Pages

Thursday, 10 April 2014

اڇڙي ٿر ۾ ڌاڙيل رحيم هڱوري پاران ڪيل ڄڃ وارو مامرو

ڌاڙيل رحيم هڱوري جو ڄڃ وارو مارو

نور محمد سمون

اڇڙي ٿر ۾ خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن جي دنگ تي واقع ڳوٺ ڏِيوئي کان 3 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ڳوٺ هاسي جو تڙ جي هڪ ڀِٽ تان گذرندڙ واٽ واري هنڌ کي اڃا تائين ”ماري وارو وڍُ“ (لڪُ) سڏيو وڃي ٿو. جتي سال 1948ع جي آڪٽوبر مهيني جي ڪنهن تاريخ تي، پنهنجي دور ۾ سنڌ جي تڏهوڪي ٿرپارڪر ضلعي، خيرپور رياست، پنجاب صوبي جي رحيم يارخان ضلعي ۽ راجستان جي جيسلمير ۽ ٻاهڙمير ضلعن ۾ دهشت جي وڏي علامت بڻيل ڌاڙيل رحيم هڱوري ۽ سندس ٽولي، هاليپوٽا برادري جي گهوٽ کي راڄڙ برادري جي ڪنوار سان پرڻائڻ لاءِ ايندڙ سموري ڄڃ کي گهوٽ سميت وڏي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو. 
سنڌ توڙي ان جي سرحدي علائقن، جهڙوڪ پنجاب صوبي جي رحيم يار خان ضلعي، انڊيا جي راجسٿان ۽ گجرات رياستن ۾، جتي جتي به سنڌ جون مختلف سماٽ برادريون (ذاتيون) وڏي انگ ۾ آباد آهن، اتي انهن مختلف برادرين وچ ۾ سڱابنديون صدين کان هلنديون اچن ٿيون، جنهن ۾ هڪ سماٽ برادري وارا پنهنجي گهوٽ کي ٻي سماٽ برادري جي ڪنوار سان پرڻائيندا رهندا آهن. ٻي مهاڀاري لڙائي کان اڳ سنڌ ۾ اهڙين شادين ۾ ڪنواريتا شادي جي بدلي ۾ گهوٽيتن کان ڪجه به نه وٺندا هئا پر الٽو ڪنوار کي پنهنجي پهچ آهر زيور، گج، کُهنبا، پوتيون، پڙا توڙي ٻيا ڪپڙا، کٽون، بسترا، پينگها، وهٽ، ٻيو چوپايو مال توڙي زمينون به ڏاج ۾ ڏيندا هئا ته جيئن سندن ڌيئر جي ساهريجن ۾ عزت هجي، پر ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ جڏهن سڄي دنيا ۾ پئسو سڀ ڪجه بڻيو ته اسان جي ثقافت ۽ ريتن رسمن تي به ان جو سڌو سنئون اثر پيو ۽ پوءِ اهڙين شادين جي بدلي ۾ اسان جا سنڌي سماٽ ڪنواريتا به ٻي سماٽ برادري جي گهوٽيتن کان وڏيون رقمون وٺڻ لڳا آهن. هاڻ مختلف سماٽ برادرين جي وچ ۾ اهڙيون شاديون ڪرائڻ هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، ٻهراڙين جو هي ڪاروبار شهرن جي ميريج بيوروز کان هزار ڀيرا وڌيڪ نفعي بخش بڻجي ويو آهي. شهري ميريج بيوروز وارا پنهنجي آفيسن جون مسواڙون، يوٽيلٽي بل، سياسي ۽ بدمعاشي ڀتا ۽ سرڪاري ٽيڪس وغيره به ادا ڪندا هوندا پر پاڻ وارن ٻهراڙين جي اهڙن همراهن کي ڪنهن کي ڪجه به ڏيڻو نه ٿو هجي، رڳو وٺڻوئي هجي ٿو. هي همراه جتي به ويندا اتي ٻڪر ۽ ڪڪڙ ڪُسندا، اجرڪ اوڍائبا ۽ سندن مُٺيون ۽ کيسا گرم ڪيا ويندا آهن.
 پنهنجي پُٽ جي شادي جا خواهشمند والدين پنهنجي برادري جي انهن پيشه ور وڏڙن وٽ وڃي پنهنجو ڪيس رکندا آهن، هر برادري ۾ اهڙا پروفيشنل ماڻهو موجود آهن، جن جي روزي روٽي جو ذريعو ئي اهڙيون شاديون آهن، جن کي هتي ”مانگا“ ڪوٺيو وڃي ٿو، پوءِ اهي مانگا، يعني سڱ منگڻ (گهرڻ) وارا پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. ٻهراڙين جي هنن موبئيل ميريج بيوروز جي سرگرمين تي عمرڪوٽ جي صحافي اي بي آريسر جون انگريزي اخبار روزاني ڊان ۾ ڪيتريون ئي تفصيلي رپورٽون ڇپجي چڪيون آهن.  
جڏهن ڍوريناري ۾ رحمت الله پلي واري ماري کي ”رحيم هڱوري جو وڏي ۾ وڏو مارو“ ڄاڻائي لکيو ويو هو ته تاريخ سان دلچسپي رکندڙ سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن  جي دوستن، جن ۾ حر تحريڪ بابت هڪ تحقيقي رسالي جو ايڊيٽر استاد نظاماڻي، نواز ڪنڀر، مير محمد نظاماڻي، وڪيل سهڻو اوڏ ۽ ٻانڌي جو ڊاڪٽر محمد علي سميجو به شامل آهن، انهن فون تي ان ماري کي رحيم هڱوري جو وڏي ۾ وڏو مارو مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته رحيم جو وڏي ۾ وڏو مارو ڳوٺ ڏِيوئي ۾ ڄڃ وارو مارو هجي، ڇاڪاڻ ته اتي ڍوريناري لڳ 18 ۽ غلام نبي شاه شهر ۾ 3، ڪل 21 ماڻهو ماريا ويا هئا جڏهن ته ڄڃ واري ماري ۾ انهن کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا هوندا، انهن دوستن پاران به ان واقعي تي ڪا تحقيق ٿيل ڪانه هئي، سو پهرين ته اسان کي به لڳو ته اهو ڄڃ وارو مارو ڪو بنهن وڏو مارو هوندو ڇاڪاڻ ته ڄڃ جو تصور ايندي ئي ڳاڙهو وڳو پاتل ڪنوار، موڙ ٻڌل گهوٽ، ان سان گڏ انوارن، عورتن، ٻارڙن، ڄاڃين، دُهلاري مڱڻهارن جون دُهلن تي ٿاپون ۽ وڏو چهچٽو هڪدم ذهن تي اچيو وڃي.  ڄڃ جي ماري جون ڪهاڻيون ننڍپڻ کان مختلف ماڻهن جي واتان ٻڌندا رهندا هئاسين پر ان ماري ۾ مارجي ويل ماڻهن جي اصل تعداد ڏانهن ڪڏهن ڌيان ئي ڪونه ويو هو، اهي ڳالهيون پراڻو صحافي دوست الهوسايو هاليپوٽو به ٻڌائيندو رهندو هو جو اها ڄڃ سندس ويجهن مائٽن جي هئي پر هن کي به اها خبر ڪانه هئي ته ان ماري ۾ گهوٽ سميت ڪيترا ڄاڃي مارجي ويا هئا؟ ان صحافي الهوسائي سان رابطو ڪيوسين جنهن پنهنجي پيرسن والد خليفي حاجي حبيب الله سان ملاقات ڪرائي جيڪو ان ماري وقت 24 ورهين جو هو، ساڳئي ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ رهندو هو ۽ ان شادي ۾ به شريڪ هو. ان ئي ڳوٺ جي سماجي اڳواڻ سالار هاليپوٽي مارجي ويل گهوٽ آچار جي ان ڀائٽي سان به ملايو، جنهن تي ساڳيو ”آچار“ نالو رکيو ويو هو.
    
 حاجي حبيب الله هاليپوٽو
حاجي حبيب الله ۽ آچار جو چوڻ آهي ته ”گهوٽ آچار جو وڏو ڀاءُ بادل هاليپوٽو ڪجه سال اڳ ڳوٺ ڏِيوئي جي رهواسي ابراهيم راڄڙ جي گهران شادي ڪري چڪو هو بعد ۾ هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ آچار کي پنهنجي سهري ابراهيم جي ڀاءُ اسماعيل راڄڙ جي گهر مڱايو هو، ان سڱابندي ۾ ابراهيم ۽ اسماعيل ته خوش هئا پر انهن جا ٻيا مائٽ خوش ڪونه هئا جو انهن اهو ساڳيو سڱ ساڳئي ڳوٺ ڏِيوئي جي رهواسي وريام راجڙ لاءِ گهريو هو“.
هنن جو چوڻ آهي ته ”سڱ تڪراري بڻجن جي خبر پئجي چڪي هئي پر گهوٽ جو ڀاءُ بادل هاليپوٽو، جيڪو اڳ ئي ان راڄڙ برادري ۽ ڳوٺ مان پرڻيل هو تنهن کي ان معاملي ۾ اعتماد هو ته اهڙي ڪابه ڳاله نه ٿيندي“، ملتان واري مخدوم جو هي 90 ورهين جو خليفو حاجي حبيب چوي ٿو ته ” گهوٽ جو عظيم نالي هڪ نوجوان ڀاءُ هن شادي جي تقريب کان هڪ مهينو اڳ ڪنهن بيماري وگهي مري ويو هو، سمورن ڳوٺ وارن جو خيال هو ته هڪ ڀاءُ جي مرڻ بعد هڪ سال تائين ان گهر ۾ ٻئي ڀاءُ جي شادي ڪو سٺو سنئوڻ ناهي پر بادل کي خدشو هو ته جيڪڏهن هن شادي ۾ وڌيڪ دير ڪنداسين ته شايد هو اها مڱ ٻئي گهوٽ کي پرڻائي ڇڏيندا. بادل ڪاڄ جو سامان وٺڻ لاءِ ڀر واري شهر کاهي ويو، جتي واڻئي جي دڪان ۾ جڏهن کارڪون توري ٻئي سامان سان گڏ رکيون پئي ويون ته دڪاندار جي ملازم جو پيرُ ٿِڙهي پيو هو ۽ کارڪون ٻاهر رستي تائين پکڙي ويون ته سنئوڻ ٻوليندڙ ان واڻئي دڪاندار بادل کي في الحال اها شادي ملتوي ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي پر بادل انهن سنئوڻن تي يقين ئي ڪونه ڪندو هو سو تياريون جاري  رکيائين، وري جڏهن ڄڃ ڀٽياڻي کان 4 يا 5 اُٺن تي 60 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ڏِيوئي ڏانهن وڃي رهي هئي ته واٽ ۾ گهوٽ جو اُٺ هڪ ٻيرڙي جي وڻ جي ڀر مان گذريو ته ٻيرڙي جو ڪنڊو لڳڻ ڪري گهوٽ جو کُهنبو به اُڊڙجي ويو تڏهن ڄاڃين نوٽ ڪيو ته اهو به ڪو سٺو سنئوڻ ناهي پر پوءِ به ڄڃ پنهنجي منزل ڏانهن هلندي رهي، بدنصيب ڄڃ جڏهن ڳوٺ ڏِيوئي جي ڏکڻ طرف ڳوٺ هاسي جو تڙ واري ڀِٽ جي وڍ تي پهتي ته اتي رحيم هڱورو ۽ ڪجه ٻيا ڌاڙيل جيڪي اٺن جي واٽ جي ٻنهي پاسن کان ٻُوه جي ننڍن ٻُوٽن ۾ لڪيل هئا سي هٿيارن سميت ظاهر ٿيا، جن گهوٽ ۽ سڀني ڄاڃين کي وهٽن تان هيٺ لهڻ جو حڪم ڏنو، اهي هيٺ لٿا ته رحيم  پنهنجي ساٿين مان هڪ ڄڻي کي حڪم ڏنو ته “ بگهڙ، دير نه ڪر“، پوءِ ان بگهڙ نالي ڌاڙيل گوليون هڻي گهوٽ سميت 5 ئي ڄڻن کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، جن ۾ گهوٽ آچار پٽ فيصل ، سندس ڀاءُ بادل، 2 سئوٽن هرهڪ محمد عثمان ولد عبدالرحيم ۽ دُرمحمد ولد ابراهيم ۽ هڪ ويجهي مائٽ محمد معروف ولد هارون هاليپوٽي کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته گهوٽ جي هڪ سوٽ واحد ولد ڄام هاليپوٽو کي ڪُلهي ۾ گولي لڳي هئي، ان کي به ڌاڙيل مُئل سمجهي ڇڏي ويا پر هو اڃا زنده هو، اهو نيٺ ان ئي زخم نه نبرڻ ڪري 6 مهينن کان پوءِ مري ويو هو. هنن ٿڏي تي مارجي ويل 5 ڄڻن کي امانت طور ان ئي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو هو، هڪ سال کان پوءِ انهن جا لاش اتان ڪڍي صالح ڀنڀرو اسٽيشن لڳ سندن اباڻي قبرستان رام جاڳو ۾ دفناياسين“. عمرڪوٽ ضلعي جي اتر اوله واري آخري ڳوٺ ڏاکڻا جو هي پيرسن زميندار حاجي حبيب الله ڇوي ٿو ته “ مارجي ويل گهوٽ جي زخمي ٿيل ڀاءُ واحد تي ان دهشتناڪ واردات جو ايڏو اثر هو جو هن کان پنهنجي حياتي جي باقي 6 مهينن دوران جڏهن به ان واردات جو حال احوال پڇبو هو ته هو هڪدم بيهوش ٿي ويندو هو“.
هن واقعي جو ڪيس داخل ٿيو هو پر ان ۾ فريادي ڪير هو؟ اها خبر ناهي پئجي سگهي. ڄڃ ۾ گهوٽ سان گڏ سندس صرف 5 ڀائر ۽ سوٽ ڄاڃي ٿي وڃڻ جو سبب ٻڌائيندي حاجي حبيب ۽ آچار جو چوڻ آهي ته ”سڱ تڪراري بڻجڻ سبب گهوٽيتن پاران ڪيل جلدبازي، ڊگهي  ۽ ڏکئي پنڌ ۽ ٻن ٽن بد سنئوڻن جي ڪري ڪا وڏي تياري ڪانه ڪئي وئي هئي، صرف ڀائر ۽ سوٽ ڄڃ وٺي ويا هئا، نڪاح ۽ ٻيون ريتون رسمون پوريون ڪري، ڪنوار کي سادگي سان گهر وٺي اچڻو هو، تنهنڪري گهوٽ سميت صرف 6 ڄڻا ڄڃ ۾ شريڪ هئا“
ورندڙ وهي واري آچار جو چوڻ آهي ته “سندس ماءُ، جيڪا اڃا حيات آهي، اها سندس چاچي بادل جي زال هئي، بادل، راڄڙ برادري مان شادي ڪئي هئي ۽ سندس ماءُ ان ماري وقت ان ڳوٺ ۾ اڳ ۾ موجود هئي، هوء پنهنجي ٻِي سئوٽِ کي پنهنجي ڏير آچار سان پرڻائڻ لاءِ تيار ڪري رهي هئي ته اهو واقعو پيش آيو“
حاجي حبيب الله ۽ آچار جو چوڻ آهي ته ”اسان جا گهوٽ سميت سمورا ڄاڃي مارجي، امانت طور اڇڙي ٿر جي ان ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ٿي چڪا هئا، زخمي ٿيل واحد به اڃا ان ئي ڳوٺ ۾ تڙپي رهيو هو، ٻئي ڏينهن اسان جي ڳوٺ ڀٽياڻي ۾ واقعي جو اطلاع مليو، پوءِ جڏهن اسين هاليپوٽا برادري جا چڱا مڙس اتي وياسين ته پوليس به پهچي پنهنجي  ڪاروائي ڪري رهي هئي“ آچار جو چوڻ آهي ته  “اسان جا ماڻهو جڏهن واپس موٽيا ته منهنجي امڙ انهن سان گڏ واپس هلڻ چاهيو، اسان وارن همراهن راڄڙ برادري سان هن واقعي سبب پيدا ٿيل نفرت ۽ ڪاوڙ سبب کيس واپس وٺي هلڻ کان انڪار ڪيو تڏهن امڙ کين چيو ته “ آئون کڻي راڄڙ جي ڌيءُ آهيان پر اوهان هاليپوٽن ۾ پرڻجي چڪي آهيان، منهنجو مڙس به مارجي ويو آهي، آئون اوهان جي لڄ آهيان، هتي ڪڏهن به ڪانه رهنديس، مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلو يا گولي هڻي ماري ڇڏيو“ پوءِ هاليپوٽا کيس پاڻ سان گڏ وٺي آيا ۽ کيس بادل جي ٻئي ڀاءُ ۽ منهنجي والد، دين محمد سان پرڻايائون. آچار جو چوڻ آهي ته “امان منهنجي پيءُ سان پنهنجي ٻي شادي لاءِ ايلاز ڪندي پنهنجي سس ۽ منهنجي ڏاڏي، جيڪا پنهنجي گهوٽ پُٽ سميت 3 پُٽن ۽ ٻين جي بي دردي سان مارجڻ تي رات ڏينهن روئندي رهندي هئي، تنهن کي دلاسو ڏيندي چوندي هئي ته “ امان! جيڪي ٿيو سو تون هاڻ وسارڻ جي ڪوشش ڪر، مون کي پنهنجي ٻئي پٽ سان پرڻاءِ، آئون توکي ايترائي پٽ ڄڻي ڏينديس، جيترا پُٽ شاديء جون لائون لهڻ ۽ خوشيون ماڻڻ بدران اڇڙي ٿر جي ڀِٽن ۾  بي گناه مارجي ويا آهن“.    
“ڄڃ جي ماري کان هڪدم پوءِ ونواه ۾ ويٺل تڪراري ڪنوار ۽ ان جي سڱ جي گهر ڪندڙ مڱيندي وريام راڄڙ کي رحيم هڱورو ان ئي ڏينهن اتان اُٺن تي کڻي اوڀر طرف واقع اڇڙي ٿر جي ڊِرنهن ۾ لڪي ويو هو، ڌاڙيلن جو ڪنهن به پيڇو نه ڪيو هو، بعد ۾ ان ڪنوار جو جيسلمير جي ڳوٺ ڌاڻاهو ۾ اتان جي چڱي مڙس جانو راڄڙ وٽ ڏس مليو هو جتي انهن جو نڪاح پڙهايو ويو ۽ پوءِ ڪيترائي سال اهي اتي رهيا بعد ۾ واپس ڳوٺ ڏيوئي موٽي آيا“

رحيم جي دور جو هڪ ٻيو شادي جو واقعو به ان دور ۾ ڏاڍو مشهور هو، چيو وڃي ٿو ته راڄڙ برادري جو هڪ عمرڪوٽ واسي گهوٽ، عمرڪوٽ مان موڙ ٻڌي، ڄڃ وٺي پنهنجي ئي راڄڙ برادري ۾ شادي لاءِ کپري طرف وڃي رهيو هو ته ويندڙ ڄڃ کي رستي ۾ ڳوٺ ڀِٽ ڀائتي وٽ اطلاع مليو ته هڱورجا برادري جو هڪ مقامي وڏيرو ونواه ۾ ويٺل ان ڪنوار کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪرائي ويو آهي، پوءِ اها ڄڃ گهوٽ کي ٻڌل موڙ لاهي، ڀِٽ ڀائتي ۾ رستي تي ئي باه ڏئي ساڙي واپس موٽي وئي، انهن گهوٽيتن پاڻ سان ٿيل زيادتي تي به رحيم هڱوري وٽ دانهيو هو پر اهو زميندار زماني ساز هو جنهن کي رحيم هڱوري جهڙن ڌاڙيلن سان معاملا نبيرڻ ايندا هئا سو متاثر ڌُر جي ڪابه داد رسي نه ٿي سگهي هئي بعد ۾ ان زميندار ان اغوا ڪيل ڪنوار سان شادي ڪري ڇڏي هئي ان عورت مان ان زميندار کي ٻيا به پٽ هئا پر هڪ پٽ کپري تعلقي ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سياسي ۽ سماجي اڳواڻ طور ڄاتو سڃاتو ويندو رهيو آهي.
سماٽ برادرين وچ ۾ شادين لاءِ برادريون اڳ ۾ ئي صدين کان طيء ٿيل آهن ته ڪهڙي برادري جو گهوٽ ڪهڙي برادري جي ڪنوار سان شادي ڪري سگهي ٿو. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته ڌاڙيل رحيم هڱورو ان دور ۾ به ڪافي لبرل هو جو هن انهن روايتن کي ٽوڙي، اڇڙي ٿر مان ڀاڳلي سمون نالي ان عورت سان شادي ڪئي، جيڪا پنهنجا 2 اڳوڻا مڙس مارجڻ بعد ساڻس شادي لاءِ راضي ٿي، هن عورت مان رحيم هڱوري کي 3 پٽ هئا جن مان 2 وڏا پٽ حاڪم ۽ اله جڙيو هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ رحيم هڱوري ۽ سندس ساٿي مسُو هڱوري جي پراڻين دشمنين ۽ پلاندن ۾ مارجي ويا ۽ قاسم هڱورو نالي پٽ ماءُ سان گڏ رهي ٿو.
سمان برادري وارا سماٽ جي ڪيترين ئي برادرين ۾ پنهنجا گهوٽ پرڻائين ٿا جڏهن ته انهن پراڻن مروج رواجن موجب سمان برادري وارن ڪنهن به ٻي سماٽ برادري کي پنهنجي ڌيءُ پرڻائي ناهي ڏني. سمان برادري جي سماٽ جي ٻين برادرين مٿان شادين جي معاملي ۾ هن برتري مان لڳي ٿو ته هي رسم سنڌ تي سمن جي حڪومت جي دور ۾ شروع ٿي هوندي تڏهن ئي سمان پنهنجي برادري کي سماٽ جي ٻين برادرين کان مٿاهون درجو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا هئا.

احمد عرف مجاهد مڱريو
ڍوريناري لڳ ڳوٺ پيرمحمد ولهاري جي 85 ورهين جي پيرسن احمد عُرف مجاهد مڱريو جو چوڻ هو ته “انهن ڏينهن ۾ علائقي ۾ اها ڳاله مشهور هئي ته رحيم هڱورو جن به ماڻهن کي جنهن به ڳوٺ ۾ جنهن تاريخ تي قتل ڪندو هو ته هُو اهو تفصيل پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن سانگهڙ جي ڪمال الدين ناريجو نالي هڪ زميندار پاران دعوت ڏئي رحيم کي پنهنجي ڳوٺ گهرائي دوکي سان رسن ۾ ٻڌي، پوليس گهرائي کيس گرفتار ڪرايو ويو ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد پهتو ته اتي ٻين ساٿي قيدين سان پنهنجي ڏوهن جي ڊائري جو ذڪر ڪندي چوندو هو ته ”مون ڪُل 200 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا آهن، انهن مان 100 کن حق تي ماريا آهن جو اهي حُرن خلاف انگريز سرڪار جي جاسوسي ڪندا هئا يا جاسوسن جا مِٽ مائٽ هئا، باقي 100 کن بيگناه ماريا اٿم، انهن جو الله سائين مون کان ضرور حساب وٺندو“.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو