سنڏ ۾ زرعي پورهيت طبقي جي حالت ڏينهو ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي
ٿي وڃي، اسين روزانو اخبارن ۾ عدالتي حڪمن تي هاري خاندانن جون وڏيرن جي نجي جيلن مان آزادي جون خبرون پڙهندا رهون ٿا،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاران گڏيل هندستان جي تڏهوڪي پنجاب صوبي ۾ اڳ ۾ ئي لاڳو ٽيننسي ايڪٽ کي 1949ع ۾ سنڌ صوبي ۾ لاڳو ڪرائڻ توڙي
1992ع ۾ انساني حقن واري پاڪستان ڪميشن جي ڪوششن سان لاڳو ڪرايل جبري پورهئي وارن
قانونن باوجود زرعي پورهيتن جا حالات سڌري نه سگهيا آهن. ٽينسي ايڪٽ موجب هاري جو
خسري ۾ نالو وجهڻ ۽ روينيوجي تعلقي مختيارڪار جي آفيس ۾ هاري جو رڪارڊ رکڻ لازمي هو
پر ان قانون جي ڪنهن به شِق تي ڪڏهن به عمل نه ٿي سگهيو، زميندارن ۽ روينيو عملي
جي ملي ڀڳت سان هارين بدران زميندارن جي مٽن مائٽن جا نالا خسري ۾ لکي خاناپوري
ڪئي وئي. صدر ايوب خان، وزيراعظم شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري پاران
زرعي سڌارن ۽ ٻين رٿائن ذريعي زرعي پورهيت طبقي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جون
ڪوششون وڏيرن ناڪام بڻائي ڇڏيون. 1992ع وارو جبري پورهئي وارو قانون هارين جي نجي
جيلن مان آزادي ۾ ڪنهن حد تائين مددگار ضرور ثابت ٿيو آهي پر اهو به مسئلي جو
مستقل حل ناهي ڇو ته زرعي پورهيت هڪ زميندار کان آزاد ٿي وري ٻئي جي نجي جيل ۾
ڦاسجي رهيو آهي. زميندارن جو هميشه موقف رهيو آهي ته انهن وٽ ڪوبه نجي جيل ناهي
هاري اڳواٽ ورتل قرض ڦٻائڻ لاءِ نجي جيل جو ڊرامو ڪن ٿا. جينئن ڏٺو ويو آهي ته
غريب هارين کي قيد رکڻ لاءِ زميندارن کي اوچا ڪوٽ اڏڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، زميندار
کين جنهن جاءِ تي رکي اتان وارو ٻنو به هاري توڙي سندس خاندان لاءِ اوچو ڪوٽ ئي
هوندو آهي هو ان کي پار ڪرڻ جو سوچي به ناهي سگهندو. اڳواٽ قرض ڏيڻ کان پوءِ
زميندار جو هاري سان رويو به انتهائي جارحاڻو هجي ٿو، هو انسانن کي به ڍور ڍڳي يا
ٽريڪٽر وانگر سمجهڻ لڳي ٿو. هاري جي گهر ۾
فوتگي ٿي ويندي آهي ته به هو لاش دفنائڻ کان پوءِ هاري کي هڪدم ٻني ۾ ڪم تي ڏسڻ چاهيندو آهي.
انهن ڏينهن ۾ چيٽ جا فصل تيار هئا، پير صاحب پاڳارو سيد
سڪندر علي شاه
سنڌ جي هنن ضلعن جي
روحاني سفر تي
نڪتل هو، اسين
ڪجه صحافي سندس
دوري کي ڪور
ڪرڻ لاءِ ساڻس
همسفر هئاسين، ڏينهن
جون ڪچيون دعوتون
وٺڻ ۽
زيارتون ڪرائڻ بعد شام ڌاري پير
صاحب رات جي
پڪي دعوت واري
هنڌ تي پهتوهو،
اسين ڊائريڪٽ فون
جي سهوليت ڏسي
هڪ وڏيري جي
اوطاق تي ترسي
پياسين۔ پير صاحب
جي سفر جون
خبرون واري واري سان
فون تي ادارن
کي لکائي رهياهئاسين ته
ميزبان وڏيري چيو
”منهنجا
9 هاري هڪ
سال کان گُم
آهن، ٿي سگهي
ٿو ته مخالف
زمينداراغوا ڪرايا هُجن،
اوهين انهن جون
خبرون لکي
هاري ڳولڻ ۾ منهنجي مدد
ڪريو ڇاڪاڻ ته انهن جا ٻار ٻچا منهنجي ڳچي ۾ پئجي ويا آهن”۔
انهن ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ حيات
مري ۽
ٽنڊي الهيار ۾ کوکر جي
نجي جيلن جا
قصا اڃا تازا
هئا، اسان جا ڪن کڙا ٿيا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي هن وڏيري تي به نجي جيل هلائڻ جو شڪ
ڪرڻ لڳاسين، هارين جي خاندانن، مٿن قرض وغيره بابت ڪجه سوال ڪرڻ کان پوءِ اسان
صحافين اوطاق جي هڪ ڌار ڪمري ۾ ويهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ان خبر جو ڇا ڪجي؟ سڄي سنگت
جي صلاح بيٺي ته هي خبرلکڻ سان پاڻ سڀ ڏچي
۾ اچي وينداسين ڇاڪاڻ ته هاري جتي به هوندا وڏيري تي نجي جيل جو الزام هڻندا ۽
وڏيرو وري پاڻ تي الزام هڻندو ته مونکي اوهان ڦاسايو سو ايڏي وڏي خبر ۾ هٿ وجھڻ
پنهنجي لاءِ سٺو ناهي. مون سنگت جي راءِ سان اختلاف ڪندي مقف رکيو ته اسانجي ٿوري
گهڻي رسڪ کڻڻ سان جيڪڏهن اهي هاري هٿ اچن ٿا ۽ هي به ڪو نجي جيل ثابت ٿيڻ بعد ٽُٽي
ٿو ته اها وڏي ڳاله هوندي پر دوستن نه مڃيو. مون اڪيلي سر خبر لکڻ جو فيسلو ڪيو۽ وڏيري تي
واضع ڪيو ته اخبار ۾ خبرون لڳڻ سان هاري جتي به هوندا ظاهر ٿي ويندا پر جي انهن
اتان اوهان تي نجي جيل جو الزام لڳايو ته ان جا ذميوار اوهين پاڻ هوندا، وڏيرو وڏي
اعتماد سان اُٿيو ۽ ڀر واري ڪمري مان هڪ فائيل کڻي اسان جي حوالي ڪري چيائين ته
اهو الزام مون تي هڪ غير ملڪي حڪومت پاران اڳ ۾ ئي لڳي چُڪو آهي، اجهو هي فائيل
پڙهو، اسان ڏٺو ته 3 مهينا کن اڳ پشاور مان نڪرندڙ انگريزي اخبار فرنٽيئر پوسٽ
پنهنجي آچر واري هڪ رنگين ايڊيشن ۾ ملڪ ۾ پورهيت طبقي جي مجموعي حالت ۽ خاص طور
هنن گم ٿيل 9 هارين سان هن وڏيري جي ظلمن جي داستان جو
پورو هڪ صفحو ڇاپيو هو جنهن جو هڪ پاڙيسري ملڪ جي حڪومت سخت نوٽس وٺندي ان وقت
اسان جي ملڪ جي انهن وٽ سفير محترم رياض کوکر کي پنهنجي پرڏيهي آفيس ۾ طلب ڪري
سرڪاري طور پنهنجي ڳڻتي کان آگاه ڪندي چيو هو ته ”سمورا 9 هاري اقليتي هندو ڀيل ۽ ڪولهي برادري
سان تعلق رکن ٿا تنهنڪري انهن کي فوري طور وڏيري جي نجي جيل مان آزاد ڪرائي هن
حڪومت کي آگاهي ڏني وڃي”. سرڪار پاران ڪاروائي دوران پوليس، روينيو ۽ ٻيا ڪيترائي
لاڳاپيل ادارا حرڪت ۾ آيا هئا جن پاران ڪيل سموري لکپڙه به فائيل ۾ موجود هئي پر روايتي طريقي سان واپس موٽ
اها ئي وئي هئي ته اخبار جي رپورٽ ۾ ڪابه صداقت ناهي، ڄاڻايل جاءِ تي ڪوبه نجي جيل
ناهي، سمورا هاري آزاد زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙي طرح قصو اتي ئي ختم ٿي چڪو هو.
ان وقت پشاور جي انگريزي اخبار ۽ غيرملڪي
حڪومت پاران ورتل نوٽس کي هڪ پاسي رکي مبينا گم ٿيل 9 هارين جي گمشدگي بابت خبر ۽ حالات موجب وڏيري جو يڪطرفو موقف اداري ۾
لکائڻ کان پوءِ اتان روانا ٿياسين، ٻئي ڏينهن پهرئين صفحي تي 3 ڪالمي سرخيون پڙهي
وڏيرو ڏاڍو خوش ٿيو، پنهنجي جيپ منهنجي ڳوٺ موڪلي مونکي پاڻ وٽ گهرائي اداري ۽
منهنجا ٿورا مڃڻ کان پوءِ وڌيڪ خبرون لکڻ
لاءِ زور ڀرڻ لڳو، مون کيس ٻڌايو ته اوهان جو تفصيلي موقف اچي چڪو آهي اڄ رڳو گم
ٿيل هارين جي عورتن ۽ ٻارڙن جو وارو آهي، انهن سان ملاقات ڪرايو. هو مونکي پنهنجي
اوطاق سان لڳولڳ ٺهيل زرعي جنسن جي گدام واري حصي ڏانهن به وٺي آيو جتي مردانن
توڙي زنانن ڪپڙن ۽ هر سائيز جي نون جوتن جا ڍير رکيل هئا هن ٻڌايو ته هو هارين کي ٿوري گهڻي ڪم
لاءِ شهر ڏانهن اماڻي وقت ضايع ڪرڻ بدران
ضرورت مطابق پائڻ لاءِ ڪپڙا ۽
جُتيون هتان ئي ڏيندو آهي، درزي هتي ئي ويهي سلائي ڪندو آهي، هڪ عطائي
ڊاڪٽر روزانو اوطاق جو چڪر هڻي مريض ڏسي ٿو ۽ منشي انهن جا پئسا انهن جي کاتي ۾
لکي ٿو. اتان هو مونکي پنهنجي زمينن تي وٺي آيو جتي هارياڻيون ڪڻڪ جو لابارو ڪري
رهيون هيون انهن جا هراسيل ٻار اتي ئي ٻٻُرن هيٺان کيڏي رهيا هئا، مون پاران انهن جي پيارن بابت ڳالهائڻ تي اهي
روئي چوڻ لڳيون ته هڪ سال ۾ تون پهريون ماڻهو آهين جنهن اسان سان اسان جي وڇڙيل
پيارن جو ذڪر ڪيو آهي، تون اسان کي اسان جا پيارا ڳولهي ڏي اسين توکي دعا ڪنداسين،
هنن چيو ته اسان کي هڪ سال کان اها به خبر ناهي ته اهي زنده به آهن يا مري ويا.
مون انهن کان کين ملندڙ وري، گندي ڪپڙي ۽ بيماري جي حالت ۾ علاج وغيره بابت پڇندي
انهن مبينا گم ٿيل 9 هارين جي خاندانن جي
هرهڪ فرد جو نالو ، عمر ۽ گم ٿيل هاري سان رشتو
به نوٽ ڪري ورتو.
پير صاحب لاءِ خاص طور کولايل ڊائريڪٽ ڊائل واري
سهوليت ٻئي ڏينهن اوطاق واري فون ۾ نه هئڻ ڪري اسين خبرون فيڪس ذريعي اداري ڏانهن
موڪلڻ لاءِ 70 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري ميرپورخاص وياسين. لڳاتار 2 ڏينهن ايڪسڪليوزِو
خبرون لڳڻ کانپوءِ ضلعي جي تڏهوڪي ڊي سي اعجاز منگي حد جي تپيدار ذريعي، انساني
حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مرحوم شڪيل پٺاڻ اداري مان ورتل پتي تي خط ذريعي مونکي پاڻ
وٽ گهرايو ۽ ترقي پسند پارٽي جي هاري فرنٽ جو سربراه فقير دين محمد ڪنڀار پاڻ
منهنجي ڳوٺ ڪهي اچي مون کان پنهنجي خبرن جا وڌيڪ تفصيل ورتا. ڊي سي صاحب هارين جي
خاندانن جي فردن جو تفصيل پاڻ نوٽ ڪري حڪومت کي رپورٽ اماڻڻ چاهيندو هو، شڪيل پٺاڻ
پنهنجي تنظيم لاءِ منهنجي ميمبرشپ جو فارم
ڀريو ۽ تمام گهڻي دلچسپي جو مظاهرو ڪندي جلد اهي هاري هٿ ڪرڻ ، انهن جي خاندانن جي
وڏيري وٽ فردن کي آزاد ڪرائڻ چاهي پيو،
فقير دين محمد ڪنڀار هارين جي عورتن ۽ ٻارڙن سان ملي کين پنهنجا پيارا هٿ ڪري ڏيڻ
جو يقين ڏياريو. ان کانپوءِ ڪنهن ڪيترو ڪم ڪيو ان جي پاڻ کي ڪا خبر ناهي پرصرف 2
هفتن بعد مبينا گم ٿيل 9 هاري پريس ڪلب
اسلام آباد ۾ ظاهر ٿيا جتي انهن زميندار جي زيادتين جا دفتر کولي ڇڏيا، اها خبر
ٻئي ڏينهن ڪاوش جي ليڊ بڻي جڏهن ته ملڪي توڙي غيرملڪي خابرو ادارن ان کي وڏي اهميت
سان ڇاپيو ۽ نشر ڪيو، ٽئين هفتي ۾ تڏهوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي انساني
حقن بابت صلاحڪار ڪامران رضوي جي اڳواڻي ۾
ميرپورخاص ڊويزن جو ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ ٻيا عملدار مبينا گم ٿيل 9 هارين کي گڏ وٺي فجرجي اذان وقت انهي ڳوٺ ۾
پهتا جتي هنن ميگافون تي اعلان ڪيو ته هن ڳوٺ ۾ جيڪي به هاري قيد آهن اهي ٻاهر
نڪري اچن، حڪومت انهن کي آزاد ڪري ٿي، نه رڳو انهن 9 گم ٿيل هارين جا خاندان پر ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورا هڪ سئو کان وڌيڪ هاري
خاندان پنهنجو سامان ٻڌي ڪکن پنن جي جُهڳين مان ٻاهر نڪري آيا، حڪومت پاران اڳ ۾
ڪيل پوليس بسن ۽ وينن وارو ٽرانسپورٽ جو بندوبست گهٽ هو تنهنڪري ٻيون خانگي بسون
آڻي سڀني کي ضلعي پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ڊيڪوريشن سروس وارن کان آندل شاميانن ۾ ترسايو
ويو جتي ڪجه ڏينهن رهڻ بعد شڪيل پٺاڻ انهن کي اتان وٺي وڃي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي
هاري ڪئمپن ۾ رهايو.
نجي جيل جي خاتمي کانپوءِ ڊي سي اعجاز منگي
جو چوڻ هو ته هن ڪاوش جي خبرن جو نوٽس وٺندي سنڌ حڪومت کان نجي جيل خلاف ڪاروائي
جي اجازت طلب ڪئي هئي پر وڏي وزير سيد قائم علي شاه اها فائيل منظوري لاءِ
وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي محترمه نه رڳو ان جي منظوري ڏني
پر پنهنجي انساني حقن بابت صلاحڪار ڪامران رضوي جي ڊيوٽي لڳائي ته هو پاڻ وڃي
پنهنجي نگراني ۾ ان نجي جيل جو خاتمو يقيني بنائي ۽ کيس رپورٽ ڏي. شڪيل پٺاڻ جو
چوڻ هو ته اسان حڪومت سان ان سلسلي ۾ لڳاتار لکپڙه ڪئي، حڪومت ۽ اسان هڪ ٻئي سان
ڀرپور سهڪار ڪيو تڏهن اهو ڪم ٿيو، فقير دين محمد ڪنڀار هارين جي ان طرح آزادي سان
ڏاڍو خوش ٿي ”..........انسان ازل کان آجو آ” وارو شعر ٻڌائيندو هو. ڪجهه دوستن جو
خيال هو ته پير صاحب پاڳاري جو پير گهمائي وڃڻ ئي هارين جي آزادي جو سبب بڻيو هو،
ڪجه به هجي پر منهنجو خيال آهي ته ملڪي توڙي غير ملڪي سگهاريون حڪومتون، وڏن شهرن
مان نڪرندڙ وڏيون انگريزي اخبارون، وڏا توڙي وچولا وزير ۽ ڪامورا ۽ تنظيمون به
تيستائين انساني حقن لاءِ ايترو ڪجه نٿا
ڪري سگهن جيستائين هيٺئين سطح تي فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي لالچ ۽ خوف نٿو ڇڏي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو