Pages

Thursday, 10 April 2014

رحيم هڱوري جو مُڱ ٽوڙ وارو مارو

                  
تعلقي عمرڪوٽ جي اتر_اوڀر واري ٿر جي تپي دينور جي ڳوٺ گوئينداڻي کان اڇڙي ٿر جي ڳوٺ مُڱ ٽوڙ (مُڱن واري اُونچي ڀِٽ) ڏانهن ويندڙ رستي تي “ماري وارو ڏرڙ“ اها جاءِ آهي جتي “تاريخ 11 آگسٽ 1947ع تي ٽپهري ڌاري بدنام ڌاڙيل رحيم هڱوري ۽ سندس ساٿين، ڀر وارن ڳوٺن مُڱ ٽوڙ ۽ گوئينداڻي جي 14 بي گناه ۽ هٿين خالي رهواسين جا هٿ پير ٻڌي، قطار ۾ ويهاري ڪُهاڙي سان ڪنڌ ڪپڻ شروع ڪيا، واري واري سان محبت ڇڇر، سراج الدين ڇڇر، سهراب ڇڇر ۽ مگهن پُٽ امين سمون کي قتل ڪرڻ کان پوءِ پنجين نمبر تي جڏهن حڪيم پُٽ سومار سمون جي ڪنڌ ڪپجڻ جو وارو آيو ته ڇهين نمبر واري حڪيم جي پيءُ سومار سمون ڪنڌ ڪپيندڙ بگهڙ نالي سان سڏجندڙ ان ڌاڙيل کي رڙ ڪري چيو ته “بگهڙ! پهرين منهنجو ڪنڌ ڪپي پوءِ منهنجي پُٽ جو ڪپجان“. اهڙي طرح ان رڙ تي پنهنجي وقت جي انتهائي بدنام ٽولي جي هنن ڌاڙيلن جي دل ۾ به رحم جاڳي پيو ۽ باقي سمورن 10 ڳوٺاڻن جا ڪنڌ ڪپجڻ کان بچي ويا“
1940ع ۾ ڀِٽ ڀائتي جي اسڪول مان فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ 1942ع ۾ پرائمري ماسترڀرتي ٿيل، نوڪري ۾ مزو نه اچڻ ڪري ٻن سالن کانپوءِ استعيفا ڏئي پنهنجو مال چارڻ لاءِ وڃي جهنگ وسائيندڙ ڳوٺ گوئينداڻي واسي پيرسن ڌڻارعُبيدالله سمون جو چوڻ آهي ته “ڳوٺ ۾ ٿيل هن ماري وقت سندس ڄمار 30 ورهين کان مٿي هئي“
ڳالهين دوران تاڙيء لاءِ بار بار پنهنجو هٿ وڌائيندڙ، ڪاماري واري جيلاني پير جي هن خليفي موجب “ماري کان پوءِ ڌاڙيلن جا اُبتا پيرا کنياسون، خبر پئي ته انهن بلائن کي اسان جا ئي اڇڙي ٿر جا مائٽ ۽ رحيم هڱوري جا ساٿي راڌو ۽ لکيو سمون پنهنجي ڳوٺ کارهوڙ کان اُٺن تي کڻي اسان جي ڳوٺ ويجهو ڇڏي ويا هئا. هي ڌاڙيل حيدرآباد شهرجي ان وقت جي هٿيارن جي هڪ وڏي واپاري تاج محمد شاه کي قتل ڪرڻ لاءِ ان “ڏرڙ“ (ٻن ڀِٽن جي وچ واري اها هيٺاهين جاءِ، جتي هڪ وڏي ڀِٽ سان ٻي ننڍي ڀِٽ 45 يا ان کان گهٽ ڊگرين تي اچي ملي) ۾ ڪيمپ لڳائي تاڙ ۾ ويٺل هئا، تاج محمد شاه سان هنن جي دشمني ته الائي ڪهڙي هئي پر اهو هتي ڀر واري ڳوٺ پرچي جي ويري جي هوٿي هاليپوٽي وٽ هرڻن جي شڪار لاءِ اڪثر ايندو رهندو هو، ڌاڙيل انهن جي ڳولا ۾ ٻن ٻن جي ٽولين ۾ پيادل گهمندا ڇور ۽ نيوڇور شهرن ۾ به ويندا رهندا هئا، جتان سُڪو راشن به وٺي ايندا هئا، هنن جي ڪيمپ ۽ شهر کان ايندڙ پيرن تي ڪتل يا کارڪن جون ککڙيون به مليون هيون. هرڻ ان وقت هنن ڀِٽن تي ولرن ۾ پيا گهمندا هئا سو اهو شاه شڪار ڪري هليو ويو، هنن کي هٿ ڪونه آيو.
مُڱ ٽوڙ واري ڳوٺ جي ٻن همراهن، محبت ۽ سراج ڇڇر هنن 7 يا 8 مڙسن کي ڏرڙ ۾ بسترن جي ڀر ۾ ويٺل ڏٺو هو، سراج کي هنن ڌاڙيلن ٻڌايو هو ته اهي اڇڙي ٿر جا مسافر آهن، هتي هڪڙي رات رهي صبح جو هليا ويندا ۽ گڏوگڏ بادشاه پير جو قسم به ڏنو هئائون ته هو سندن باري ۾ ڪنهن کي به نه ٻڌائي، پر هنن ٻنهي ڳوٺ ۾ پهچي اطلاع ڏنو ته 14 هٿين خالي سادا ڳوٺاڻا سڌا ڌاڙيلن مٿان وڃي بيٺا، ڌاڙيلن هڪدم بسترن ۾ لڪايل رائيفلون ۽ بندوقون ڪڍي ورتيون ۽ سمورن ڳوٺاڻن جا هٿ ورائي پُٺن وٽ ٻڌڻ کان پوءِ قطار ۾ ويهاري سراج کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان پوءِ رحيم جي حڪم تي بگهڙ نالي ڌاڙيل پنهنجي ڪُهاڙي سان سراج کان ئي ڪنڌ ڪپڻ شروع ڪيا. 4 ڄڻن جا ڪنڌ ڪپي، صالح سمون کي پاڻ سان گڏ وٺي ٻين 9 ڄڻن کي اتي ئي هٿ ٻڌل ڇڏي، ڌاڙيل پنهنجي هڪ اُٺ تي سامان کڻي، اهو اُٺ ڏوريندا پيادل اتان روانا ٿيا، اڳيان مُڱ ٽوڙ ڳوٺ جي هڪ بدنصيب ڄڃ سامهون آئي، ان ڄڃ کان روڪ رقم، زيور، ڪپڙا ۽ اُٺ ڦُري، انهن اُٺن تي سوار ٿيا، صالح سمي کي به ڦُريل ڄڃ وٽ ڇڏيائون“
“هوڏانهن هٿ ٻڌل 9 همراهن ڪنهن نموني پنهنجا هٿ کولي سانجهي مهل اچي ڳوٺ ۾ ماري جو ڄاڻ ڏنو، اسان لاش کڻي آياسين. ڳوٺ حويلي جي زميندار ڪمل سنگه سوڍي جي پيء ۽ ان دور جي علائقي جي بااثر ماڻهو وينجهراج سنگه سوڍي کي اطلاع ڪيوسين، ٻئي ڏيهن 12 آگسٽ 1947ع تي صبح سوير پوليس ۽ روينيو کاتي جا عملدار ۽ عمرڪوٽ جي سرڪاري اسپتال جو تڏهوڪو ڊاڪٽر۽ مشهور سماج سڌارڪ ڊاڪٽر هرچندراءِ سُوٽهڙ ڳوٺ ۾ پهتا ۽ چارئي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عمرڪوٽ اسپتال ڏانهن نيڻ وارا هئا ته وينجهراج سنگه سوڍو به پهچي ويو ۽ ڊاڪٽر هرچند راءِ سُوٽهڙ کي پنهنجي ٺڪرن واري مخصوص انداز ۾ مخاطب ٿي چيائين، “اڙي ڇوڏا! پوسٽ مارٽم انهن جا ڪر جن جي موت جي سبب جي خبر نه هجي، هنن جا ته ڌاڙيلن ڪهاڙين سان ڪنڌ ڪپيا آهن، پوسٽ مارٽم جي ڪهڙي ضرورت آهي“؟ اهڙي ريت ڊاڪٽر اتي ئي ڪاروائي مڪمل ڪري ورتي ۽ لاش مقامي قبرستان ۾ دفناياسين. عمرڪوٽ ٿاڻي جي پوليس، مهڙ سميجو، صمد سمون، صالح سمون، ابن ڇڇر ۽ مون کي فريادي، سرزمين جا مشير ۽ شاهد ٺاهي ڪيس داخل ڪيو، ٻئي ڏينهن 13 آگسٽ تي اٽڪل 100 اُٺن تي سوار هٿياربند پوليس ۽ ڳوٺاڻن واهراڙو ڪري ڌاڙيلن جا پيرا کنياسين. هڪ رات اڇڙي ٿر جي ڳوٺ راڻاهو ۾ رهياسين، ٻئي ڏينهن، 14 آگسٽ تي جيسلمير رياست جي ڳوٺ لوهي جي پار پهتاسين ته رات پئجي وئي، رات جو ڀرواري ڳوٺ سُوندري جي چڱي مڙس ناٿو سنگه سوڍي ٻه ٽي ٻڪر ڪُهي ٻن ڏينهن کان سفر جي ٿڪايل ۽ بُکايل سمورن واهراڙي وارن ماڻهن ۽ پوليس وارن کي ماني کارائي. اڃا ماني کائي رهيا هئاسين ته عمرڪوٽ کان اُٺن تي ڪجه ٻيا پوليس وارا اتي اچي پهتا ۽ اطلاع ڏنائون ته “پاڪستان آزاد ٿي ويو آهي، هي ڳوٺ لوهي جو پار هندستان ۾ اچي ويو آهي سو پاڻ هاڻي هتي ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي نٿا ڪري سگهون، تنهنڪري واپس موٽڻو آهي“ پوءِ اتان ٻئي ڏينهن ڌاڙيلن جا پيرا اتي ئي ڇڏي واپس موٽياسين. واهراڙي جا ڪجه ماڻهو هندستان جي ريلوي اسٽيشن ليلمون تان راجا جي ريل ۾ ۽ ٻيا اُٺن تي چڙهي واپس آياسين“
اٽڪل 96 ورهين جي ڄمار ۾ چوپائي مال پويان اڃا به ميلن جا ميل پيادل پنڌ ڪندڙ پيرسن عُبيدالله جو چوڻ آهي ته “هن واقعي کان 4 يا 5 سال پوءِ رحيم هڱورو، سانگهڙ مان ٻڌجي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتو ته مٿس ٻين ڪيسن سان گڏ اسان وارو ڪيس به هليو، سيشن ڪورٽ حيدرآباد نوٽيس اماڻي مهڙ سميجي، صالح، صمد سمي ۽ مون کي 2 ڀيرا طلب ڪيو. ڀِٽ ڀائتي وارو خانصاحب حاجي عثمان مري اسان کي عدالت ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هليو هو، اسان عدالت ۾ پنهنجا بيان قلم بند ڪرايا ۽ رحيم جي سڃاڻپ به ڪئي، اُتي هٿڪڙيون پائي ڪٽهڙي ۾ بيٺل رحيم هڱوري هڪ ڀيري پنهنجي چپ ۾ چڪ پائيندي اسان ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏٺو ته مهڙ سميجي کيس مخاطب ٿي چيو، “چپ ۾ چڪ پائين توڙي نڪ ۾ پائين، پر هاڻي قابو آهين“
هن مضمون کان اڳ 5 جنوري واري ڪاوش دنيا ميگزين ۾ منهنجو هڪ مضمون “رحيم هڱوري جو وڏي ۾ وڏو مارو“ جي عنوان سان ڇپيو هو جنهن ۾ پيرسن ڳوٺاڻن جي ڏسيل ڳالهين جي حوالي سان ڄاڻايو ويو هو ته رحمت الله پلي سميت ان ڏينهن 6 فيبروري 1948ع تي، 21 ڄڻن کي مارڻ واري ٽولي ۾ رحيم هڱوري جي زال ڀاڳلي به ساڻس گڏ هئي پر عُبيدالله سمون ۽ اڇڙي ٿر جي هڪ پيرسن عورت نوري سمون جو چوڻ آهي ته “اهو غلط آهي، ڀاڳلي رحيم سان شادي 1950ع ڌاري ڪئي هئي، ان کان اڳ هوء ڪنهن به واردات ۾ رحيم سان گڏ ڪانه هئي. ڀاڳلي جي پيءُ جو نالو سمابو سمون ۽ ماءُ جو نالو ٻائِڪي هو، اهي اڇڙي ٿر جي کپري تعلقي جي ديه راڻڪڏهر جي ڳوٺ کارو ۾ رهندا هئا، پاڪستان جي آزادي کان ڪجه عرصو اڳ ڀاڳلي جي شادي جيسلمير رياست جي ڳوٺ نئون تڙ جي رهواسي جيئڻ سمون سان ٿي هئي، جيئڻ شادي کان پوءِ ٻه ٽي سالن تائين ڀاڳلي کي هڪ ڏينهن لاءِ به پنهنجي مائٽن ۾ وڃڻ جي اجازت ڪانه ڏني هئي پوءِ سندس پيءُِ ۽ ماءُ ان ڳوٺ نئين تڙ جي چڱي مڙس وٽ دانهڻ ويا جنهن جو وساڻ برادري سان تعلق هو، ان چڱي مڙس جي چوڻ تي جيئڻ پنهنجي زال ڀاڳلي کي وٺي سهرن جي ڳوٺ کارو آيو جتي ساڳئي ڳوٺ جي ميرخان سمون، رات جو ننڊ ۾ ستل جيئڻ کي قتل ڪري ڀاڳلي سان پاڻ شادي ڪري ورتي، ميرخان مان ڀاڳلي کي هڪ ڌيءُ به ڄائي جيڪا بعد ۾ ساڳئي ڳوٺ جي طاهر عُرف ٿاريو سمون کي پرڻائي وئي هئي. ٻه اڍائي سالن کانپوءِ قتل ٿيل پهرئين مڙس جيئڻ جي ڪنهن ويجهي مائٽ رات جي وقت ڳوٺ کارو ۾ ميرخان کي سندس گهر جي گهٽي وٽ بيهي سڏ ڪيو، ميرخان جڏهن ٻاهر نڪتو ته ان همراه بندوق جو فائر ڪري ميرخان کي قتل ڪري ڇڏيو، سندس نازڪ عضوو وڍي منهن ۾ وجهڻ بعد اتان فرار ٿيندي چوندو ويو ته “جيئڻ جو پلاند ڪري وڃان پيو“. 2 مڙس مارجڻ کان پوءِ ڀاڳلي جو رحيم هڱوري سان واسطو پيو ۽ پوءِ ساڻس شادي ڪيائين“.
ان کان سواءِ 23 فيبروري واري ڪاوش دنيا ميگزين ۾ ارباب نيڪ محمد پنهنجي مضمون “ڀاڳلي جڏهن رحيم کي جيل مان ڪڍڻ آئي.....“ ۾ سُگهڙ حاجي اله بچايو راهمون جي حوالي سان لکيو آهي “ نورمحمد سمي جي ڪونجيلي واري ڪهاڻي اڌوري آهي، حاجي رحمت الله فقير ماڻهو هو، ٿر جا وڏيرا سندس زمينن تي قبضي لاءِ رحيم کي ڪرائي جو قاتل بڻائي وٺي آيا هئا، سندس هيرل واري زمين تي به رحيم  هڱوري حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪنڀارن سميت ست اٺ ماڻهو شهيد ٿيا هئا“
ان لاءِ آئون عرض ڪندس ته تاريخ ۽ تحقيق موضوع ئي اهڙا آهن جن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڌوريون رهجي وڃن ٿيون، جڏهن ڳاله اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي جي گذريل هڪ صدي جي تاريخ جي هجي ته اتي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڃا تائين نه رڳو اڌوريون پر ميڊيا جي هن دور ۾ به اڻ ڇُهيل ملن ٿيون. خاص طوررحيم هڱوري ۽ ان دور جي ٻين ڌاڙيلن جون قهري ڪاروايون، 1965ع ۽ 1971ع واري لڙائين جا واقعا، دنگ جي ٻنهي پاسن کان لڙائين سبب ٿيل لڏپلاڻ، 71ع واري لڙائي ۾ هندستاني فوجن پاران سڄي ٿر تي 14 مهينن تائين برقرار رکيل قبضي دوران قطارن ۾ بيهاري بي گناه ماريل سوين ٿري ڳوٺاڻن ۽ انهن جي ڪيترين ئي اجتماعي قبرن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه ٿي ملي. ايتريقدر جوعمرڪوٽ شهر تي هندستاني فوج جي قبضي کي ناڪام بنائڻ لاءِ شهر ٻاهران هڱورو ڀِٽ تي ٿيل مشهور معرڪي ۾ به ڪنهن کي ڪا دلچسپي ناهي.
رحمت الله پلي کي منهنجي ان مضمون ۾ به ولي الله ۽ صوفي ڄاڻايو ويو هو، سندس ڪونجيلي واري زمين تي قبضي جي ڪوشش جو ذڪر به ان ۾ ٿيل آهي باقي سندس هيرل واري زمين تي به رحيم هڱوري پاران حملو ڪري ڪنڀارن سميت ست اٺ ماڻهو شهيد ڪرڻ بابت اسان کي رحمت الله پلي جي پونئيرن توڙي ٻين ڳوٺاڻن وٽان ڪابه ڄاڻ نه ملي آهي. جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ اهڙي ڄاڻ هجي ته اهو لکي اسان سمورن پڙهندڙن جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.  
          

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو