لاءِ پنهنجي اڳواڻي ۾ اسان جي ٻنهي ڪمپنين
مان صرف 45 جانثار نوجوانن جي چونڊ ڪئي، جن مان هڪ آئون به هجان، اسين 17 ڊسمبر جي
صبح جو اٽڪل 5 وڳي پنهنجا ذاتي هٿيار ۽ بارود کڻي مورچن مان نڪري هڱورو ڀِٽ ڏانهن
وڌياسين، ڪيپٽن ممتاز جي سيکاريل طريقي موجب “نعرو لڳڻ کان پوءِ ڪنهن به هدايت يا
مشوري کان سواءِ هر ڪو پنهنجي مرضي سان ڪاروائي ڪندو رهي” سو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ
اسان اُڀ ڪپي هڱورو ڀِٽ جي پيرن ۾ پهچي، “اللهُ اڪبر” ۽ “ڀيڄ پاڳارا” جا پُرجوش نعرا
هڻندي، هڪ ساهي ۾ ڀِٽ جي چوٽي تي چڙهي دشمن مٿان وِڄ وانگر ڪڙڪي پياسين، پنهنجي
طاقت ۽ 15 ڏينهن جي جنگ دوران هر محاذ تي پنهنجي بالادستي جي نشي ۾ مست هندستاني فوج
کي هتي اسان جي ٿوري تعداد پاران اهڙي اوچتي ۽ جارحانا ڪاروائي جو ڪو خطرو ته نه هو پر پوءِ به دشمن
جي مورچن ۾ ويٺل جوانن اسان جي حملي جي سخت مزاحمت ڪئي، انهن جا آفيسر اڃا ستل هئا
جن مان گهڻا مارجي ويا، آفيسرن سميت دشمن جا 49 ڄڻا مارجي ويا ۽ 13 گرفتار ڪياسين
جن مان ڪجه زخمي هئا، جيڪي بچيا تن جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ جي ڪئي ۽ ڀڄندي ڀڄندي اسان
مٿان فائر جاري رکيائون. هتي اسان جا 4 بهادر جوان، هر هڪ سپاهي محمد اشرف، سپاهي
محمد ايوب، سپاهي مشتاق حسن ۽ سپاهي عبدالقادر شهيد ٿيا. جن سڀني جو تعلق 26 بلوچ
رجمينٽ سان هو. هڱورو ڀِٽ تي اٽڪل اڍائي يا 3 ڪلاڪن جي ان جنگ کان پوءِ اسان
پنهنجي شهيد ٿيل جوانن جا لاش اسپتال ڏانهن اماڻيا، ايتري ۾ پويان اسان جي دفاع ۾
ويٺل ٻيا دوست به پهتا، اهي ڀڄندڙ دشمن جو پيڇو ڪرڻ چاهيندا هئا پر ڪيپٽن ممتاز
کين روڪيندي چيو ته “پنهنجو مقصد دشمن کي هتان ماري، ڀڄائي، عمرڪوٽ تي قبضي جا
ارادا ناڪام ڪرڻ هو، اهو پاڻ حاصل ڪري ورتوسين، هاڻ انهن جو پيڇو ڪرڻ جي ضرورت
ناهي” اسان اتان آفيسرن جي 2 ٽويوٽا جيپن سميت ڪُل 9 گاڏيون ۽ تمام گهڻو بارود ۽
راشن وغيره به هٿ ڪيو، جيڪي هو اتي ڇڏي ڀڳا هئا، اهو بارود پوءِ اسان جون گاڏيون
هڪ هفتي تائين ڍوئينديون رهيون. جنهن بعد دشمن جي مارجي ويل 49 ڄڻن کي هڪ ئي اجتماعي
قبر کوٽي ان ۾ دفن ڪيوسين”
عمرڪوٽ جو هي اڳوڻو تعلقه ميونسپل آفيسر فقير متارو مڱريو
هي احوال ڍوريناري شهر ۾ پنهنجي دڪان تي ويهي ڪري رهيو هو، اسان کيس وڌيڪ احوال ان
ساڳئي هڱورو ڀِٽ تي هلي ڏيڻ جو چيوسين ته هو ان مهل ئي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پوءِ
کيس گرم موسم جو احساس ڏياريوسين ۽ ٻئي ڏينهن جو پروگرام ٺاهيوسين، ٻئي ڏينهن صبح
سوير هن جنگي معرڪي واري سرزمين تي وياسين، جتي هن پنهنجي تيز يادداشت جي بنياد تي
هڪ هڪ جاءِ ڏيکاري، عمرڪوٽ کان ڇاڇري ڏانهن ويندڙ پراڻو ڪچو رستو، پنجا تلي واري ترائي، شاه بُخاري جي مزار،
پنهنجا مورچا، دشمن جا مورچا، ڪيمپ، آفيسرس ميس، لنگر، گاڏيون، بارود، راشن وغيره
ملڻ واري جاءِ ۽ خاص طور هندستان جي هتي مارجي ويل فوجين جي اجتماعي قبر واري جاءِ
به ڏيکاريائين، سندس خيال هو ته اتي انهن دفنايل فوجين جي لاشن جون هڏيون به
هونديون پرڪافي دير تائين اسان ٻنهي ۽ ڊرائيور علي حسن ميراسي پاران ڌار ڌار
مُهاڳا کڻي ڳولڻ باوجود به هڏيون نظر ڪونه آيون شايد گذريل سوا چار ڏهاڪن دوران
ڏکڻ جي تيز هوائن سبب انهي اجتماعي قبر مٿان اڃا به وڌيڪ واري وري وئي هئي، بعد ۾ اُتان
مقامي اسٽيشن هيڊ ڪوارٽر پاران عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي اندر عجائب گهر سان لڳولڳ شهيد
ٿيندڙ جوانن جي ياد ۾ ٺهرايل يادگار تي آياسين ته اتي به جنگ جا ساڳيا مختصر انگ
اکر لکيل هئا جيڪي فقير متاري مڱرئي ٻڌايا.
عمرڪوٽ قلعي اندر ٺهيل هڱورو ڀِٽ جي شهيدن جو
يادگار
فقير متاري مڱرئي جو چوڻ آهي ته “آئون جنگ کان اڳ شهر ۾
پنهنجو ڪپڙي جو دڪان هلائي رهيو هئس، حڪومت پاران جنگ جون تياريون شروع ٿي چڪيون
هيون، جنگ لاءِ حُرنوجوانن کي ڌڙاڌڙ ڀرتي ڪيو پئي ويو، پنهنجي ٻين دوستن کي جنگ ۾
حصو وٺڻ لاءِ ڀرتي ٿيندو ڏسي مون کي به ڀرتي ٿيڻ جو شوق جهل نه پيو ڏي، منهنجي
چاچي حاجي ولي محمد مڱرئي مون کي منع ڪندي چيو به هو ته اسين سڀ جنگ ۾ شريڪ آهيون
سو تنهنجي ضرورت ناهي پر آئون سندس منع باوجود پنهنجو دڪان بند ڪري نيوڇور ۾ ڀرتي
آفيس تي پهچي ڀرتي ٿي ويس، هڪ مهيني جي بنيادي تربيت بعد مون کي عمرڪوٽ ڪمپني ۾
شامل ڪيو ويو هو ۽ اسان جي ڪمپني کي جنگ کان هڪ مهينو اڳ پنجا تلي ترائي تي مقرر ڪيو
ويو. هن ڪمپني ۾ ڳوٺ ڊيٻي وارو حاجي راڄڙ، سانگهڙ وارو اسحاق خاصخيلي، کارهوڙ وارو
مير راڄڙ، نُونهيون وارو شيرمحمد ابڙو،
ٽيڀري واري امام بخش ڀنڀري سميت هڪ سئو کن حُر شامل هئا. ان وقت آئون سپاهي
طور شامل هئس، هر سال ٿيندڙ تربيت ۾ حصو وٺندو رهيس، سال 1990ع تائين حوالدار جي
عهدي تي پهتو هئس ته ان سال حُر آفيسرن جي ڪجه جائين تي ڀرتي لاءِ امتحان ورتو پئي
ويو، مون به چوٽياريون واري فقير لقمان راڄڙ، سنجهوري واري فقير منٺار وساڻ ۽ ٻين سان گڏ آفيسر ٿيڻ لاءِ فارم ڀرايو هو ۽
جڏهن حيدرآباد وياسين ته اتي خبر پئي ته ممتاز نالي ڪو برگيڊيئر ان بورڊ جو سربراه
آهي، مون کي ايڪهتر وارو ڪيپٽن ممتاز ياد آيو، سندس آفيس جي اسٽاف کان پڇا ڪيم ته اهو
برگيڊيرممتاز، 26 بلوچ رجمينٽ وارو اڳوڻو ڪيپٽن ممتاز ته ناهي؟ انهن ٻڌايو ته اهو
ساڳيو آهي، پوءِ جڏهن مون کي بورڊ پاران انٽرويو لاءِ سڏ ٿيو ته مون کيس سلام ڪري،
ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايو ته هن مون کي سڃاتو ۽ وڏي اُڪير مان ڀاڪر پائي ملڻ کان
پوءِ اميدوارن بدران پنهنجي مهمانن واري ڪرسي تي ويهاري حال احوال وٺڻ بعد مقامي
ڊپٽي ڪمشنر سميت بورڊ جي ٻين ميمبرن سان مخاطب ٿي کين چيائين ته “متاري ۽ اسان هڪ
جنگ گڏ وڙهي آهي، آئون هن جي اهليت ۽ جنگي صلاحيتن کان چڱي طرح واقف آهيان سو مون
کي هن کان ڪو سوال ڪرڻ جي ضرورت ناهي، باقي اوهين جيڪي چاهيو سو پڇو” جنهن بعد ٻين
آفيسرن به مون کان ڪي گهڻا سوال ڪونه ڪيا اهڙي طرح آئون حوالدار مان سيڪنڊ
ليفٽيننٽ ٿي ويس ۽ 2003ع ۾ نوڪري لاءِ عمر جي حد پوري ٿيڻ تي ميجر جي عهدي تان
رٽائر ٿيس.”
گڏيل قومن، آمريڪا ۽ روس پاران وچ ۾ پئي 15 ڏينهن اندر جنگ
بندي ڪرائڻ باوجود پاڪستان جي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ هندستان جي وزير اعظم اندرا
گانڌي جي ضِد ۽ اٽلي جي صحافڻ اوريانا فلاسي پاران ٻنهي اڳواڻن کان ورتل انهن
تاريخي انٽرويوئن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران هڪ ٻئي جي باري ۾ ذاتي نوعيت جي ڪيل ڳالهين
جي اثرن جي ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ شملا معاهدي ۾ ٿيندڙ غير ضروري دير جي ڪري هن لڙائي
۾ هندستاني فوج پاران ٿر جي ڇاڇري ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن تي 14 مهينن تائين قائم رکيل قبضي
دوران ٿر واسين جي آبادي جي هڪ حصي جي مٿي تي هٿ رکي ٻئي حصي جي سوين هٿين خالي ۽ بي
گناه ٿرواسين کي قطارن ۾ بيهاري قتل ڪرڻ ۽ ڪيترن کي کُوهن ۾ اڇلائي شهيد ڪرڻ وارن
واقعن سبب ٿرواسين ۾ صدين کان قائم ڀائپي، برابري ۽ پنهنجائپ وارن جذبن کي به ڪجه
عرصي لاءِ ڪنهن حد تائين نقصان رسيو هو ۽ آبادي جي ٻنهي حصن ۾ هڪ ٻئي لاءِ بدگماني
پيدا ٿي هئي، ان بابت کريون ڳالهيون ڪرڻ واري فقير متاري جو چوڻ هو ته “هندستاني فوج
ٿر ۾ وڏا ظلم ڪيا هئا، هنن اسان جي عام شهرين کان 6 سال اڳ واري جنگ جو بدلو ورتو
هو، هتي ٿيل پنجهٺ واري جنگ ۾ اسان جي
حُرن ۽ فوج، جنهن ۾ اسان جو مرشد سيد شاه مردان شاه پاڳارو ستون، هڪ جنگي ڪمانڊر
جي حيثيت ۾ پاڻ به شريڪ هو، هندستان جي اهم تاريخي قلعن گهوٽاڙو ۽ ڪِشڻ ڳڙه سميت
ڪيترين ئي اهم فوجي ڇانوڻين ۽ ريلوي اسٽيشنن کي فتح ڪيو ويو هو، ان جنگ ۾ اسان
هندستان جي اٽڪل 12 سئو چورس ڪلوميٽرن
وارو علائقو فتح ڪيو هو، جنهن دوران سوين هندستاني فوجي انهن جي پنهنجي ئي ڌرتي تي
پاڻ وارن حُرن ۽ ٻين فوجين هٿان مارجي ويا هئا، ان جنگ ۾ هندستان جي علائقن اندر
پاڻ وارن همراهن به اتان جي آبادي جي هڪ حصي جي سرپرستي ڪئي هئي، سڄي دنيا ۾ جنگين
دوران قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ قابض فوجون اهڙي ئي پاليسي اختيار ڪنديون آهن، ان جو
آبادي جي ڪنهن خاص حصي کي قصور وار سمجهڻ درست ناهي”
فقير متاري مڱرئي جو چوڻ آهي ته “ميڊيا جي هن دور ۾ به حُر
جماعت سان واسطو رکندڙ ماڻهن کان سواءِ ملڪ جي ٻين تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر آهي
ته اڄ به حُر جڏهن پنهنجي ڳوٺن مان جنگ ته ڇڏيو پر رڳو سالياني تربيت لاءِ ڇانوڻين
ڏانهن ويندا ۽ واپس ايندا آهن ته انهن جي ڳوٺن جون سموريون عورتون پنهنجي ٻارڙن
سميت هڪ هنڌ تي گڏ ٿي، وڏي جوش ۽ جذبي سان مولود شريف ۽ مداحون پڙهي، انهن کي عسڪري
تربيت لاءِ وڃڻ تي “الله نگهبان” ۽ اتان واپس اچڻ تي ساڳئي طرح “ڀليڪار” ڪنديون
آهن”
مٺي واسي سُگهڙ دوست منگل سنگه راٺوڙ هن جنگ جي ٿر جي فصلن
تي پيل اثرن بابت ٻڌايو ته “1971ع واري سال، جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ سُٺيون برساتون
وُٺيون هيون ۽ تمام گهڻو اناج ٿيو هو جيڪو ٿري هارين لُڻي دنن (کرن) ۾ گڏ ڪري رکيو
هو پر ان کي ڪُٽڻ ۽ وائُرڻ جو ڊگهو مرحلو اڃا جاري هو ته مٿان جنگ لڳي وئي،
تنهنڪري گهڻن هارين کي اهو پوءِ نصيب ڪونه ٿي سگهيو هو، ٻاهتر واري سال به برساتون
سُٺيون وُٺيون هيون پر هندستاني فوجن جي هتي موجودگي سبب غيريقيني واري صورتحال
جي ڪري سڄي ٿر ۾ فصل نه پوکجي سگهيا هئا، ٽيهتر ۾ هندستاني فوجون ته شملا معاهدي
بعد برسات جي موسم کان اڳ ئي واپس هليون ويون هيون پر ان سال برسات نه پوڻ جي
برابر وُٺي هئي. اهڙي ريت، اهي ٽيئي سال ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال رهي هئي.”
ياد رهي ته هن غير معمولي جنگي معرڪي دوران وڏي بهادري ۽
جُرئت جو بي مثال مظاهرو ڪري صرف 45 جانثارن جي مدد سان 713 ڄڻن واري 18 مدراس
رجمينٽ مٿان جارحانا ڪاروائي ڪري ڍاٽ جي هن تاريخي شهر کي هندستاني فوج جي قبضي
کان بچائڻ وارو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي پاڪستان جي حڪومت پاران تڏهوڪي ڪيپٽن
ممتاز خان ۽ نائب صوبيدار گل سري خان کي “ستاره جُرئت” حوالدار سلطان ۽ سپاهي
مشتاق حسن کي “تمغه جُرئت” سان نوازيو ويو هو۽ پاڪستان آرمي جي 26 بلوچ رجمينٽ کي “هڱورِين
بٽالين” جو نالو ڏنو ويو هو، جيڪا اڃا تائين ان نالي سان سُڃاپڻ ۾ فخر محسوس ڪري
ٿي. ٻئي طرف تمام وڏي انگ ۾ تربيت يافته فوجي جوانن، هٿيارن، بارود ۽ ٻين هر قسم
جي جنگي سهوليتن باوجود عمرڪوٽ شهر فتح ڪرڻ کان اڳ ئي صرف 45 پاڪستاني فوجين ۽ نيم
تربيت يافته مقاني حُرن هٿان پنهنجي جوانن جو وڏو انگ مارائي واپس ڀڄندڙ 18 مدراس
رجمينٽ کي هندستان جي حڪومت پاران فوري طور ٽوڙي، پنهنجي فوج مان ان جو نالو نشان
مِٽايو ويو هو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو