اسان جي شهر ڍوريناري ۾ گذريل اڌ صدي کان هلندڙ 3 لئبريريون گذريل ڪجه
ئي سالن دوران ادارن جي بدانتظامي ۽ شخصي لاپرواهين سبب لکين روپين جي ناياب
ڪتابن، المارين ۽ فرنيچر وغيره سميت اُڏوهي جو کاڄ ٿي ويون آهن. ٽائون ڪاميٽي جي
پبلڪ لئبريري جيڪا 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ بلدياتي نظام جي شروعات وارن ڏينهن ۾
قائم ڪئي وئي هئي تنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب، رسالا ۽ ڪيتريون ئي روزانيون سنڌي،
اردو ۽ انگريزي اخبارون پڙهڻ لاءِ موجود هونديون هيون، اها لئبريري پهرين ٽائون
ڪاميٽي جي آفيس بلڊنگ ۾ ۽ پوءِ هڪ شاپنگ سينٽر جي ڇِتِ تي واقع هڪ عمارت ۾ قائم
رهي پر پوءِ ان عمارت جي ڊهڻ سان ان لئبريري جا قيمتي ڪتاب به دٻجي ويا، ان ڊٺل
عمارت جو ملبو هٽائڻ لاءِ هلندڙ روايتي ڊگهي لک پڙه کان پوءِ جڏهن انهن ڪتابن کي
ٻاهر ڪڍيو ويو ته اهي اُڏوهي جو کاڄ بڻجي چڪا هئا، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، وري ان
پبلڪ لئبريري جو شهر ۾ ڪو نالو نشان به ناهي بچيو. ٻي اسٽوڊنٽ لئبريري جيڪا حالي
هاءِ اسڪول ۾ ساڳئي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ شهر ۾ هاءِ اسڪول جي قيام سان گڏ قائم ٿي ۽
وڏو عرصو موجود رهي شاگردن جي مطالعي جي ٻاڙ لاهيندي رهي سا پڻ هاءِ اسڪول جي اپ
گريڊ ٿي هائير سيڪنڊري اسڪول ٿيڻ سان اپ گريڊ ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر مرڳو
پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺي، هن اسٽوڊنٽ لئبريري جي ڪتابن جي ڪيترن ئي سالن تائين
ڪٻٺن ۾ ڪا به سارسنڀار نه ٿيڻ ڪري اهي
سمورا ناياب ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وغيره به اڏوهي جو کاڄ ٿي ويا. ساڳئي حالت شهر
جي ان سماجي تنظيم پاران قائم ڪيل شاه لطيف لئبريري جي ڪتابن سان به ٿي چڪي آهي
جنهن تنظيم جو هن شهر ۾ بنياد 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيوهو جڏهن اڃا سنڌ ۾ رڳو ڪي
آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون سماجي تنظيمون هيون جن جا عهديدار رضاڪارانه طور بنا پگهار،
سهوليتن يا معاوضي جي پنهنجي کيسي جي خرچ تي ڪم ڪندا هئا. ان تنظيم وارن به جڏهن
ڏٺو ته نئين دور ۾ پاڪيٽ تنظيمون ٺاهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگهجن ٿا ته هنن به
اهو ئي ڪيو جيڪو اڄ ڪله هلي پيو، تنظيم جي اڳوڻي عمارت ڪجه لکن ۾ وڪرو ڪري پنهنجي
بااثر ميمبرن جي مدد سان هڪ وڏي سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري ان ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول
قائم ڪري ورتو پر انهن کان اها لئبريري ٻيهرقائم ڪرڻ وسري وئي جنهن لاءِ شهر جي
ڪيترن ئي ماڻهن ڪتاب رڳو ان خيال سان ڏنا هئا ته اهي اتي وڌيڪ پڙهيا ويندا ۽ وڌيڪ محفوظ هوندا. هاڻ جڏهن بلدياتي چونڊون ٻيهر ٿيڻ واريون آهن
ته اسين شهرواسي انهن سڀني لاڳاپيل اميدوارن ۽ ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان
جي سمورين 3 لئبريرين کي ٻيهر ساڳئي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي ته جيئن اسين شهرواسي ۽
شاگرد انهن مان ڪو فائدو وٺي سگهون.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو