Pages

Wednesday, 30 April 2014

مٺي شهر هندستان جي قبضي کان ڪيئن بچيو ۽ رينجرز جي 23 جوانن جي شهادت


مٺي شهر هندستان جي قبضي کان ڪيئن بچيو ۽ رينجرز جي 23 جوانن جي شهادت
نورمحمد سمون
هن جنگ ۾ هندستاني فوج جو وڏو انگ موڻاٻائو واري رستي کان پاڪستان جي ٿر ۾ داخل ٿيو هو، اتان ڏکڻ ۽ اوله طرف ويندڙ ان دور جي ڪيڪڙن وارن ڪچن رستن ذريعي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن پيش قدمي ڪيائون. ڪجه فوجون ڪاسبي وٽان سرحد پار ڪري داخل ٿيون هيون، جيڪي ننگرپارڪر، ويراواه ۽ ڏانوڌانڌل تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ 15 ڊسمبر جي صبح جو سوير اسلام ڪوٽ شهر ۾ پهتيون، هنن سڀ کان پهرين شهر جي ناڪن تي پنهنجون چوڪيون قائم ڪري ورتيون ۽ پوءِ ڀڳت نيڻورام جي مندر ۽ آشرم تي اچي، اتي ويٺل پُڄارين کان “جئه هِند“ جا نعرا هڻايائون ۽ مندر جي سامهون واري، ميرن جي دور ۾ اڏايل ڪچِي مِٽي واري “اسلام ڪوٽ“ قلعي جي قديم آثارن واري پلاٽ مٿان پنهنجي ڪيمپ قائم ڪيائون، جتي هاڻ هڪ عمارت ۾ شهر جو مين پرائمري اسڪول قائم آهي. هن شهر جي اڳوڻي چيئرمين مُکي نهال چند لوهاڻي ۽ ٻين جي ڪوششن سبب هي شهر هندستاني فوجن هٿان گهڻي ڦُر لُٽ کان بچي ويو هو.
17 ڊسمبر واري ڏينهن، 18 جيپن جي هڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ هي فوجون هتان جي رستن، شهرن ۽ ڳوٺن جا سُونهان ساڻ وٺي، مڪمل تياري سان مٺي شهر ڏانهن وڌي رهيون هيون، اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوله طرف، اسلام ڪوٽ_مٺي رستي تي، يونين ڪائونسل مٺڙيو ڀٽي جي ڳوٺ ٻاراچ وٽ پهتيون ته اندازو آهي ته هنن کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر کان حڪم مليو هو ته “عمرڪوٽ شهر تي قبضي جي خواهشمند سموري 18 مدراس رجمينٽ، عمرڪوٽ فتح ڪرڻ کان اڳ ئي، اڄ صبح سوير 26 بلوچ رجمينٽ ۽ مقامي حُرن هٿان پنهنجا درجنين فوجي جوان مارائي، بري طرح شڪست کائي واپس ڀڄڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، پاڪستاني فوج جي هتي دفاع بابت اڳ ۾ لڳايل اندازا غلط ثابت ٿي رهيا آهن سو هاڻ مٺي شهر فتح ڪرڻ به ايترو آسان نه رهيو آهي تنهنڪري هاڻ جتي به پهتا آهيو، اتان اڳتي نه وڌو ۽ ٻئي حڪم جو انتظار ڪريو“ يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ (16 ڊسمبر) تي ڍاڪا ۾ جنرل نيازي پاران، جنرل اروڙا آڏو هٿيار ڦِٽا ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي محاذن تي تيزي سان جنگ بندي واري اعلان تي شروع ٿيل عمل در آمد جي ڪري هي فوجون مٺي شهر طرف نه وڌيون هيون.
رٽائرڊ پرائمري استاد، يونين ڪائونسل مِٺڙيو ڀٽي جو اڳوڻو ناظم ۽ ڳوٺ ٻاراچ جو63 ورهين جو هي بزرگ رهواسي ڀيرُو لال سُوٽهڙ ٻُڌائي ٿو ته “هندستاني فوجن جي گاڏين جو اهو وڏو قافلو اوچتو اچي اسان جي گهرن جي سامهون رستي تي بيهي رهيو، هنن پنهنجون گاڏيون رستي لڳ وڻن جي آڙ ۾ لڪائي ڇڏيون ۽ فوجين مٺي کان ايندڙ رستي جي ٻنهي پاسن کان وڻن جي مُورن جي آڙ وٺي ڇڏي، اسان سمورن ڳوٺ وارن جو ساه مُٺ ۾ اچي ويو هو ته هاڻ الائي ڇا ٿيندو؟ سو اسين پنهنجي گهرن ۾ لڪي هنن فوجين تي نظرون کُپائي ويٺا هئاسين ته ٻنپهرن ڌاري اوچتو هڪ بدنصيب ڪيڪڙو، جنهن ۾ رينجرز جا ڪجه جوان سوار هئا، مٺي کان ايندڙ رستي تي، اسان جي ڳوٺ واري اٽڪل 130 ڊگرين واري موڙ وٽان مُڙي جيئن ئي ظاهر ٿيو ته اتي اڳ ۾ ئي رستي جي پاسي وارن وڻن جي آڙ وٺي ويٺل هندستاني فوجين انهن رينجرز وارن مٿان فائرنگ شروع ڪئي. اهڙي اوچتي فائرنگ ۾ رينجرز جا سمورا جوان ان ڪيڪڙي مان لهي، وڻن جي آڙ وٺي جوابي فائرنگ ڪندي پنهنجي جان بچائڻ لاء اوله طرف وٺي ڀڳا، انهن تي وڏن هٿيارن جا گولا به فائر ڪيائون پر ڪنهن کي به نقصان نه رسائي سگهيا، انهن مان صرف 2 ڄڻا ڪيڪڙي جي ڀر ۾ وڻن ۾ لڪي ويا هئا سو انهن کي هندستاني فوجين گرفتار ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي ويا، ان کان 15 يا 20 منٽن بعد ساڳئي رستي تان ان جي پٺيان هڪ ٻيو بدنصيب ڪيڪڙو به آيو، جنهن ۾ 23 رينجرز اهلڪار سوار هئا، جنهن کي پري کان ايندو ڏسي هندستاني فوجين رستي جي ٻنهي پاسن کان اڳواٽ پنهنجو گهيرو ٺاهي ورتو هو، اهو ڪيڪڙو جيئن ئي سندن هٿيارن جي رينج ۾ پهتو ته هندستاني فوجين انهن تي فائرنگ شروع ڪئي، جنهن ۾ اهي سمورا 23 رينجرز اهلڪار ان هڪ ئي هنڌ تي شهيد ٿي ويا، ٻئي ڪيڪڙي جا 2 سِول ڊرائيور جان بچائي، پناه وٺڻ لاءِ ڀڄي سامهون اسان جي ڳوٺ ۾ پهتا، جتي اسان انهن مسلمان ڊرائيورن کي پاتل شلوارون ۽ قميصون هڪدم تبديل ڪرائي، اسان هندن وارا ڌوتيا (گوڏون) ۽ پوتيا (پٽڪا) پارايا ۽ پنهنجي گهرن ۾ پناه ڏني، اهي ٻئي ڪيڪڙا ڏيپلي واسي سيٺ احمد علي ميمڻ جا هئا، هن گولاباري ۽ فائرنگ جي ڪري اتي جهنگ ۾ چرندڙ اسان جو چوپايو مال ٽهي اٽڪل 10 ڪلوميٽر پري ڀڄي ويو هو، ڊپ سبب مال کي تير لڳي ويو هو ۽ ڪجه ڏينهن تائين هراسيل ڍڳين گاه کائڻ به ڇڏي ڏنو هو“
هتي اها ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي ته اسلام ڪوٽ ۾ 3 ڏينهن اڳ کان هندستاني فوج قبضو ڪري ويٺل هئي ته پوءِ رينجرز جا هي صرف 2 ڪيڪڙا ڇا لاءِ مٺي کان اسلام ڪوٽ طرف وڃي رهيا هئا؟ هنن کي اسلام ڪوٽ تي 3 ڏينهن اڳ ٿيل قبضي جي ڄاڻ نه هجي اهو به ناممڪن لڳي ٿو.
1973ع ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿي 1999ع ۾ رٽائر ٿيل ڀيرُومل جو چوڻ آهي ته “هتي 23 رينجرز اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ کان هڪدم پوءِ هندستاني فوجي انهن شهيد ٿيلن جا هٿيار ۽ هڪ ڪيڪڙو پاڻ سان گڏ ڪاهي واپس اسلام ڪوٽ طرف ويا، ٻيو ڪيڪڙو انهن کان نه هليو سو ان کي اتي ئي باه ڏئي ساڙي ڇڏيائون. ان دور جا ڪيڪڙا پيٽرول تي هلندا هئا سو باه جو وڏو ڀڀڙ گهڻي دير تائين ٻرندو رهيو هو، ڀر وارن ڳوٺن جي رهواسين سمجهيو ته شايد اسان جو سمورو ڳوٺ سڙي ويو هو. اسان اهو سڄو ڏينهن ڊپ ۾ ورتل هئاسين ٻئي ڏينهن 18 ڊسمبر تي واقعي واري هنڌ تي وڃي شهيدن جي لاشن جي ڳڻپ ڪئي سين، 21 لاش هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو هئا ۽ 2 انهن کان ٿوري فاصلي تي هئا، سمورن خوبصورت ۽ صحتمند نوجوانن کي ورديون پاتل هيون. اسان ڳوٺاڻن وڻ وڍي لاشن جي چوڌاري لوڙهو ڏئي ڇڏيو ته جيئن جانور ويجهو نه وڃي سگهن، ٻئي ڏينهن انهن جا آفيسر اتي آيا، اسان کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيائون ۽ پوءِ انهن شهيدن جا لاش اتان تابوتن ۽ صندوقن ۾ وجهي کڻائي ويا“
“ڇاڇري ۽ ان جي ڀر پاسي وارن ڳوٺن ۾ هندستاني فوج جي ظلمن جي ڪري اتان پنهنجا ٻار ٻچا کڻي نڪتل ماڻهن وري انهن ظلمن جو اسان کي ذميوار سمجهي، هتي اسان کان ان جو بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اسان جي ڳوٺ تي انهن مهاجرن (ڇاڇري تعلقي جي جنگ سبب بي گهر ٿيل آبادي) جڏهن اوچتو حملو ڪيو ته ان وقت اسان جي گهرن ۾ مجهند جي ماني لاءِ رڌ پچاءُ هلي پئي، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارڙن جو ساه بچائڻ لاءِ رڌ پچاءَ جا ديڳڙا ۽ دانگيون ٻرندڙ چُلهن تي چڙهيل ڇڏي اوله طرف ڀڳاسين. ان دوران ڪيترائي ماڻهو هندستان ڏانهن به ڀڳا پر اسان اهو مناسب نه سمجهيوسين ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ پناه ڳوليوسين. رستي ۾ ڇاڇري وارن جي هڪ پيادل قافلي جي سامهون اچي وياسين، انهن اسان تي فائرنگ به ڪئي پر ڀڳوان بچايو ۽ سخت سياري جي اها هڪ رات بُک تي ۽ بنا اوڍڻ وڇائڻ جي، جهنگ ۾ وڻن جي هيٺان زمين ۾ هٿن سان کڏون کوٽي، پاڻ ۽ پنهنجي ٻارڙن ۽ عورتن کي انهن کڏن ۾ سمهاري، مٿان وري ٻُوهن جا ڍُونڍڻ ۽ ڄارِين جا پن روڙي انهن جا اوڍڻ ٺاهي، سيءَ کان بچاءُ ڪيوسين، باه به نٿي ٻاري سگهياسين ته متان ڪٿي باه جي روشني ڏسي مهاجر حملو نه ڪن. ٻي رات بي سر و ساماني جي عالم ۾ 25 ڪلوميٽرن جو پيرين پنڌ ڪري، ٺڪرن جي وڏي ڳوٺ “ڪيرٽِي“ ۾ پهتاسين، جتي 5 مهينا ڏاڍا ڏکيا گذريا، 24 ڪلاڪ بندوقون کڻي پهرو ڏيڻو پوندو هو، پوءِ جڏهن حالات ڪجه بهتر ٿيا ته واپس اچي پنهنجو ڳوٺ ٻيهر آباد ڪيوسين. ان دوران اسان جا ڀريل گهر مڪمل طور لُٽجي چڪا هئا، لُٽڻ وارا نه رڳو سمورو سامان پر گهرن جا دروازا ۽ دريون به پٽي کڻي ويا هئا“
سال 2001ع کان 2005ع تائين هن مقامي يُوسيءَ جو ناظم رهندڙ ڀيرُو لال جو چوڻ آهي ته “ٻيهر ڳوٺ ۾ ايندي ئي اسان رينجرز اهلڪارن جي شهادت واري هنڌ کي مضبوط لوڙهو ڏئي ان کي پنهنجي ڳوٺ جو هڪ مقدس آستان بڻائي ڇڏيو هو، انهن شهيدن جي رُوحن کي خوش رکڻ لاءِ هر سال 17 ڊسمبر تي اسان هتي قومي جذبي سان شهيدن جو ڏهاڙو ملهائيندا رهندا آهيون، جنهن ۾ ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به شريڪ ٿيندا آهن، ڪيتريون ئي ديڳيون رڌي لنگر ورهايو ويندو آهي. آهستي آهستي هن آستان کي علائقي ۾ وڏي متبرڪ حيثيت حاصل ٿيندي وئي. اسين برسات جي تنگي جي وقت هتي مِينهن موڙا (برسات لاءِ خاص اجتماعي دعا واري تقريب ۽ ان ۾ لنگر جي ورهاست) به هتي ئي ڪندا آهيون، ڪيترائي ڀيرا ايئن به ٿيو جو ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ هتي اچي مينهن موڙي ۾ شريڪ ٿيا ۽ اجتماعي دعا گهري وئي ته هڪدم برسات وسڻ شروع ٿي وئي، اهڙي طرح مقامي ماڻهن لاءِ هي هنڌ هڪ زيارت بڻيل آهي ۽ هتي باسُون باسيون وڃن ٿيون. تڏهن اسان سوچيوسين ته هن هنڌ تي هڪ يادگار به اڏائجي پر وسيلن جي کوٽ سبب اهو فوري طور ممڪن نه ٿي سگهيو پر پوءِ جڏهن آئون هتان جي يُو سيءَ جو ناظم چونڊجي آيس ته مون پنهنجي تعلقي ڪائونسل مٺي ۾ رِٿ پيش ڪئي ته “هنن شهيدن جي شهادت واري هنڌ تي يادگار اڏايو وڃي“ اها رِٿ اسان جي تعلقي ناظم حاجي الهڏنو بجير ۽ ٻين دوستن کي به پسند آئي ۽ هنن هڪدم بجيٽ منظور ڪئي پوءِ ان باراني زمين جي مالڪن، ڳوٺ ڪمڙو جي ڀاناڻي سوڍن کان اڏاوت جي اجازت وٺي هي يادگار ۽ ان جي چوديواري اڏاياسين.

يونين ڪائونسل مِٺڙيو ڀٽي، تعلقي مٺي جو اڳوڻو ناظم ڀيرُو لال سُوٽهڙ ۽ سندس پاران ڳوٺ ٻاراچ ۾ رينجرز جي 23 شهيدن جي شهادت واري هنڌ تي ٺهرايل يادگار
مٺي ۾ استادن جي تربيت واري ڪاليج جي ليڪچرار عبدالواحد سمي ٻڌايو ته وسڪاري ۾ ڪراچي، حيدرآباد توڙي سنڌ جي ٻين شهرن کان ڪاسبو، ننگرپارڪر ۽ ٿر جا ٻيا علائقا گهمڻ لاءِ ايندڙ دوستن کي جڏهن رستي ۾ ايندڙ ڳوٺ ٻاراچ ۾ شهيدن جو هي يادگار ڏيکاري، ان جي اڏاوت ۾ مقامي يُو سي جي هن اڳوڻي ناظم ڀيرُو لال پاران ورتل ذاتي دلچسپي جو ذڪر ڪندا آهيون ته اهي سياح سندس جذبي کي ڏاڍو ساراهيندا آهن.
هوڏانهن ڇاڇري تعلقي جي هندستان جي دنگ واري ڳوٺ سومرهاڙ جي رهواسي، 58 ورهين جي عبدالغني پُٽ محمد صديق گجو جو چوڻ هو ته “جنگ وقت آئون هاءِ اسڪول ڇاڇري ۾ ڏهون درجو پڙهندو هئس. هندستاني فوجون شام جو 6 وڳي شهر ۾ داخل ٿيون هيون، هتان جا ماڻهو ان مهل ئي شهر ڇڏي پيرين پنڌ ڀڳا هئا. ڇاڇري کان عمرڪوٽ واري رستي تي به هندستاني فوجن جو قبضو هو تنهنڪري اسين اوجهڙ (ڪنهن به رستي يا واٽ کان سواءِ) ۾ سڄي رات سر بچائڻ لاءِ ڊوڙهي ڊوڙهي صبح جو اٽڪل 80 ڪلوميٽر پري ڪُنري شهر ويجهو ڳوٺ چِيله بند وٽ پهتاسين. جتان گاڏين ۾ ميرپورخاص شهر وياسين، جتي اڳوڻي ضلعي ناظم ٿر، ارباب انور جي ڏاڏي ارباب حاجي الهجُڙيو جي جاءِ ۾ رهياسين. اسان جا ڳوٺ سومرهاڙ وارا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت اتي ئي قابض فوج جي گهيري ۾ ڦاسجي پيا هئا، ڪجه ڏينهن کان پوءِ انهن کي اتان ڏکڻ طرف اسلام ڪوٽ ڏانهن نڪرڻ جو رستو مليو هو، اهي لڳاتار 15 ڏينهن وڏي تڪليف ۾ دربدر ٿيڻ کان پوءِ ميرپور پهتا پوءِ ميرپورخاص کان سانگهڙ جي ڳوٺ ڍِليار ۾ پنهنجي مائٽن حاجي عمر ۽ حاجي ابراهيم گجو وارن وٽ وياسين، پورو ڏيڍ سال اتي گذاريوسين. ان دوران ٿر جي وڏي ڳوٺ ڪرُوڙي، نامياري صحافي سهيل سانگي ۽ نامياري سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڳوٺ جنجهي تڙ، قبولاڻي، ٽِڳٺيو ۽ ٻين ڳوٺن کان لڪڙتاڙ ذريعي دردناڪ خبرون روزانو ٻڌندا هئاسين ته لِڱ ڪانڊارجي ويندا هئا، اتي 300 کان وڌيڪ بي گناه ڳوٺاڻن کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ سموري ٿر جي قبضي ڪيل علائقي جي ڳوٺن ۾ باقي رهيل ماڻهو ماري ڳوٺن کي باهون ڏئي ساڙيو ويو هو“


سومرهاڙ واسي عبدالغني گجو
هاءِ اسڪول ڇاڇرو جي هن استاد، ملتان واري مخدوم جي خليفي ۽ سماجي اڳوڻ عبدالغني گجو جو چوڻ آهي ته “قابض فوجون هتي ڏيڍ سال تائين برقرار رکيل قبضي دوران هتان جي مقامي آبادي کي بانور ڪرائي رهيون هيون ته “هاڻ ٿر جو سندن فتح ڪيل هي سمورو علائقو هميشه هندستان جو حصو رهندو“ تنهنڪري هتي جا ڪافي سادا ٿري ماروئڙا انهن ڳالهين تي اعتبار ڪري قابض فوجن سان تعاون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا هئا، پوءِ جڏهن 1973ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل شمله معاهدي موجب هندستاني فوجن ٿر جو هي علائقو خالي ڪيو هو ته انهن ٿري مارُوئڙن کي به مجبور ٿي پنهنجو هي ملڪ ڇڏي هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي هئي“

Thursday, 17 April 2014

سماج سڌارڪ هاري ساجن ساند






سماج سڌارڪ هاري ساجن ساند                  


ساجن ساند پنهنجي علائقي جو هڪ اهڙو ڪردار ٿي گذريو آهي جيڪو سادو، غريب ۽ اڻ پڙهيل هاري هوندي به وڏو سماجي خدمتگار هو، سندس خدمتن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هتي ماڻهو وٽ سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀلي مناسب وسيلا، تعليم يا ڪنهن سياسي ۽ سماجي تنظيم جو پليٽ فارم نه هجي، رڳو نيڪ ارادا هجن ته به هو سماجي خدمتن ذريعي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي سهوليتون پيدا ڪري سگهي ٿو. هو روايتي چڱن مڙسن وانگر ووٽن، ٻڌي ڇوڙي يا مهمان نوازي جي نالي ۾ خوشامد وغيره ۾ ڪابه دلچسپي رکڻ کان سواءِ بنا ڪنهن فرق جي پنهنجا سماجي ڪم ڪندو هو تنهن ڪري هن جو انداز ئي نرالو هو. هن کِل مُک ماڻهو جي ڪچهري جو چسُ وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڳوٺاڻا سندس ڪکن پنن جي جهُڳي واري رهائش تي روزانو ويندا هئا. سندس عام ڳالهين ۾ به مزاح هوندو هو سو ماڻهو هر ڳاله تي مُسڪرائي ڏيندا هئا.
ننڍي گهاٽي ڏاڙهي، پوري پني جسامت مٿان پهراڻ ۽ هيٺ گوڏ، مٿي تي اڇي ٽوپي يا پٽڪو ۽ پيرن ۾ چمڙي جي سنڌي جتي پائيندڙ ساجن کي اڪثر ڳوٺاڻا ادا ساجن يا ماما ساجن سڏيندا هئا. هن جو خاندان، پيڙهين کان هارپو ڪري يا چوپايو مال چاري پيٽ گذر ڪرڻ وارن ماروئڙن مان هڪ هو، هنن هارين پنهنجي علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري مختلف زميندارن وٽ هارپو ڪيو۽ اڃا تائين اڪثر ساڳئي پيشي سان واڳيل آهن. سندس دور ۾ اڇڙي ٿر توڙي اڇڙي ٿر ۽ ناري جي سنگم واري ان پٽي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو هو، حڪومتي ادارن توڙي سرندي وارن زميندارن جون پنهنجون ترجيحون هئڻ ڪري ڳوٺاڻن لاءِ پاڻي جي سهوليت نه هئي. هن هرُ هاري ٿي ڪري پنهنجي هاري ڀائرن جي مدد سان ڪيترائي خيراتي کوه کوٽايا هئا.
نارا ڪئنال جي آخري ريگيوليٽر فرش موري ويجهو ڳوٺ جُوئو (هُڙي يا جهنگ) جا رهواسي هڪ ڪلوميٽر پري وهندڙ نارا ڪئنال يا ان جي واٽر ڪورسن مان پاڻي ڀريندا هئا، ساڳئي طرح ڳوٺ کُڻهار ۾ ان دور ۾ ڪوبه کوه نه هئڻ ڪري اهي وري هڪ ڪلوميٽر پري وهندڙ ٿر واه يا ان جي واٽر ڪورسن ۽ دُٻن مان پاڻي ڀريندا هئا. اڇڙي ٿر جي ڳوٺ موڍاڪر ۽ ان جي ڀر پاسي وارين وسندين ۾ وسڪاري ۾ برسات جو گڏ ڪيل پاڻي واپرائبو هو، اهو ختم ٿيڻ بعد 2 ڪلوميٽر پري هڪ  ڍنڍ مان پاڻي ڀريو ويندو هو، ڍنڍ ۾ ٻه ٽي سالن تائين نارا ڪئنال مان نئون پاڻي نه اچڻ ڪري بيٺل پراڻو پاڻي کارو ٿي ويندو هو تڏهن اهي ڳوٺاڻا وري ڍنڍ جي ڪناري تي تس کوٽي انهن مان پاڻي ڀريندا هئا، تسن مان هڪ دلو پاڻي ڀرڻ لاءِ به ڪيترائي ڪلاڪ ان هڪ تس مٿان بيهي وڌيڪ پاڻي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو.
ساجن، انهن ۽ ڪجه ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عام روايتي سماج سُڌارڪن وانگر سرڪاري ادارن ڏانهن درخواستون لکائي موڪلڻ، اتان کُوه منظور ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرڻ يا تر جي سرندي وارن وٽ چندي لاءِ وڃي، 3 کُوهن جيتري رقم گڏ ڪري، هڪ کُوه کوٽائي باقي ٻن جا پئسا پاڻ ڦٻائڻ بدران صرف پنهنجي ڀائرن ۽ ويجهن عزيزن، جيڪي پاڻ به هاري هئا، جي مالي ۽ افرادي مدد سان کُوه کوٽايا، پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ٻڌايا. سِرن جي بٺن کان کُوهن واري ڳوٺن تائين سِرون رسائڻ جو ڪم پاڻ ۽ سندس ساٿي هاري ڍڳا گاڏين يا اُٺن تي رکي ڪندا هئا، کُوهن جي کوٽائي به پاڻ ۽ پنهنجا ٻيا مائٽ هاري مفت ۾ ڪندا هئا جڏهن ته کُوه ٻڌڻ وارا ڪاريگر ان دور ۾ به هڪ کوه پڪو ٻڌڻ جي سوين روپيا مزدوري وٺندا هئا، انهن ڪاريگرن کان هڪ ٻه کوه ٻڌرائڻ دوران هڪ ڪاريگر ڦوٽي ميگهواڙ کان پاڻ به کوه ٻڌڻ سکي ورتا هئائين ۽ بعد ۾ پنهنجي ساٿي مولوي رمضان سان گڏجي پاڻ ئي ٻڌي وٺندو هو.
سندس ننڍي ڀاءُ مومن ۽ ڀاڻيجي قُدوس ساند ٻُڌايو ته پنهنجي ڳوٺ کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر اتر اوڀر واري ڳوٺ موڍاڪر ۾ جڏهن کُوه کوٽائڻ جو ارادو ڪيائين ته اسان کيس صلاح ڏني هئي ته اهو کُوه ان ڳوٺ لڳ پنهنجي اباڻي قبرستان وٽ کوٽائجي، پاڻ انڪار ڪندي چيو هئائين، “ادا، مُئن کان جيئرن کي پاڻي جي وڌيڪ ضرورت آهي تنهنڪري کوه ان ڳوٺ ۾ گهرن جي ويجهو ئي کوٽائبو“
زميندارن پاران هارين ۽ پورهيتن سان زيادتين جي ازالي لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهندو هو، هڪ ڀيرو ڀر واري ڳوٺ جي هڪ وڏي زميندار پاران ڪنهن ڳاله تان ناراض ٿي ساجن جي پاڙي جي ٻه ٽي هارين کي زمين تان بيدخل ڪري، کري ۾ پيل ڪڻڪ جي ونڊي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي ساجن ساند سراپا احتجاج ٿي پيو هو، سڀ کان پهرين هو علائقي جي سمورن چڱن مڙسن ۽ زميندارن وٽ دانهڻ ويو ته موٽ ۾ هر چڱي مڙس کيس هٿ ٻڌي ڪابه مدد ڪرڻ کان معذرت ڪندي الٽو ڊڄاريو ته “اهو زميندار تمام سخت آهي سو ڪڻڪ جي ونڊي توڙي هارپي تان هٿ کڻ نه ته توکي قتل ڪندي به دير نه ڪندو“ اهي چڱا مڙس به سچا هئا جو زميندار کان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ صدر ايوب خان جي ان سخت مارشل لا دوران هڪ ڳوٺاڻي جو اتفاقي قتل ٿي ويو هو، زميندار ان ڪيس ۾ ٻڌجي جيل ويو هو، جتي عدالت پاران کيس ڦاهي جي سزا اچڻي هئي پر پوءِ هو پنهنجي ذاتي دوستن نواب اڪبر خان بگٽي ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر جي ڪوششن سان ڪنهن طرح اها سزا معاف ڪرائي، ڪيترائي سال جيل ۾ رهڻ بعد تازو تازو آزاد ٿي آيو هو، ان ڪري علائقي ۾ ان وقت سندس وڏو ڌاڪو هو پر هن نيڪ نيت هاري ساجن ساند پنهنجي ساٿي هارين جي ونڊي جي حق لاءِ جان جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. اهو 70ع وارو شهيد ڀُٽي جو دور هو، سڄي ملڪ ۾ هارين جون فريادون ٻُڌڻ لاءِ نيون نيون هاري ڪورٽون قائم ٿيون هيون، ساجن، ڳوٺ جي هڪ رهواسي استاد حاجي عبدالرحمان کان هارين پاران هڪ درخواست لکائي، ميرپورخاص جي هاري ڪورٽ ۾ ڏياري، جتان تڪڙو نوٽس ملڻ بعد زميندار هارين کي ونڊي ڏيڻ تي مجبور ٿيو بعد ۾ زميندار جڏهن حج تي وڃڻ لڳو ته کانئس موڪلائڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويل ساجن ساند، سگهي سمي ۽ ٻين هارين کي ڀاڪر پائي ڀريل اکين سان ان معاملي تي ساڻن معذرت ڪيائين ۽ پوءِ اهو زميندار سڄي زندگي مٿن مهربان رهيو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ممتاز علي ڀٽي جي وڏ وزارت دوران سنڌي ٻولي واري معاملي تي ٿيل سياست بعد سنڌ جي ٻهراڙي وارن ڪجه ضلعن ۾ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندڙ ڪيترائي پنجابي آبادگار پنهنجون زمينون وڪڻي وڃڻ لڳا ته مقامي زميندار اهي زمينون ٻيڻي اگه تي به خريد ڪرڻ چاهيندا هئا پر هنن هارين جي ان پنجابي زميندار پنهنجي جُوئو ڳوٺ واري زمين ڪنهن زميندار وٽ وڏي اگه ۾ وڪرو ڪرڻ بدران مناسب اگه تي ساجن ۽ پنهنجي ٻين هارين کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ساجن اها 12 ايڪڙ زمين خريد ڪري انهن هارين ۾ ڏيڍ ايڪڙ في هاري جي حساب سان ورهائي ڏني، پوءِ پاڻ هارپو ڇڏي پنهنجي حصي جي ان ڏيڍ ايڪڙ زمين ۾ چوپائي مال جو چارو پوکي، پنهنجي گهوڙا گاڏي تي کڻي 3 ڪلوميٽر پري ڍوريناري شهر ۾ وڪرو ڪري پنهنجو گذرسفر ڪندو هو. 5 آڪٽوبر 1990ع تي پنهنجي مالڪ سان وڃي ملندڙ هن خدا ترس انسان اها زمين پنهنجي حياتي ۾ ئي هڪ ڀاءُ، هڪ ڀيڻ ۽ ڳوٺ جي مسجد نالي اڌ اڌ ايڪڙ ڪري ڏئي ڇڏي هئي.  
هو پيرصاحب پاڳاري جو وڏي عقيدي وارو مريد هو، فيبروري 1952ع ۾ پير شاه مردان شاه پاڳاري ستين جي دستاربندي ۽ گادي جي بحالي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف به حاصل هئس سو ڪچهرين ۾ اهي خبرون به وڏي شوق سان ڪندو هو. هٿ جي هنر جو به ماهر هو، ڪِنگري واري درگاه ۽ مسجد جو هڪ بهترين نمونو ڪپڙي تي وڏي صفائي سان ڀرت ڀري ٺاهيو هئائين جيڪو پير صاحب جا مريد خاص طور ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس علائقي ۾ فقيرعليم درس توڙي ٻيا پيري مريدي ۾ گهٽ يقين رکڻ وارا ماڻهو سندس اهڙين ڳالهين تي کيس ٽوڪيندا هئا ته هو ٻين مريدن وانگر آپي مان ٻاهر نڪرڻ بدران پنهنجي جاءِ تان ادب سان اُٿي اهڙي ڳاله ڪرڻ واري جي منهن تي هٿ ڏئي، ڳاله اتي ئي بند ڪرائي انهي کي مخاطب ٿي چوندو هو، “ادا، تون ٻيو گهڻو ئي ڀلو آهين پر اها پيري مريدي ۾ گهٽ يقين رکڻ واري پِٽ الائي ڪٿان لڳي اٿئي“.
ڀر واري ڳوٺ ۾ آچار نالي ڳوٺاڻي جا هڪ درجن کن ٻار هئا، ان کي چوندو هو، “ادا آچار، ڳوٺ ۾ جنهن  ٻار کان پُڇُون ٿا، “ابا، ڪنهن جو پُٽ آهين؟“ هر ٻار تنهنجو نالو ٿو کڻي، پنهنجي گهر ۾ ايترا ووٽ ٺاهيا اٿئي، اڳتي هلي اليڪشن ۾ بيهڻ جو ارادو آهي ڇا؟“
اسڪول ويندڙ ٻارڙن کان پيار سان پڇندو هو، “پُٽ، گهڻو پڙهيا آهيو؟“ ٻار جواب ڏيندا هئا ته، “ماما، پنجون، اٺون يا ڏهون درجو پڙهون ٿا“ ته چوندو هو “بابا آئون اڻ پڙهيل آهيان، درجن مان نه ٿو سمجهان، اوهين ٻُڌايو ته گوڏي جيترو، چيله جيترو، ڪلهي جيترو، يا اڃا به وڌيڪ پڙهي ويا آهيو“
ٻالڪپڻ کان ئي دم جي موروثي بيماري، مٿان وري ڪڻڪ جي ڪنهن کري کي لڳل باه وسائڻ جي ڪوشش دوران باه ۽ دُونهن جي سٽ لڳڻ ڪري سندس ڦڦڙ وڌيڪ داغجي ويا هئا سو ان بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري ڀائرن ۽ ڀينرن جي وڏي اصرار باوجود آخر تائين شادي نه ڪيائين، هو شادي کان بار بار انڪار ڪندي چوندو هو ته “اوهان کان جيڪا پُڄي سا منهنجي خدمت ڪجو باقي مون بيمار کي ڪنهن پرائي ڄائيء جي مٿي تي نه مڙهجو، آئون بيمار آهيان، شادي ڪري زال کي به سورن ۾ وجهان ۽  جيڪي ٻار ڄڻيان اهي به سڀ مون وانگر دم جا مريض، پوءِ سڀ ڀاتي گهر ۾ راڳِين وانگر ٽوليون ٺاهي پيا سهڪنداسين تنهنڪري شادي نه ڪندس.“

Friday, 11 April 2014

اُڏوهي جو کاڄ ٿي ويل 3 لئبريريون

اسان جي شهر ڍوريناري ۾ گذريل اڌ صدي کان هلندڙ 3 لئبريريون گذريل ڪجه ئي سالن دوران ادارن جي بدانتظامي ۽ شخصي لاپرواهين سبب لکين روپين جي ناياب ڪتابن، المارين ۽ فرنيچر وغيره سميت اُڏوهي جو کاڄ ٿي ويون آهن. ٽائون ڪاميٽي جي پبلڪ لئبريري جيڪا 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ۾ بلدياتي نظام جي شروعات وارن ڏينهن ۾ قائم ڪئي وئي هئي تنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب، رسالا ۽ ڪيتريون ئي روزانيون سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون پڙهڻ لاءِ موجود هونديون هيون، اها لئبريري پهرين ٽائون ڪاميٽي جي آفيس بلڊنگ ۾ ۽ پوءِ هڪ شاپنگ سينٽر جي ڇِتِ تي واقع هڪ عمارت ۾ قائم رهي پر پوءِ ان عمارت جي ڊهڻ سان ان لئبريري جا قيمتي ڪتاب به دٻجي ويا، ان ڊٺل عمارت جو ملبو هٽائڻ لاءِ هلندڙ روايتي ڊگهي لک پڙه کان پوءِ جڏهن انهن ڪتابن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ته اهي اُڏوهي جو کاڄ بڻجي چڪا هئا، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، وري ان پبلڪ لئبريري جو شهر ۾ ڪو نالو نشان به ناهي بچيو. ٻي اسٽوڊنٽ لئبريري جيڪا حالي هاءِ اسڪول ۾ ساڳئي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ شهر ۾ هاءِ اسڪول جي قيام سان گڏ قائم ٿي ۽ وڏو عرصو موجود رهي شاگردن جي مطالعي جي ٻاڙ لاهيندي رهي سا پڻ هاءِ اسڪول جي اپ گريڊ ٿي هائير سيڪنڊري اسڪول ٿيڻ سان اپ گريڊ ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر مرڳو پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺي، هن اسٽوڊنٽ لئبريري جي ڪتابن جي ڪيترن ئي سالن تائين ڪٻٺن ۾  ڪا به سارسنڀار نه ٿيڻ ڪري اهي سمورا ناياب ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وغيره به اڏوهي جو کاڄ ٿي ويا. ساڳئي حالت شهر جي ان سماجي تنظيم پاران قائم ڪيل شاه لطيف لئبريري جي ڪتابن سان به ٿي چڪي آهي جنهن تنظيم جو هن شهر ۾ بنياد 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيوهو جڏهن اڃا سنڌ ۾ رڳو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون سماجي تنظيمون هيون جن جا عهديدار رضاڪارانه طور بنا پگهار، سهوليتن يا معاوضي جي پنهنجي کيسي جي خرچ تي ڪم ڪندا هئا. ان تنظيم وارن به جڏهن ڏٺو ته نئين دور ۾ پاڪيٽ تنظيمون ٺاهي پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگهجن ٿا ته هنن به اهو ئي ڪيو جيڪو اڄ ڪله هلي پيو، تنظيم جي اڳوڻي عمارت ڪجه لکن ۾ وڪرو ڪري پنهنجي بااثر ميمبرن جي مدد سان هڪ وڏي سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري ان ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول قائم ڪري ورتو پر انهن کان اها لئبريري ٻيهرقائم ڪرڻ وسري وئي جنهن لاءِ شهر جي ڪيترن ئي ماڻهن ڪتاب رڳو ان خيال سان ڏنا هئا ته اهي اتي وڌيڪ  پڙهيا ويندا ۽ وڌيڪ محفوظ هوندا.  هاڻ جڏهن بلدياتي چونڊون ٻيهر ٿيڻ واريون آهن ته اسين شهرواسي انهن سڀني لاڳاپيل اميدوارن ۽ ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي سمورين 3 لئبريرين کي ٻيهر ساڳئي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي ته جيئن اسين شهرواسي ۽ شاگرد انهن مان ڪو فائدو وٺي سگهون.

ٺرو زندگيون ڪيئن ٿو ٺاري؟



پوليس، ايڪسائيز توڙي ٻيا کاتا کڻي ڪيتريون به ترديدون يا وضاحتون ڪن پر هن حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته  سنڌ ۾ ٺرو هڪ صنعت جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، هر ڳوٺ  توڙي شهر يا ان جي ڀر وارين آبادين ۾ ٺري جون بٺيون آهن جتي هن مهانگائي ۽ بيروزگاري جي زماني ۾ هزارين خاندانن جو روزگار جو ذريعو صرف ٺرو ئي آهي. جتي مرد، عورتون توڙي ٻارڙا صبح کان رات تائين هن ڪم ۾ مصروف هوندا آهن. پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا توڙي پريس به تڏهن سامهون اچن ٿا جڏهن زهريلو ٺرو واپرائڻ سبب چار ڇه يا ان کان وڌيڪ حياتيون ٺري وڃن ٿيون ان کان پوءِ وري خاموشي ٿي  وڃي ٿي پر هي ڪاروبار جيئن جو تيئن هلندو ئي رهي ٿو. ٻهراڙين ۾ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جن ڏانهن شهرن کان ڳُڙ جون ڊاٽسنون روزانو ڀرجي وڃي ڳوٺن جي انهن ننڍن ننڍن دڪانن تي لهن ٿيون جتي اٽي، کنڊ، چانه ۽ ٻين شين جي ايتري سيل نه ٿي ٿئي جيتري ڳُڙ جي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي ٺرو گهڻو ڪري ڳُڙ مان ئي ٺاهيو وڃي ٿو. پوليس توڙي ٻيا لاڳاپيل کاتا پنهنجي حدن ۾ گُٽڪي، چرس، آفيم، جوا ۽ فحاشي جي اڏن جي وجود کان به انڪار ڪن ٿا پر اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته اهي اڏا شٽر ڊائون هڙتالن دوران به کليل هجن ٿا جن تان پوليس پابندي سان ڀتو وصول ڪندي رهي ٿي. گُتي تان ملڻ وارو شراب توڙي زهريلو ٺرو هجي يا بنا زهر وارو پر اهي سڀ قسم پيئڻ واري جي صحت تي انتهائي خطرناڪ اثر ڇڏين ٿا ۽ مذهبي طور به اسان کي انهن جي استعمال کان سختي سان روڪيو ويو آهي پر ان هوندي ڪجه پراڻا پياڪ ان خيال جا به آهن ته پاڻ وٽ شراب انسانن وانگر نه پر جانورن وانگر پيتو وڃي ٿو جيڪو انسانن جون حياتيون وڃائڻ جو سبب بڻجي ٿو. ٻهراڙين جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ ڪيترائي اهڙا پياڪ به ملن ٿا جيڪي ننڍي پيماني تي گهر ۾ ٺهندڙ ٺري کي ڪارخاني جي ليبارٽري مان چڪاس ٿيل شراب تي ترجيح ڏين ٿا انهن جو دليل آهي ته گهر ۾ ٺهندڙ چوپائي مال جي نج گيه ۽ ڪارخاني ۾ ليبارٽري جي چڪاس ڪيل گيه ۾ جيڪو فرق آهي اهو ئي گهر ۾ ٺهڻ واري ٺري ۽ ڪارخاني ۾ ٺهڻ واري شراب ۾ به فرق آهي. عام طور ڏٺو ويو آهي ته شهرن ۾ جتي گُتن تي پوليس آفيسرن جي ناجائز فرمائشن سبب گتا بلڪل بند يا رڳو هندن يا ٻين غير مسلم ماڻهن جي لاءِ کليل هجن ٿا ته اتي بازار جي گهرج ۽ رسد ۾ عدم توازن پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ ڪجه ماڻهو ان جو ناجائز فائدو کڻي ٺري ٺاهڻ ۾  ڪجه ڪيميڪل ملائين ٿا جنهن سان ڪيترن ئي بي قصور نوجوانن جون حياتيون ضايع ٿين ٿيون، اهڙا امڪان رڳو ڳتيل آبادين ۾ ۽ عيدن، ڏياري، هولي ۽ شادين وغيره تي پيش اچن ٿا. انهن سڀني مسئلن ۾ اضافي جو هڪ وڏو سبب اسان جي سنڌ حڪومت پاران شراب تي وڏو ٽيڪس آهي، اسين سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو انسانن جي حياتين تي رحم ڪري شراب تان ٽيڪس گهٽ ڪن ته جيئن ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن.       

سنڌي هاري جي حالت ۽ غلامي بابت نئين عالمي رپورٽ




 تازو آيل هڪ عالمي اداري پاران گروي ۽ جبري پورهئي جي بنياد تي مرتب ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 6 ارب آبادي واري ڌرتي جي هن گولي ته 3 ڪروڙ انسان اڄ به غلامي واري زندگي گذاري رهيا آهن. جنهن ۾ هندستان پهرئين، چين ٻئي ۽ پاڪستان ٽئين نمبر تي آهن. هن فهرست ۾ ڪيترن ئي ترقي ڪيل ملڪن کي به شامل ڪيو ويو آهي. عالمي رپورٽ هڪ پاسي رکي اسين هتي سنڌي زرعي پورهيت يا هاري جي عام زندگي جو جائزو وٺون ته حالات ڪافي خراب نظر اچن ٿا.  گروي ۽ جبري پورهئي جي حوالي سان زرعي پورهيتن کان به وڌيڪ خراب حالت بٺن تي سرون ٺاهڻ وارن مزدورن جي آهي جن جو اسي سيڪڙو جڏهن ته زرعي پورهيتن جو پنجاه سيڪڙو گروي يا جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن. زرعي پورهيتن کي يونين ٺاهڻ ۽ سوشل سيڪيورٽي وغيره جي ڪابه قانوني سهوليت ناهي. گذريل ٻن ٽن سالن واري ٻوڏ سبب گروي ۽ جبري پورهيو ڪرڻ وارن جي سنڌ ۾ هڪ نئين کيپ به پيدا ٿي وئي آهي. ٻوڏ  جا ستايل ماڻهو بٺن ۽ زمينن جي مالڪن وٽ پنهنجا ٻچا گروي رکي مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. اسان وٽ جبري پورهيو ڪرڻ وارو ڪو خاندان جيڪڏهن هڪ زميندار کي ڇڏي ٻئي وٽ پورهيو ڪرڻ چاهيندو آهي ته اڳوڻو زميندار مٿس لکيل قرض ٻاهرو ٻاهر ٻئي زميندار کان وصول ڪري پوءِ ان هاري جو خاندان سندس حوالي ڪندو آهي، ان طرح ايمانداري سان ڏسجي ته اها زميندارن وچ ۾ هارين جي خريد و فروخت ئي آهي جيڪا هن ڌرتي تي اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي. ڪيترائي زميندار هارين کي خريف يا ڪتي جي فصل جي ونڊي ته ڏيندا آهن پر ربيع يا چيٽ جو سمورو فصل ساڳئي هاري جي سنڀال هيٺ پچائي سيري جي نالي ۾ ٻئي مٿا پاڻ کڻي ويندا آهن، اهڙي طرح سال جا چيٽ وارا ڇهه مهينا هاري جو ڪمائي وارو ميٽربيٺل رهندو آهي ۽ هو جيڪي وِرو ۽ بيماري سيماري جي حالت ۾ زميندار کان کڻت کڻندو آهي اهو قرض جي صورت ۾ مٿس چڙهندو رهندو آهي. هارين سان ليکي ۾ به زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون، زميندار پاران ڦٽيون ٽي هزار روپيا في مڻ وڪرو ڪري هاري کي ٻه هزار يا ٻاويه سئو جو اگهه ٻڌايو وڃي ٿو ساڳئي ريت ڀاڻ جي ٻوري پنجويه سئو ۾ خريد ڪري هاري مٿان ساڍا ٽي هزار ۾ مڙهي وڃي ٿي، ورو به بازار جي اگه کان مٿي ملي ٿو، هاري اهي معاملا ڪٿي به چئلينج نه ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي هارين سان عقيدي ۽ ذات برادري جي بنياد تي به زيادتيون ڪيون وڃن ٿيون جنهن جو دنيا ۾ ٻئي پاسي هاڻ ڪو تصور به ناهي، زميندار جي ساڳئي مذهب يا برادري جو هاري هوندو آهي ته ان سان سٺو وهنوار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو مٿي ڄاڻايل زيادتين کان ڪنهن حد تائين بچيل رهي ٿو پر جيڪڏهن هاري ٻئي مذهب يا برادري سان تعلق رکي ٿو ته ان کي اُبتي ڪاتي سان ڪُٺو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ ڪولهي، ڀيل اوڏ ۽ ٻين هندو هارين جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن، مسلمانن مان رڳو ماڇي، شيخ ۽ بجير وغيره ئي آهن، جن سمورن کي هن جاڳيردار سماج ۾ گهٽ ذات وارا سمجهيو وڃي ٿو.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان  عدالتي ذريعي هزارين هاري ظالم زميندارن جي نجي جيلن مان آزاد ٿي چڪا آهن زميندارن تي انهن کان گروي ۽ جبري پورهيو وٺڻ جا ڏوه ثابت ٿيڻ باوجود هڪ به زميندار کي هن وقت تائين ڪنهن عدالت پاران ان ڏوه جي سزا ناهي ملي. عدالتون اهڙن ظالمن کي سزائون ڏيڻ جي شروعات ڪن ته زميندارن جو هارين سان رويو بهتر ٿي سگهي ٿو.
نورمحمد سمون، ڍورونارو