سنڌ ۾ پوليس پاران غريب ڳوٺاڻن کي وڏيرن جي بڇ تي يا وري پنهنجي مرضي سان ٻڌي ڪيترن ئي ڏينهن تائين لاڪ
اپ ڪري مٿن تشدد ڪرڻ، بعد ۾ انهن جي مائٽن کان وڏيون رقمون طلب ڪرڻ، مائٽن پاران
گهربل رقمون نه ملڻ تي انهن مٿان ڪوڙا ڪيس مڙهي جيل موڪلڻ اڃا تائين جاري آهي،
اهڙين ڪاروائين دوران ڪڏهن ڪڏهن اهي
ڳوٺاڻا پوليس تشدد ۾ پنهنجي جان به وڃائي ويهندا آهن. پوليس اهڙن ڪيسن کي لڪائڻ
لاءِ مقامي سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن، پنهنجي بالا آفيسرن ۽ بااثرمقامي وڏيرن جي
مدد سان انهن کي جڙتو مقابلا يا آپگهات ڄاڻائي معاملا لئي مٽي ڪري ڇڏيندي آهي پر
اسان جي ٻهراڙي جي ننڍڙي شهر ڍورونارو ۾ 2 ڏهاڪا اڳ هڪ اهڙي قتل ڪيس ۾ ٿاڻي جي سموري عملي
کي جنم ٽيپ اچي وئي ۽ ضلعي جو ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي به فوري طور بدلي ڪيا ويا.
قتل ٿيل نوجوان پپو ماڇي جي
حياتي جي تصوير
25 ورهين جي نوجوان ميرمحمد عرف پپو ماڇي جو لاش واردات واري جاءِ کان 60
ڪلوميٽر پري نورواه جي پُڇڙي ۾ چوٿين ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتي کان پوءِ
ڳريل حالت ۾ مليو هو جنهن جي مائٽن پاتل ڪپڙن مان سڃاڻپ ڪئي هئي. ٿيو ايئن هو جو
ٿرواه جي3
ميل
موري ريگيوليٽر وٽ راشي نالي ڪولهي جي ڀاءُ جي شادي جي ڇني ۾ رات جي وقت مقامي
فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيا هئا ته اتي ئي ڪجه جواري ٺرو پي ۽ جوا کيڏي رهيا هئا. پوليس جي سرپرستي هيٺ
جوا جو اڏو هلائڻ واري پوليس کي اطلاع ڏنو هو ته جوا جي منٿلي آئون ڀريان ٿو ۽ اڄ لڪ
چوري ۾ راشي جي ڀاءُ جي شادي ۾ به جوا هلي پئي. ٿاڻي تي ڪابه داخلا رکڻ کان سواءِ پوليس
جي صوبيدار علي شير هڱورو جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن رات جي اونداهي ۾ ٿاڻي کان صرف هڪ ڪلوميٽر پري اوچتو ڇاپو هنيو ته
سڀني مهمانن اتان ڀڄڻ جي ڪئي، اونداهي ۾ ڪي ڀر وارن فصلن ۽ جهنگ ۾ لڪي ويا ته ڪن
وري ڀر مان وهندڙ ٿرواه ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي پوليس کان بچايو، پپُو سميت نشي ۾ ڌُت 3 ڄڻا اٿڻ کان به لاچار هئا سو
پوليس انهن کي سرزمين تان گرفتار ڪري ورتو، پوليس وارن پاران تشدد سبب پپوٿڏي تي
بيهوش ٿي پيو، ٿاڻي تي موبائيل نه هئڻ ڪري پوليس هڪ وڏيري جي جيپ ونگار ۾ وٺي وئي هئي، نوو ۽ آلو ڪولهي کي 3
پوليس وارا پنهنجي پيرن تي پنڌ ٿاڻي تي وٺي ويا جڏهن ته پپو کي
بيهوشي جي حالت ۾ جيپ ۾ آڻي ٿاڻي جي هڪ ڌار ڪمري ۾ رکيائون، رات جو دير سان هڪ
مقامي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرايائون ته ڊاڪٽر پپو کي مئل ڄاڻايو، پوءِ تڪڙ ۾ ساڳئي جيپ
۾ لاش کڻي ٿرواه ۾ لوڙهي آيا، اها سڄي ڪاروائي نوو ۽ آلو ڪولهي رات جي سناٽي ۾ ڏسي
۽ ٻُڌي رهيا هئا، صبح جو نوي ۽ آلي ڪولهي کي رشوت يا سفارش کان سواءِ رڳو ان شرط
تي آزاد ڪيائون ته اهي پپو جي گرفتاري جو ڪنهن کي به نه ٻڌائيندا جيڪڏهن ڪنهن کي
ٻڌايائون ته پوليس وارا انهن ٻنهي کي به قتل ڪري لاش واه ۾ لوڙهي ڇڏيندا، ان شادي
مان پوليس ڇاپي وقت ڀڳل سمورا مهمان ٻئي ڏينهن مليا پر پپو جو پتو ئي نه پيو ملي،
پوليس جي ڊپ سبب نوو ۽ آلو ڪولهي به اڃا ٺپ خاموش هجن. هڪ هفتي کان پوءِ جهنگ ۾
ماکيون ڳولڻ وارن جي ڏنل ڏس تي مائٽن پاتل ڪپڙن مان پپو جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي ۽ هڪ
وڏيري جي چٺي تي ان حد جي ٿاڻي جي تڏهوڪي
صوبيدار ولي محمد راڄڙ کان لاش کڻڻ جي اجازت ورتي، ٿاڻي جو هڪ جمعدار به لاش کڻائڻ
لاءِ مائٽن سان گڏ ويو هو، ان جمعدار وڏي چالاڪي سان پوسٽ مارٽم يا ٻي ڪاروائي بنا
لاش کڻائي عمرڪوٽ جي گجو راڻي قبرستان ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو ۽ وارثن کي ٻڌايو ته اوهان
جو ڇوڪرو ٻين سان گڏ ٿرواه ۾ ٽپو ڏيندي ئي
ٻُڏي مُئو آهي، ڪنهن کيس ماريو هجي ته کڻي ٻڌونس.
اسين ڪجه دوست ٻئي ڏينهن
فاتحه خواني لاءِ وياسين ته تڏي تي ويٺل
پپو جي پيءُ ڏهيسر ماڇي ۽ ٻين اسان کي ٻُڌايو ته پپو ايئن ناهي ٻُڏي مئو جيئن
پوليس پئي ٻُڌائي، هنن چيو اسين ڪاله سندس لاش دفن ڪري جيئن هتي پهتاسين ته اسان
کي انهي ڪاڄ مان پوليس ڇاپي وقت گرفتار ٿيلن ٻڌايو ته اصل ۾ پوليس کيس نوي ۽ آلي
ڪولهي سان گڏ گرفتار ڪري ٿڏي تي مٿس تشدد
ڪيو، بيهوشي جي حالت ۾ جيپ ۾ ٿاڻي تي وٺي ويا، جتي لڪ ۾ ڊاڪٽر کي ڏيکاريائون،
ڊاڪٽر پپو کي مئل ڄاڻايو پوءِ سندس لاش ٿرواه ۾ لوڙهيائون. اسان کين يقين ڏياريو
ته جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته اوهين اهڙي درخواست ايس ايس پي کي ڏيو، اسين خبرون
لکون ٿا، انڪوائري ٿيندي ۽ قتل جو باقائده ڪيس داخل ٿيندو پوءِ اهي سمورا پوليس
وارا ٻڌجي ويندا. هنن چيو اسين هتان فارغ ٿي پوءِ درخواست ضرور ڏينداسين، اوهين
خبرون لکو. اسان اتان اُٿي خبرون لکڻ وارا هئاسين ته خبر پئي ته تڏي تي ويٺل ڪنهن
پوليس جي خيرخواه اسان ۽ مقتول جي وارثن وچ ۾ ٿيل ڳاله ٻوله جو صوبيدار کي اطلاع ڏئي
ڇڏيو هو، صوبيدار منهنجي ڳوٺ پهچي بابا، چاچن ۽ ٻين مائٽن کي اوطاق تي ڌمڪيون ڏئي
رهيو آهي ته ”آئون ڏاڍو خطرناڪ صوبيدار آهيان، مون پنهنجي نوڪري دوران ڏينهن ڏٺي جو شهرن ۾ ڇه ڇه ماڻهو گڏ ماريا آهن،
انهن ڪيسن ۾ منهنجو وار به ونگو ناهي ٿيو اوهين پنهنجي ڇوڪر کي سمجهايو، هي لاش هڪ
هفتي کان پوءِ 60 ڪلوميٽر پري مليو آهي، هن ڪيس ۾ به مونکي ڪجه
نه ٿيندو پر جي اوهان جي ڇوڪر ٻين جي چوڻ تي منهنجي خلاف هن قتل جون خبرون لکيون
ته اوهان سڀني جو اهڙو حشر ڪندس جو ست پيڙهيون ياد رکندا.” صوبيدار جي ڌمڪين سان
هڪ پاسي سڀ گهر وارا مون تي ناراض ٿيا ته ٻئي پاسي مونکي وري پڪ ٿي وئي ته پوليس
وارا ان قتل ۾ ضرور ملوث آهن تڏهن ايترو جلدي ۽ سخت ردعمل ظاهر ڪري رهيا آهن.
پهرئين ڏينهن تڏي تي ويٺل پيءُ جو پوليس تي هنيل الزام اخبار ۾ ايندي ئي پوليس ۾
ٿرٿلو مچي ويو، ٻه ٽي ڏينهن خبرون اچڻ کان پوءِ هڪ آڌيء رات جو اوچتو ايس ايس پي احسان احمد شاه ،
جيڪو اي ايس آءِ مان شولڊر پروموشن ماڻي ايس ايس پي ٿيو هو، ڊي ايس پي فضل
الرحمان، علائقي جا ڪجه بااثر وڏيرا ۽ صوبيدار ٿاڻي تي پهتا، انهن پپو جي پيءُ ۽
ٻين مائٽن کي گهرائي چيو ته اسان جاچ ڪئي آهي، ٿاڻي جو عملو اوهان جي ڇوڪر جي قتل
۾ ملوث ناهي، تنهن هوندي به اوهان جي تسلي لاءِ هي سمورا پوليس وارا اوهان کي قرآن
شريف تي اک ڪن جي ساک ڏين ٿا اوهين ساک تي يقين ڪريو ، غريب ماڇين مجبور ٿي هرڳاله
ساک تي ڇڏڻ جو اقرار ڪيو، ٿاڻي جي ڀرواري هوٽل تي ڪم ڪندڙ هڪ پاڙيسري مزدور منهنجي
گهر اڱي مونکي آڌي رات جو ننڊ مان اٿاري اطلاع ڏنو ته ٿاڻي ۾ هن وقت پپو ماڇي واري ڪيس جو فيصلو پيو هلي.
ڳوٺان ڏيڊ ڪلوميٽر جو پيادل پنڌ ڪري آئون جيئن ٿاڻي تي پهتس ته ايس ايس پي احسان
احمد شاه پاڻ وڃي چڪو هو، ڊي ايس پي، ٻين پوليس آفيسرن ، وڏيرن ۽ ڪيترن ئي شهرين
جي سامهون ٿاڻي جي مسجد ۾ صوبيدار سميت ٿاڻي جو سمورو عملو صف ٻڌي هڪ هڪ قرآن پاڪ پنهنجي هٿن ۾ جهلي پوليس واري خطيب سامهون
باجماعت اک ڪن جي ساک ڏئي رهيو هو، اهي مسجد مان جيئن ئي ٻاهر نڪتا ته سمورا موجود
ماڻهو عملي کي ڪيس مان بري ٿيڻ جون مبارڪون ڏيڻ لڳا، پوليس وارا خوشي مان مبارڪون
وصول ڪندي اڳ ۾ آڻي رکيل مٺائي اتي موجود ماڻهن ۾ ورهائڻ لڳا، انهن ٿاڻي جي اڱڻ تي
بيٺل ماڻهن ۾ مٺائي ورهائيندي مونکي به ڏيڻ جي ڪئي ته مون مٺائي وٺڻ کان انڪار
ڪندي اتي اڃا موجود ڊي ايس پي سان مخاطب ٿيندي چيو ته “اوهان کي ڪنهن غريب جي قتل جو
اهڙو غيرقانوني فيصلو ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونهي، اوهان اهو غلط ڪيو آهي“ ڊي ايس پي فضل
الرحمان جيڪو سانگهڙ جي ڪنهن چڪ جو پنجابي سيٽلر ۽ سٺو آفيسرهو تنهن وراڻيو ته “فيصلو
مون نه پر ايس ايس پي صاحب ڪيو آهي پاڻ هاڻي هتان نڪري چڪا آهن، اوهان کي ڳالهائڻو
آهي ته سڀاڻي آفيس اچي ان سان ڳالهايو“ اهو چئي ڊي ايس پي به اتان اٿي روانو ٿيو. اتي
موجود ساک ڏيندڙ صوبيدار سمورن ماڻهن جي سامهون مٺائي ورهائيندڙ پوليس واري کي چوڻ
لڳو ته مٺائي وٺڻ کان انڪار ڪرڻ واري ان همراه کي ٻه ٽي ڌينهن ۾ آئون پاڻ خاص
مٺائي کارائيندس تون ٻين ۾ ورهاءِ، ايتري ۾ اتي موجود بااثر وڏيرن مان ٻه ٽي اُٿي
وڏڙن وانگر منهنجي مُنهن تي هٿ ڦيري چوڻ لڳا ته ” پُٽ تون ضد ڇڏي اسانجي ڳاله رک،
اسين نٿا چاهيون ته پوليس وري توکي به تنگ ڪري، اسان جو ايس ايس پي صاحب تي ٿورو
ٿيڻ ڏي، تنهنجي ڪوششن سان مري ويل ڇوڪر زنده ڪونه ٿي پوندو.” مون وڏيرن کي چيو “سائين!
جڏهن اوهان جهڙي ڪنهن وڏيري جو پٽ پوليس هٿان مارجي وڃي ته ڀلي اوهين پوليس کي
معاف ڪري مٿن ٿورو ڪجو، هي اسان جهڙو غريب جو پُٽ مارجي ويو آهي، اهو خون پوليس کي
ڦٻيو ته پوءِ اهي ٻين به الائي ڪيترن غريبن جي ٻارن کي ماريندا، سو اهو قتل پوليس
کي ڪڏهن به ڦٻڻ نه ڏبو“. منهنجون پوليس ۽ وڏيرن سان ڳالهيون ۽ صوبيدار جون مونکي
ڌمڪيون ٻُڌي پپو جا مائٽ هڪدم مون سان گڏ ٿي ويا ۽ رات جو دير سان مونکي پيادل
منهنجي گهر ڇڏي آيا، هنن جو چوڻ هو ته ايس ايس پي اسان کي حڪم ڏنو ته پوليس وارن
کان ساک وٺو ۽ وري ڪنهن اخبار واري وٽ نه دانهجو، سو اسان ڪجه چئي به نه ٿي
سگهياسين، سٺو ٿيو جو تون پاڻ بر وقت پاڻهي اچي وئين هاڻ جيئن چوندين ايئن ڪنداسين.
اسان جي صلاح اها بيٺي ته صبح سوير ايس ايس پي وٽ هلبو. صبح جو پپو جي پيءُ ڏهيسر
ماڇي کي ساڻ ڪري ايس ايس پي وٽ وياسين ته هو اڳي ئي اسان تي سخت ناراض هو ڇاڪاڻ ته
ڊي ايس پي ۽ ٻين کيس اسان پاران ٿاڻي تي اچي سندس فيصلي تي اعتراض وارڻ کان رات جو
ئي آگاه ڪري ڇڏيو هو، پُڇيائين ڪيئن آيا آهيو؟ چيوسين راتوڪي فيصلي بابت ڳالهائڻ
آيا اهيون. چيائين آئون ضلعي جو پوليس ڪماني آهيان، جيڪي وڻي فيصلا ڪريان، تون هڪ
ٽڪي جو صحافي منهنجي ڪيل فيصلي تي ڇا ٿو ڳالهائڻ چاهين؟ چيوسين توهانکي اها وردي ۽ رينڪ قانون موجب مليل آهي تنهنڪري اوهين ڪوبه
قتل ڪيس غيرقانوني ڪاروائي ذريعي لوڙهي نه ٿا سگهو. ايس پي هڪدم مڇرجي پيو ۽ چوڻ
لڳو منهنجي آفيس مان ٻاهر نڪري وڃو نه ته هينئر ئي واڙي (لاڪ اپ ڪرائي) ڇڏيندس.
اسين اتان نڪري عمرڪوٽ ۾ نئين کليل سرڪاري پي سي او ۽ ٽيليگراف آفيس آياسين جتان
ڊي آءِ جي ميرپورخاص يامين خان کي فون ڪري قتل جي واقعي ۽ ايس ايس پي پاران ڪيل
فيصلي کان آگاه ڪيوسين، هن اسان جي ڳاله کي ساراهيندي چيو ته “پوليس جي مدد ڪرڻ
لاءِ اوهان جي مهرباني، فون ڪال تي ڪو حڪم نٿو ڏئي سگهجي سو اوهين مونکي جلد هڪ
ٽيليگرام اماڻيو ته جيئن آئون سڀاڻي ئي اهو فيصلو ٻيهر ڪرايان“. اسان8 يا10 لائينن
جي انگريزي ۾ پوليس ڇاپي، گرفتارين، هفتي کان پوءِ 60 ڪلوميٽر پري هٿ آيل لاش، بنا پوسٽ مارٽم ان جي تدفين ۽ ايس ايس پي پاران
ڪيل فيصلي جو مختصر لکي، پپو جي پيءُ
ڏهيسر جو آڳوٺو هڻي ٽيليگرام اماڻي بس ۾ چڙهي شام جو واپس پنهنجي شهر پهتاسين ته
خبر پئي ڊي آءِ جي جي حڪم تي هڪ پوليس
موبائيل ۾ هن ٿاڻي لاءِ صوبيدار سميت سمورو نئون عملو پهچي چڪو آهي ۽ اڳوڻي عملي
کي ساڳئي موبائيل ۾ اڄ ئي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جتي سڀاڻي ٻيهر
انڪوائري ٿيندي. قتل ۾ ملوث عملي مان هڪ دادو واسي پوليس وارو ضلعي هيڊ ڪوارٽر وڃڻ
کان اڳ ئي فرار ٿي ويو باقي کي رات جو پوليس لائين ۾ ترسائڻ بعد صبح جو ڊي آءِ جي
پاران مقرر ڪيل ايس ايس پي رينڪ جي هڪ آفيسر پيرمحمد عباسي آڏو پيش ڪيو ويو، پپو
جي مائٽن کي به طلب ڪيو ويو هو، سڄو ڏينهن هلندڙ انڪوائري دوران پوليس اهلڪارن، ايس
ايس پي، ڊي ايس پي ۽ مقتول جي وارثن کان قتل ۽ غيرقانوني فيصلي بابت ڌار ڌار بيان
وٺڻ بعد سانجهيء ڌاري انڪوائري آفيسر سمورن پوليس اهلڪارن کي پاڻ وٽ طلب ڪري انهن
جون ٽوپيون ۽ پٽا لاهي فوري طور ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي ڏينهن مٿن قتل جي
باقائده ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي هتان فوري طور بدلي
ڪيو ويو. ڏيڍ مهيني کانپوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم قبر کوٽي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو، ڪيميڪل
ليبارٽري ڏانهن موڪليل جزن جي چڪاس مان ثانت ٿيو ته پپو جو موت تشدد سبب ٿيو هو
بعد ۾ لاش پاڻي ۾ لوڙهيو ويو هو، عمرڪوٽ سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ شروع ٿيو. ڪيس هلندي
پوليس اهلڪارن کي سانگهڙ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ رکيو ويو، جتي صوبيدار علي شير هڱورو بيماري
سبب مري ويو بعد ۾ عمرڪوٽ ضلعو ختم ٿيڻ ڪري ڪيس ميرپورخاص جي سيشن ڪورٽ ۾ هليو جتي
سمورن پوليس وارن کي 25 25 سال جنم ٽيپ ۽ 50 50
هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ملي، جيڪا هو ڀوڳي پنهنجون نوڪريون ۽ پينشنون وڃائي اٽڪل 12 سالن کان پوءِ آزاد ٿيا. هن ڪيس
بابت ڪجه ماڻهن جو چوڻ هو ته ڊي آءِ جي يامين خان خدا ترس انسان هو جنهن پوليس
وارن کي سزا ڏياري، ڪن جو چوڻ هو ته ان
وقت اتر سنڌ ۾ هڱورا ۽ عباسي برادرين وچ ۾ خوني تڪرار هلندڙ هو، انڪوائري آفيسر ۽
صوبيدار ان هڪ ئي علائقي جا هئا تنهنڪري انڪوائري آفيسر پير محمد عباسي کي انتقام
وٺڻ جو وجه مليو هو سو هن صوبيدار علي شير هڱوري سميت سڀني پوليس وارن کي ٽنگائي
ڇڏيوهو، پر آئون سمجهان ٿو ته ڪير به ڪنهن کي نٿو ٽنگائي سگهي، ماڻهو کي پنهنجا
ڪرتوت ئي ٽنگائين ٿا، ڪجه به هو پر هنن پوليس وارن کي آيل مثالي سزا، مقتول جي وارثن
کي مليل انصاف سان هتي جي عام ماڻهن جو پنهنجي ملڪ جي قانون ۽ انصاف ڏيارڻ وارن
ادارن تي ڪنهن حد تائين اعتماد بحال ٿيو هو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو