Pages

Thursday, 17 April 2014

سماج سڌارڪ هاري ساجن ساند






سماج سڌارڪ هاري ساجن ساند                  


ساجن ساند پنهنجي علائقي جو هڪ اهڙو ڪردار ٿي گذريو آهي جيڪو سادو، غريب ۽ اڻ پڙهيل هاري هوندي به وڏو سماجي خدمتگار هو، سندس خدمتن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هتي ماڻهو وٽ سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀلي مناسب وسيلا، تعليم يا ڪنهن سياسي ۽ سماجي تنظيم جو پليٽ فارم نه هجي، رڳو نيڪ ارادا هجن ته به هو سماجي خدمتن ذريعي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي سهوليتون پيدا ڪري سگهي ٿو. هو روايتي چڱن مڙسن وانگر ووٽن، ٻڌي ڇوڙي يا مهمان نوازي جي نالي ۾ خوشامد وغيره ۾ ڪابه دلچسپي رکڻ کان سواءِ بنا ڪنهن فرق جي پنهنجا سماجي ڪم ڪندو هو تنهن ڪري هن جو انداز ئي نرالو هو. هن کِل مُک ماڻهو جي ڪچهري جو چسُ وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڳوٺاڻا سندس ڪکن پنن جي جهُڳي واري رهائش تي روزانو ويندا هئا. سندس عام ڳالهين ۾ به مزاح هوندو هو سو ماڻهو هر ڳاله تي مُسڪرائي ڏيندا هئا.
ننڍي گهاٽي ڏاڙهي، پوري پني جسامت مٿان پهراڻ ۽ هيٺ گوڏ، مٿي تي اڇي ٽوپي يا پٽڪو ۽ پيرن ۾ چمڙي جي سنڌي جتي پائيندڙ ساجن کي اڪثر ڳوٺاڻا ادا ساجن يا ماما ساجن سڏيندا هئا. هن جو خاندان، پيڙهين کان هارپو ڪري يا چوپايو مال چاري پيٽ گذر ڪرڻ وارن ماروئڙن مان هڪ هو، هنن هارين پنهنجي علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري مختلف زميندارن وٽ هارپو ڪيو۽ اڃا تائين اڪثر ساڳئي پيشي سان واڳيل آهن. سندس دور ۾ اڇڙي ٿر توڙي اڇڙي ٿر ۽ ناري جي سنگم واري ان پٽي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو هو، حڪومتي ادارن توڙي سرندي وارن زميندارن جون پنهنجون ترجيحون هئڻ ڪري ڳوٺاڻن لاءِ پاڻي جي سهوليت نه هئي. هن هرُ هاري ٿي ڪري پنهنجي هاري ڀائرن جي مدد سان ڪيترائي خيراتي کوه کوٽايا هئا.
نارا ڪئنال جي آخري ريگيوليٽر فرش موري ويجهو ڳوٺ جُوئو (هُڙي يا جهنگ) جا رهواسي هڪ ڪلوميٽر پري وهندڙ نارا ڪئنال يا ان جي واٽر ڪورسن مان پاڻي ڀريندا هئا، ساڳئي طرح ڳوٺ کُڻهار ۾ ان دور ۾ ڪوبه کوه نه هئڻ ڪري اهي وري هڪ ڪلوميٽر پري وهندڙ ٿر واه يا ان جي واٽر ڪورسن ۽ دُٻن مان پاڻي ڀريندا هئا. اڇڙي ٿر جي ڳوٺ موڍاڪر ۽ ان جي ڀر پاسي وارين وسندين ۾ وسڪاري ۾ برسات جو گڏ ڪيل پاڻي واپرائبو هو، اهو ختم ٿيڻ بعد 2 ڪلوميٽر پري هڪ  ڍنڍ مان پاڻي ڀريو ويندو هو، ڍنڍ ۾ ٻه ٽي سالن تائين نارا ڪئنال مان نئون پاڻي نه اچڻ ڪري بيٺل پراڻو پاڻي کارو ٿي ويندو هو تڏهن اهي ڳوٺاڻا وري ڍنڍ جي ڪناري تي تس کوٽي انهن مان پاڻي ڀريندا هئا، تسن مان هڪ دلو پاڻي ڀرڻ لاءِ به ڪيترائي ڪلاڪ ان هڪ تس مٿان بيهي وڌيڪ پاڻي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو.
ساجن، انهن ۽ ڪجه ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عام روايتي سماج سُڌارڪن وانگر سرڪاري ادارن ڏانهن درخواستون لکائي موڪلڻ، اتان کُوه منظور ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرڻ يا تر جي سرندي وارن وٽ چندي لاءِ وڃي، 3 کُوهن جيتري رقم گڏ ڪري، هڪ کُوه کوٽائي باقي ٻن جا پئسا پاڻ ڦٻائڻ بدران صرف پنهنجي ڀائرن ۽ ويجهن عزيزن، جيڪي پاڻ به هاري هئا، جي مالي ۽ افرادي مدد سان کُوه کوٽايا، پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ٻڌايا. سِرن جي بٺن کان کُوهن واري ڳوٺن تائين سِرون رسائڻ جو ڪم پاڻ ۽ سندس ساٿي هاري ڍڳا گاڏين يا اُٺن تي رکي ڪندا هئا، کُوهن جي کوٽائي به پاڻ ۽ پنهنجا ٻيا مائٽ هاري مفت ۾ ڪندا هئا جڏهن ته کُوه ٻڌڻ وارا ڪاريگر ان دور ۾ به هڪ کوه پڪو ٻڌڻ جي سوين روپيا مزدوري وٺندا هئا، انهن ڪاريگرن کان هڪ ٻه کوه ٻڌرائڻ دوران هڪ ڪاريگر ڦوٽي ميگهواڙ کان پاڻ به کوه ٻڌڻ سکي ورتا هئائين ۽ بعد ۾ پنهنجي ساٿي مولوي رمضان سان گڏجي پاڻ ئي ٻڌي وٺندو هو.
سندس ننڍي ڀاءُ مومن ۽ ڀاڻيجي قُدوس ساند ٻُڌايو ته پنهنجي ڳوٺ کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر اتر اوڀر واري ڳوٺ موڍاڪر ۾ جڏهن کُوه کوٽائڻ جو ارادو ڪيائين ته اسان کيس صلاح ڏني هئي ته اهو کُوه ان ڳوٺ لڳ پنهنجي اباڻي قبرستان وٽ کوٽائجي، پاڻ انڪار ڪندي چيو هئائين، “ادا، مُئن کان جيئرن کي پاڻي جي وڌيڪ ضرورت آهي تنهنڪري کوه ان ڳوٺ ۾ گهرن جي ويجهو ئي کوٽائبو“
زميندارن پاران هارين ۽ پورهيتن سان زيادتين جي ازالي لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهندو هو، هڪ ڀيرو ڀر واري ڳوٺ جي هڪ وڏي زميندار پاران ڪنهن ڳاله تان ناراض ٿي ساجن جي پاڙي جي ٻه ٽي هارين کي زمين تان بيدخل ڪري، کري ۾ پيل ڪڻڪ جي ونڊي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي ساجن ساند سراپا احتجاج ٿي پيو هو، سڀ کان پهرين هو علائقي جي سمورن چڱن مڙسن ۽ زميندارن وٽ دانهڻ ويو ته موٽ ۾ هر چڱي مڙس کيس هٿ ٻڌي ڪابه مدد ڪرڻ کان معذرت ڪندي الٽو ڊڄاريو ته “اهو زميندار تمام سخت آهي سو ڪڻڪ جي ونڊي توڙي هارپي تان هٿ کڻ نه ته توکي قتل ڪندي به دير نه ڪندو“ اهي چڱا مڙس به سچا هئا جو زميندار کان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ صدر ايوب خان جي ان سخت مارشل لا دوران هڪ ڳوٺاڻي جو اتفاقي قتل ٿي ويو هو، زميندار ان ڪيس ۾ ٻڌجي جيل ويو هو، جتي عدالت پاران کيس ڦاهي جي سزا اچڻي هئي پر پوءِ هو پنهنجي ذاتي دوستن نواب اڪبر خان بگٽي ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر جي ڪوششن سان ڪنهن طرح اها سزا معاف ڪرائي، ڪيترائي سال جيل ۾ رهڻ بعد تازو تازو آزاد ٿي آيو هو، ان ڪري علائقي ۾ ان وقت سندس وڏو ڌاڪو هو پر هن نيڪ نيت هاري ساجن ساند پنهنجي ساٿي هارين جي ونڊي جي حق لاءِ جان جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. اهو 70ع وارو شهيد ڀُٽي جو دور هو، سڄي ملڪ ۾ هارين جون فريادون ٻُڌڻ لاءِ نيون نيون هاري ڪورٽون قائم ٿيون هيون، ساجن، ڳوٺ جي هڪ رهواسي استاد حاجي عبدالرحمان کان هارين پاران هڪ درخواست لکائي، ميرپورخاص جي هاري ڪورٽ ۾ ڏياري، جتان تڪڙو نوٽس ملڻ بعد زميندار هارين کي ونڊي ڏيڻ تي مجبور ٿيو بعد ۾ زميندار جڏهن حج تي وڃڻ لڳو ته کانئس موڪلائڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويل ساجن ساند، سگهي سمي ۽ ٻين هارين کي ڀاڪر پائي ڀريل اکين سان ان معاملي تي ساڻن معذرت ڪيائين ۽ پوءِ اهو زميندار سڄي زندگي مٿن مهربان رهيو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ممتاز علي ڀٽي جي وڏ وزارت دوران سنڌي ٻولي واري معاملي تي ٿيل سياست بعد سنڌ جي ٻهراڙي وارن ڪجه ضلعن ۾ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندڙ ڪيترائي پنجابي آبادگار پنهنجون زمينون وڪڻي وڃڻ لڳا ته مقامي زميندار اهي زمينون ٻيڻي اگه تي به خريد ڪرڻ چاهيندا هئا پر هنن هارين جي ان پنجابي زميندار پنهنجي جُوئو ڳوٺ واري زمين ڪنهن زميندار وٽ وڏي اگه ۾ وڪرو ڪرڻ بدران مناسب اگه تي ساجن ۽ پنهنجي ٻين هارين کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ساجن اها 12 ايڪڙ زمين خريد ڪري انهن هارين ۾ ڏيڍ ايڪڙ في هاري جي حساب سان ورهائي ڏني، پوءِ پاڻ هارپو ڇڏي پنهنجي حصي جي ان ڏيڍ ايڪڙ زمين ۾ چوپائي مال جو چارو پوکي، پنهنجي گهوڙا گاڏي تي کڻي 3 ڪلوميٽر پري ڍوريناري شهر ۾ وڪرو ڪري پنهنجو گذرسفر ڪندو هو. 5 آڪٽوبر 1990ع تي پنهنجي مالڪ سان وڃي ملندڙ هن خدا ترس انسان اها زمين پنهنجي حياتي ۾ ئي هڪ ڀاءُ، هڪ ڀيڻ ۽ ڳوٺ جي مسجد نالي اڌ اڌ ايڪڙ ڪري ڏئي ڇڏي هئي.  
هو پيرصاحب پاڳاري جو وڏي عقيدي وارو مريد هو، فيبروري 1952ع ۾ پير شاه مردان شاه پاڳاري ستين جي دستاربندي ۽ گادي جي بحالي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف به حاصل هئس سو ڪچهرين ۾ اهي خبرون به وڏي شوق سان ڪندو هو. هٿ جي هنر جو به ماهر هو، ڪِنگري واري درگاه ۽ مسجد جو هڪ بهترين نمونو ڪپڙي تي وڏي صفائي سان ڀرت ڀري ٺاهيو هئائين جيڪو پير صاحب جا مريد خاص طور ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس علائقي ۾ فقيرعليم درس توڙي ٻيا پيري مريدي ۾ گهٽ يقين رکڻ وارا ماڻهو سندس اهڙين ڳالهين تي کيس ٽوڪيندا هئا ته هو ٻين مريدن وانگر آپي مان ٻاهر نڪرڻ بدران پنهنجي جاءِ تان ادب سان اُٿي اهڙي ڳاله ڪرڻ واري جي منهن تي هٿ ڏئي، ڳاله اتي ئي بند ڪرائي انهي کي مخاطب ٿي چوندو هو، “ادا، تون ٻيو گهڻو ئي ڀلو آهين پر اها پيري مريدي ۾ گهٽ يقين رکڻ واري پِٽ الائي ڪٿان لڳي اٿئي“.
ڀر واري ڳوٺ ۾ آچار نالي ڳوٺاڻي جا هڪ درجن کن ٻار هئا، ان کي چوندو هو، “ادا آچار، ڳوٺ ۾ جنهن  ٻار کان پُڇُون ٿا، “ابا، ڪنهن جو پُٽ آهين؟“ هر ٻار تنهنجو نالو ٿو کڻي، پنهنجي گهر ۾ ايترا ووٽ ٺاهيا اٿئي، اڳتي هلي اليڪشن ۾ بيهڻ جو ارادو آهي ڇا؟“
اسڪول ويندڙ ٻارڙن کان پيار سان پڇندو هو، “پُٽ، گهڻو پڙهيا آهيو؟“ ٻار جواب ڏيندا هئا ته، “ماما، پنجون، اٺون يا ڏهون درجو پڙهون ٿا“ ته چوندو هو “بابا آئون اڻ پڙهيل آهيان، درجن مان نه ٿو سمجهان، اوهين ٻُڌايو ته گوڏي جيترو، چيله جيترو، ڪلهي جيترو، يا اڃا به وڌيڪ پڙهي ويا آهيو“
ٻالڪپڻ کان ئي دم جي موروثي بيماري، مٿان وري ڪڻڪ جي ڪنهن کري کي لڳل باه وسائڻ جي ڪوشش دوران باه ۽ دُونهن جي سٽ لڳڻ ڪري سندس ڦڦڙ وڌيڪ داغجي ويا هئا سو ان بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري ڀائرن ۽ ڀينرن جي وڏي اصرار باوجود آخر تائين شادي نه ڪيائين، هو شادي کان بار بار انڪار ڪندي چوندو هو ته “اوهان کان جيڪا پُڄي سا منهنجي خدمت ڪجو باقي مون بيمار کي ڪنهن پرائي ڄائيء جي مٿي تي نه مڙهجو، آئون بيمار آهيان، شادي ڪري زال کي به سورن ۾ وجهان ۽  جيڪي ٻار ڄڻيان اهي به سڀ مون وانگر دم جا مريض، پوءِ سڀ ڀاتي گهر ۾ راڳِين وانگر ٽوليون ٺاهي پيا سهڪنداسين تنهنڪري شادي نه ڪندس.“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو