Pages

Thursday, 22 May 2014

ٿر ۾ سُوڙه جا ڏينهن، جن دوران ماڻهو به مارجيو وڃن!




نورمحمد سمون

مِينهن جي مند ايندي ئي ٿرواسي پنهنجا کيٽ کيڙڻ جون تياريون شروع ڪندا آهن، اڇڙي ٿر ۾ کيٽ گهٽ کيڙبا آهن، جو اتان جي زمين گهٽ زرخيز آهي ۽ واري سنهي هئڻ ڪري وڌيڪ اُڏامي ٿي، ڀِٽون گهڻو ڪري گاه، ٻُوٽن ۽ وڻن کان آجيون هونديون آهن، جڏهن ته تَلين ۽ ڀِٽن جي پاساڙن ۾ وڻن، ٻُوٽن ۽ گاهن جي ساوڪ ٿيندي آهي. اڇڙي ٿر جي ڪجه علائقن ۾ ڳوٺاڻين آبادين کان ڪيئي ڪلوميٽر پري پوکون به پوکجن ٿيون، باقي سڄو اڇڙو ٿر چوپائي مال جو گئوچر آهي. اڇڙي ٿر وارن جو ٻئي ٿر جي ڀيٽ ۾ چوپائي مال تي وڌيڪ دارومدار آهي. ٿرپارڪر واري ٿر جي زمين وڌيڪ زرخيز آهي تنهنڪري هتي گهڻي کان گهڻي باراني زراعت ٿئي ٿي، ٻاجهر ۽ گُوار هتان جا وڏا ۽ اهم فصل آهن، انهن کان سواءِ مُڱ، تِر، ڪورڙ، ڪاڙينگ، گدريون ۽ ميها وغيره به پوکيا وڃن ٿا، هتي نه رڳو انگريز دور کان گئوچر ڄاڻايل تَليون به پوکجن ٿيون پر ڪجه علائقن ۾ ته ڳوٺن جي  ويجهو تَڙن (کُوهن) واريون تليون به پوکي ڇڏيندا آهن پوءِ ويچارو چوپايو مال پاڻي پيئڻ لاءِ ٿاٻا کائيندو رهندو آهي.
مينهن جي مند ايندي ئي، مينهن وسڻ کان اڳ پنهنجين ٻنين مان پوک واري هنڌ تي بيٺل وڻ ۽ ٻُوٽا وڍڻ کي، هتان جا هي هاري، پارڪر، ٿر ۽ اڇڙي ٿر ۾ “سُوڙه ڪرڻ“ چوندا آهن. شهرن جي ڪارين (لوهارن) کان پنهنجون پراڻيون ڪهاڙيون نئين سر ٺپرائيندا آهن يا وري نيون وٺندا آهن، هن وقت ڪاريا هڪ ڪهاڙي ٺپي پوءِ ان کي ڌُوئڻ تي تپائي پاڻي ڏيڻ جا اٽڪل 50 روپيا وٺن ٿا ۽ نئين ڪهاڙي هتي 4 سئو کان 5 سئو روپين ۾ ملي ٿي. شهرن کان پري وارا ٿري هاري پنهنجا هَرَ ۽ ڦارَ به ڪهاڙين سان گڏ  تيار ڪرائيندا آهن. هر هڪ هَرَ سان گڏ ٻه ٽي ڦار اسپئر ۾ به رکندا آهن ڇو جو پوکائي دوران ٿر ۾ هَرَ، وڻن جي پاڙُن ۾ ڦاسجي ويندا آهن جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن هرِهن به ٽُٽي ويندي آهي ۽ ڦار مُڏا ٿي يا مُڙي ويندا آهن ته هاري هر مان اهو ڦار ڪڍي اسپئر وارو ڦار لڳائيندا آهن. هنن هارين سان پنهنجا هٿوڙا ۽ گهوٻا به گڏ هوندا آهن جن سان پاڻ به ٿورو مُڙيل ڦار ٺپي سڌو ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر جي واري جي داڻن ۾ لوه (آئرن) گهڻو هئڻ ڪري هتي هلندڙ لوه جو هرُ ۽ ڦار جلدي گسي ويندا آهن. لوه جي گهڻائي جو اندازو لڳائڻ لاءِ چقمق کي واريءَ اندر ٿوري ديرگهمائبو آهي ته ان مٿان لوه جا ڪارا داڻا تمام گهڻي انداز ۾ هڪدم چُهٽي ويندا آهن.
هاڻ ٿر ۾ گهڻي پوکائي بئراج ايريا کان ڀاڙي تي آندل ٽريڪٽرن ذريعي ڪئي وڃي ٿي، مينهن وسڻ کان پوءِ پاڻ کي ٿر ڏانهن ويندڙ رستن تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪلٽيويٽرهر وارا ٽريڪٽر نظر ايندا آهن. ٿر جي زمينن تي پوکائي ڪندڙ ٽريڪٽر جي ڳوٺ گابار واسي ڊرائيور قائم راڄڙ ٻڌايو ته گذريل سال ٿر ۾ پوکائي هڪ هزار کان 12 سئو روپيا في ڪلاڪ هئي، هن سال ڊيزل ڪجه وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي سو هاڻ گهٽ ۾ گهٽ 1500 روپيا في ڪلاڪ جي حساب سان پوکائي ڪبي. هن جو چوڻ هو ته اهو ڊرائيور تي دارومدار آهي ته اهو هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيتري زمين کيڙي وٺي ٿو، تجربيڪار ڊرائيور هڪ ڪلاڪ ۾ چوڪڙي به ڪڍي سگهي ٿو. ٿر ۾ ڪيترائي هاري اڃا به اُٺن، ڍڳن ۽ گڏهن تي هَرُ ڪاهين ٿا، ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي نرم واريءَ ۾ ته گڏه ۽ اُٺَ به هرُ ڇڪي وٺندا آهن پر پارڪر جي سخت زمين ۾ هرُ رڳو ڍڳن تي ئي ڪاهي سگهجي ٿو.
سُوڙه لاءِ وڃڻ وقت گهڻا هاري چوڪنا ٿي سنئوڻ يا سُگن ڏسندا آهن، ڪهاڙي هٿ ۾ ۽ سانداري (ٻڪري يا رڍ جي کَل مان پاڻي کڻڻ لاءِ ٺهيل) ڪڇ ۾ کنيل هاري  کي واٽ ۾ پاڻي سان ڀريل گهڙا کنيل عورتون يا کير کڻي ايندڙ ڪو ماڻهو سامهون آيو ته پئُون ٻارَهن، کير مان آڱر ٻوڙي چکندا ۽ ڏاڍو خوش ٿيندا ته هي سال تمام سٺو آهي پر جيڪڏهن خالي گهڙن واريون عورتون سامهون آيون، ڳوهَ واٽ ٻوٽي وئي يا سندن واٽ جي کاٻي پاسي تي چٻرو يا گُگه پکي ڳالهايو ته ان کي بد سنئوڻ سمجهي، ٻنيءَ تي سُوڙه لاءِ وڃڻ بدران ان ڏينهن اتان ئي مُنهن لاهي (موڊ آف ڪري) واپس موٽي ايندا آهن ۽ وري ٻئي ڏينهن ويندا آهن. جن ٻنين ۾ مينهن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ٽانڪا (سيمينٽ سان ٻڌل ٽانڪيون) هوندا آهن، انهن جي صفائي به سوڙه دوران ڪندا آهن.
پارڪر وارا هاري سُوڙه دوران پنهنجي ٻني ۾ ڇانوَ وارا يا اڏاوت ۾ ڪاڃڻ وغيره جو ڪم ڏيڻ وارا، سِڌي ۽ ڊگهي ڪاٺي وارا وڻ ڇڏي باقي سمورا وڻ ۽ ٻُوٽا وڍي، ٻني سڄي صاف ڪري ڇڏيندا آهن. ٿر ۽ اڇڙي ٿر وارا هاري سُوڙه دوران وڏي احتياط کان ڪم وٺندا آهن، ڇاڪاڻ ته جُون جي مهيني ۾ لڳندڙ ڏکڻ_اوله طرف جي تيز هوائن سان سندن ٻنيءَ جي زمين جو مٿيون زرخيز تهه اڏامي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي، وڏا وڻ جهڙوڪ کٻڙ ۽ ڪنڊي بلڪل ناهن وڍيندا، کٻڙ جي پاسن کان ڇانگ ڪندا آهن ۽ ڪنڊيءَ کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنڊيءَ جي وڻ جا پن، ٻٻُر جي وڻ جي پنن وانگر زمين جي زرخيزي وڌائيندا آهن. ٻُوه، ڦوڳ، کِپُ، اڪ ۽ گهڻو پکڙيل ڪِرڙ جو وڻ وڍي انهن جي ڊينگهرن سان پنهنجي ٻنيءَ اندر، اتر_اوله کان ڏکڻ_اوڀر جي رخ تي ٻه اڍائي سئو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪڙون (ٻنا) ٺاهيندا آهن ته جيئن جُون جي مهيني ۾ لڳندڙ جھَڪُن سان سندن زمين جي اڏامندڙ زرخيز واري وري به انهن ڊينگهرن جي اوٺ ۾ سندن ئي زمين ۾ ويهي رهي، اهڙي نئين گڏ ٿيل نرم ۽ زرخيز واريءَ تي فصل جو جيڪو به سلو ڦُٽو، اهو ٻِي زمين تي ڦُٽل سلن کان وڌيڪ نِرو نِمرو (صحتمند) هوندو آهي ۽ وڌيڪ اُپت ڏيندو آهي.
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي فصلن، وڻن ۽ ٻوٽن جي ماهر پروفيسر مٺل جسڪاڻي چيو ته ٿر جي ماڻهن کي اسان هميشه صلاح ڏيندا رهيا آهيون ته اهي سوڙه نه ڪن ته سٺي ڳاله آهي، وڻن ۽ ٻوٽن کي پنهنجي جاءِ تي رهڻ ڏيڻ ۽ واري جي اڏامڻ کان پنهنجون زمينون بچائين. هن جو چوڻ هو ڪيترائي ٿري هاري برسات وسڻ کان اڳ ٻجن جي ڇٽ ڪري ڇڏيندا آهن، اها ڇٽ موسميات کاتي جون ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ايندڙ اڳڪٿيون ٻڌي پوءِ ڪن ته فائدي ۾ رهندا.
هيلوڪي سال ٿر جي ڪجه علائقن ۾ آڳاٽو مينهن وٺو آهي جنهن سان ڇاڇري واري پاسي اوڀڙ به اُڀڙي چڪي آهي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تعلقن جي ڪجه علائقن ۾ تازو وٺل مينهن جي اوڀڙ به 3 ڏينهن اندر اُڀڙي ايندي پر گهڻا ٿر واسي هن آڳاٽي مينهن کي فصل ۽ گاه جي حساب سان لاڀائتو ناهن سمجهندا، آڳاٽي مينهن مان وڻن ۾ سڀ کان پهرين ڪُنڀٽ، ٻيرڙي، ٻائُري، موراڙي، ڳاڱيٽڻ، گُگرال ۽ ننڍن ٻُوٽن ۾ سِڻَ، ٻُوڙو ۽ گاهن ۾ وري رڳو چِيهو ۽ نهري علائقن ۾ ٿيندڙ ڇٻر جهڙو گاه، جنهن کي اڇڙي ٿر ۾ “ڳنڍِير“ ۽ باقي ڏکڻ ٿر ۾ “موٺ“ سڏيندا آهن، اهي گاه ساوا ٿيندا آهن، باقي ٿيندڙ سمورا گاه جهڙوڪ، ڀُرٽ، لنب، ساٽاڙو، ڦُلهڙي، جهيرڻيون، لُلُر، ويڪرُ، ٽڪنڊي، مرهيڙو وغيره جُون مهيني ۾ لڳندڙ ڏکڻ جي تيز هوائن سان 95 سيڪڙو ريٽجي ويندا آهن، باقي 5 سيڪڙو وڻن جي اوٺ ۾ هئڻ ڪري ريٽجڻ کان بچي ويندا آهن ۽ ريٽيل گاه اتي ئي سڪي ضايع ٿي ويندا آهن.
آڳاٽي مينهن ۾  هڪدم نوان ساوا چهچ پن جهليندڙ ڪنڀٽ جو وڻ اوٺي مال جو چارو آهي. ٻيرڙي، ٻائُري، موراڙي وغيره ننڍا وڻ هئڻ ڪري ٻاڪري مال جي به پهچ ۾ هوندا آهن، هيٺ ڪنڌ ڪري هلندڙ ريڍو مال رڳو زمين تي ٿيندڙ ننڍي کان ننڍو گاه چَرندو آهي، سِڻ ۽ ٻُوڙو وغيره ڳائو مال چري ٿو ۽ گڏه ڳنڍير مان تيستائين ٻاهر ناهي نڪرندو جيستائين ڍئو نه ڪري وٺي.
روينيو کاتي پاران سادن ٿرواسين سان جعلسازي جي ڪري ڪيترائي ٿري ماڻهو ٿر جي هنن ٻنين تان پاڻ ۾ وڙهندا به رهندا آهن. هڪ ئي ٻنيءَ جا ٻه ٻه ٽي ٽي کاتا ٺاهي ڏيندڙ روينيو کاتي جي انهن لالچي ڪامورن جي ڪري هر ٻئي ٽئين سال ٿري ماڻهو هتي هن سُوڙه جي ڏينهن ۾ وڙهي مري به ويندا آهن، هر سال هنن ڏينهن ۾ اهڙا جهيڙا اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا آهن ۽ ڪيترا ئي اڳوڻا ڪيس اڃا تائين عدالتن ۾ هلندڙ آهن.

وڻن جي ڏُٿَ جا ڏينهن ۽ وڻن جو ٿيندڙ قتل



جتي لِيار پيرون پٽن تي پچن ٿا..................

نور محمد سمون

ٿرن ۾ ڏُٿ 2 قسمن جو ٿيندو آهي، هڪ وڻن جو ڏُٿ ۽ ٻيو پٽَ جو ڏُٿ، هن وقت اڇڙي ٿر، ٿر ۽ ناري، ٿر ۽ رڻ
  ڪڇ  جي ڪَسَن (سنگم وارين پٽين) اڇڙي ٿر جي  ڍنڍن جي ڪنارن، روهڙي کان رحيم ڪي بازار تائين نارا ڪئنال جي ڪنڌين تي ۽ ٿر جي هر تليءَ، دڙن ۽ انهن جي پاساڙن ۾ وڻن ۾ ڏُٿ لڳل آهي، وڻن جي ڏُٿ ۾ پيرون، ڪوڪڙِ، ڳولُون (وڻن تي ٿيندڙ ننڍن پنن واري هڪ وَل ۾ کجور جيڏو ڳاڙهي رنگ جو ميوو) سڱريون يا مَڃَرُ، پڪا ۽ ڏينا يا ڏئونرا شامل آهن.

 اڄ کان ٻه ٽي ڏهاڪا  اڳ به هتي قدرتي وڻن جا ڪي گهاٽا ٻيلا ته نه هئا پر پوءٕ به کٻڙ يا ڄار، ڪنڊي، روهيڙي، نم،  لئي، ٻٻر، ڪُنڀٽ،  ڪِرڙ، لِيار، گگرال، ڳاڱيٽڻ، ڦوڳ، ٻيرڙي، کِپ، ٻُوھ، اڪ ۽ ٿوهر سميت ڪيترن ئي ساون وڻن ۽ ٻُوٽن جون تمام گهاٽيون هُڙيون، جُوئا ۽ جُهڳٽ ضرور هوندا هئا، انهن قدرتي وڻن مان ڦوڳ ۽ گُگرال ته گذريل ڪجه سالن دوران وڍجي ناياب ٿي ويا آهن، گُگرال مان گهڻي کان گهڻو گُگر ڪڍڻ لاءِ ان مٿان ڪيميڪل هاري ان جو خاتمو آندو ويو، جڏهن ته ڦوڳ جي ڪاٺي پيٽرول وانگر ٻرندي هئي، ٻين وڻن جي 4 ڀرين مان جيترو چُلهو ٻرندو آهي ان کان ڦوڳ جي هڪ ڀريءَ سان وڌيڪ ٻرندو هو سو ڪاٺيرن نه رڳو ڪاٺيون پر ڦوڳن جون پاڙون به کوٽي ٻاريون يا ٻارڻ طور شهرن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيون. انهن وڻن ۾ جهنگلي جيوت جي وڏي آبادي هئي، وسڪاري ۾ انهن مان وڏن توڙي ننڍن وڻن جي هيٺان مرهيڙو ٿيندو آهي ۽ مٿان وري ڳمول جون وليون وڇائجي وينديون آهن۔ وڻن ۾ فيبروري يا ڦَڳڻ مهيني ۾، جڏھن ٻُور لڳندو آهي ته ماکئ جون مکيون ان مان رس چُوسي پنهنجي مانارن ۾ ماکي گڏ ڪنديون آهن، ڌڻار توڙي ٻيا ڏوٿي ڳوٺاڻا اهي ماکيون ڇاڻي پنهنجي گهرن ۾ ڪم آڻيندا آهن، ڪنهن کي تحفي طور ڏيندا آهن يا وري  وڪرو ڪري پنهنجو گذر سفر ڪندا آهن، نج ماکيءَ جي هڪ بوتل هاڻي هتي 800 کان هڪ هزار روپين ۾ وڪرو ٿئي ٿي۔
مارچ يا چيٽ ۽ اپريل يا ويساک جي مهينن ۾ ڪنڊيءَ مان آهستي آهستي ٻُور ڇڻي ويندو آهي ۽ ڪنڊيءَ ۾ سڱريون ٿينديون آهن، ساڳئي ريت ڪِرِڙ جي وڻ ۾ لڳل خوبصورت پُسي (ڳاڙها گُل) ڇڻي ويندي آهي ته ان پُسي جي جاءِ تي ساوا ڏئونرا ٿيندا آهن، سوين ڏوٿي ڪنڊيءَ جون سايون سڱريون ۽ ڪِرِڙ جا ساوا ڏئونرا ميڙي، مڻن جي حساب سان کڻي پنهنجي ويجهن شهرن ۾ وڪرو ڪري روزگار ڪمائيندا آهن.
جڏهن ته ٻيو پَٽَ جو ڏُٿ هوندو آهي جيڪو ايندڙ مهيني برسات وسڻ بعد تيار ٿيڻ شروع ٿيندو، پَٽَ جي ڏُٿ ۾ پِپُون، مرهيڙو، لُلُر، کُنڀيون، ٽِينسِين (قدرتي وَل ۾ لڳندڙ گلاب جامن جيڏا ميها) ننڍا ۽ وڏا چِڀِڙ ڪٽي، پٽ تي کِپ يا چڳون وڇائي انهن مٿان سُڪايا ويندا آهن، سُڪڻ کان پوءِ انهن کي اڪثر مٽيءَ جي مٽن يا ماٽِين ۾ محفوظ ڪبو آهي ته جيئن انهن کي ماڪ يا برسات ۾ گِهم نه لڳي. هي ڏُٿ ٿري ماڻهو پنهنجي دوستن ۽ مائٽن کي سوکڙي طور به ڏيندا آهن. ڏيپلائي ميمڻ، لوهاڻا، مهيشوري ۽ ٻين برادرين سان واسطو رکندڙ اصل ٿري ماڻهو جيڪي هاڻ ڪاروبار ۽ نوڪرين سانگي ٿر ڇڏي ملڪ جي ڏُورانهن وڏن شهرن ۾ رهن ٿا سي ڏُٿ موراٽ (شوق) مان واپرائيندا آهن جڏهن ته ٿر ۾ رهڻ وارا ڏُٿ کي پنهنجي روزانو جي خوراڪ جو حصو سمجهن ۽ واپرائين ٿا. اَڙَڪ ولين (هڪ سال اڳ کاڌل ڇانهِين جا جيڪي ٻج پوک کان ٻاهر ڀِٽن تي اڇلايا ويندا آهن، اهي اتي واري ۾ پُورجي ويندا آهن ۽ ٻئي سال برسات وسڻ تي انهن مان ڦُٽل وَلين کي “اَڙَڪ“ وَليون چئبو آهي) ۽ پوکيل وَلين جا ڪاڙينگ (ڇانهِيون) ڪٽي، انهن جون ڪُريون (ٻج) ڳِر سميت سُڪايون وينديون آهي، ڳِر سُڪڻ سان ختم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪُريون ميڙي گڏ ڪبيون آهن، هاڻ ڪُريون به بازار ۾ وڏي اگه ۾ وڪامن ٿيون. ڪُريون ڌوئي دانگي يا تَئي تي ٿورو سيڪ ڏئي ڀُڃڻ کان پوءِ اهي کاڄن ۽ مَڪئي جي ڦُلن جهڙو سڪل ميوو ٺهي وينديون آهن. ٽُوه وَل به هتي ٿيندڙ هڪ قدرتي جهنگلي وَل آهي جيڪا ڇاڇري، عمرڪوٽ تعلقن ۽ ان کان اتر واري اڇڙي ٿر ۾ پٽ تي پري پري تائين ڪارپيٽ وانگر وڇائجي ويندي آهي، مٺي، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلي تعلقن ۾ هي اتر ٿر جي نسبت گهٽ ٿيندي آهي، هن ول ۾ ڪرڪيٽ جي بال جيڏو درياءَ جي ڪچي جي گِدري جهڙو ڳاڙهو ۽ زهر جهڙو کارو داڻو لڳندو آهي، جيئن کٻڙ جا پيرون مٺا ۽ ڪلراٺي زمين تي کٻڙ جهڙي وڻ ڪالار ۾ به ساڳيا پيرون لڳن ٿا پر اهي وري تمام کارا هجن ٿا، ساڳئي طرح ٽُوه جي ول ۽ ان ۾ لڳل داڻي جي شڪل به گِدري جهڙي هجي ٿي سو ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن دوکو کائي ويندا آهن ۽ ٽُوه کي گِدرو سمجهي پٽي وٺندا آهن. هيءُ کارو ٽُوه ٻڪريون ۽ رِڍون شوق سان کائينديون آهن. هن کي حڪيمن پاران دوائون ٺاهڻ لاءِ به استعمال ڪيو وڃي ٿو، خاص طور مٺي پيشاب جي بيماري جي علاج واري دوا ٺاهي وڃي ٿي ۽ ڪجه سُگهڙ هن کي وڏي ڪاريگيري سان رچائي، مٺو ڪري، ان مان “ٽُوه جو حلوو“ به ٺاهيندا آهن. سنئوڻ ٻولڻ وارن هنن ٿرواسين پاران هن ول کي اتر ٿر ۾ ڀاڳ جي نشاني ۽ ڏکڻ ٿر ۾ وري ان جي ابتڙ نحوست يا نڀاڳ جي نشاني تصور ڪيو وڃي ٿو.
ٻنهي قسمن جو ڏُٿ، هنن ٿرن ۽ ان جي ويجهن شهرن، جهڙوڪ اوٻاوڙو، ڏهرڪي، گهوٽڪي، نارو، چونڊڪو، فيض گنج، پڪاچانگ، ورڪشاپ شهر، چوٽياريون، ٽنڊو مٺا خان، کپرو هٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائتي، ڏِنگ موري، کاهي، پٿورو، غلام نبي شاه، ڍورونارو، صوفي فقير،ڇور، نيوڇور، کوکروپار، کينسر، عمرڪوٽ، چيله بند، ڪُنري، نبي سر ٿر، نبي سر روڊ، ٽالهي، ڪانٽيو، ڇاڇرو، چيلهار، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، نئوڪوٽ، ڪلوئي، ڏيئي، ڪڍڻ، سَنهي گُوني ۽ ٻين ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي ويجهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪرو ڪندا آهن ۽ هن وقت به مٿي ڄاڻايل سمورن شهرن جي بازارن ۾ سڱريون ۽ ڏئونرا وڪري لاءِ موجود آهن، نهري پاڻي تي ٿيندڙ ساين ڀاڄين وانگر هنن جا اگه به گهرج ۽ رسد جي حساب سان هيٺ مٿي ٿيندا رهن ٿا. هن وقت 50 کان 100 روپيا في ڪلو يا ان کان ٿورو گهڻو هيٺ مٿي وڪرو ٿي رهيون آهن. هنن مان ٻوڙ رڌو وڃي ٿو، ڏئونرن مان ساڌاڻو (آچار) به ٺاهيو ويندو آهي ۽ سڱريون اُس ۾ سُڪائي رکبيون آهن پوءِ اهي سڄو سال دالِين وانگر گهر ۾ ٻوڙ رڌڻ جي ڪم اينديون آهن. مئي يا جيٺ جي پهرئين هفتي ۾ سڱريون پچي سائي مان ڀُورو رنگ اختيار ڪري کوکا ٿي وڻن تان ڇڻي پٽ تي ڪرڻ شروع ٿيندا آهن، جيڪي ٻڪريون، رڍون ۽ گڏه شوق سان کائيندا آهن، ساوا ڏئونرا وڏا ٿي، پچي ڳاڙهو رنگ اختيار ڪري “پڪا“ ٿي پٽ تي ڇڻندا آهن. هي ٿري ميوو “پڪا“ ذائقي ۾ ڏاڍا مٺا هوندا آهن سو ماڻهو به شوق سان کائيندا آهن پر گهڻا کائڻ سان هاضمي جو سرشتو متاثر ٿيندو آهي. مئي يا جيٺ جي مهيني ۾، ڄار يا کٻڙ جي وڻ ۾ فيبروري يا ڦڳڻ ۾ لڳل ٻُور، کَکَڙ ۽ ماڇَڪ وارن مرحلن مان گذري پيرون ٿيندا آهن. ککڙ سمورا ساوا هوندا آهن پر ماڇَڪ واري مرحلي دوران هي ٻن مختلف رنگن ۾ رنگجڻ شروع ٿيندا آهن. اڇڙي (آف وائيٽ) رنگ وارن کي هتي “سيڙِهيا“، “سِگهڙيا“ يا “سيڙڪا“ پيرون سڏجي ٿو جڏهن ته ڳاڙهي رنگ وارن کي وري “رتِيا“ يا “راتڪا“ پيرون سڏين ٿا. هتي جڏهن پيرون پچندا آهن ته ڳوٺاڻا ٻار ۽ عورتون ٽولين ۾ وڃي ڳاڙها ۽ اڇا پيرون چونڊي پاڻ کائيندا، پنهنجي پيارن کي کارائيندا ۽ گهڻا هجڻ ڪري ڪوڪڙِ ٺاهي رکندا آهن. پيرون چونڊڻ وارا ٻارڙا ۽ عورتون مِٽي جي ٽِڀي کي رسي سان پنهنجي پيٽ وٽ ٻڌي پوءِ وڻ مان چونڊيل پيرون ان ۾ وجهندا آهن، اهي ٽِڀا جڏهن ڀرجڻ لڳندا آهن ته مٿيون آخري تهه رڳو سيڙهين پيروئن جو ڏبو آهي. هي ڏُٿ وڏن شهرن ۾ يا سنڌ جي ميداني علائقن ۾ رهندڙ مائٽن ۽ دوستن ڏانهن سُوکڙي طور به اماڻيو ويندو آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مٿي ڄاڻايل ڪجه شهرن ۾ پيرون مڻن جي حساب سان خريد ڪري وڏن شهرن ڏانهن نيا پئي ويا جتي انهن مان صابڻ ٺاهيا ويندا هئا پر پوءِ اهو سلسلو ڪجه سالن بعد بند ٿي ويو. مئي يا جيٺ جي هن مهيني ۾ پيرون به مٿين شهرن ۾ وڪرو ٿيڻ ايندا آهن. پيرون تمام نازڪ ٿري ميوو آهي سو وڻ مان پٽجڻ کان پوءِ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ پاروٿو ٿي ڌَپ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هڪدم پٽي فِرج ۾ رکڻ سان انهن جي تازگي برقرار رکي سگهجي ٿي. وڻن مان پيرون پاڻ پٽي کائڻ جو مزو صبح سوير هجي ٿو جو ان وقت پيرون اڃا ٿڌا هوندا آهن. اتر ۾ جيئن انگُورن کي سُڪائي ڪِشمِش ٺاهي وڃي ٿي ايئن ئي هتي پيرون ڇانوَ ۾ سُڪائي “ڪوڪڙ“ ٺاهي ويندي آهي جيڪي پوءِ سڄو سال سُڪل ميوي طور واپرايا ويندا آهن. ڪنهن دور ۾ هتي پيرون مان ڳُڙ به ٺاهيو ويندو هو، تازا پيرون ماٽيءَ ۾ جهيرڻي سان گهڻي دير تائين لسي وانگر وِلوڙي، پوءِ ڪپڙي مان ڇاڻبا هئا، ٻج ۽ کلن وارو ڇاڻ مال کي چارڻ لاءِ کَڙ جو ڪم ڏيندو هو باقي بچيل پَتِ ۾ ننڍا ڦوٽا ۽ وڏڦ وجهي ڪجهه دير باه تي اُٻارڻ بعد ٿورو ٺاري ان مان ننڍيون ڳنڍيون ٺاهيون وينديون هيون. مٺي واسي دوست منگل سنگهه راٺوڙ، هائير سيڪنڊري اسڪول ڍورونارو جي استاد ڄام يونس سمون ۽ ڊيٻي واسي دوست محمود سهتي جو چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو ٿر ۾ ڪي سگهڙ عورتون اڃا به پيرون مان ڳُڙ ٺاهينديون هجن. اهو ڳُڙ وسڪاري ۾ هرُ ڪاهيندڙ هارين ۽ گهڻو پنڌ ڪرڻ سبب ٿڪجي پيل ٿرواسين کي کارائبو هو ته انهن جو سڄو ٿڪ لهي ويندو هو.
 جيئن ته ٿري ڏوٿين جي روزگار ۽ قدرتي ماحول جو گهڻو دارومدار وڻن ۽ ٻوٽن تي آهي، جيڪڏهن وڻ ۽ ٻوٽا بچندا ته هزارين ڏوٿين جو روزگار ۽ قدرتي ماحول به بچندو تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته قدرتي ماحول ۽ روزگار جي هن هڪ وڏي ذريعي کي بچائڻ لاءِ مقامي قدرتي وڻن ۽ ٻوٽن جي خاتمي جا سبب معلوم ڪري آئينده انهن کي وڍجڻ کان بچائڻ لاءِ اُپاء ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته ھاڻي رڳو قبرستانن، گهرن، اوطاقن جي اندر ڪو اڪيلو قدرتي وڻ بيٺل نظر اچي ٿو۔  انھن گهاٽن مقامي قدرتي وڻن ۽ ٻوٽن جي جاءِ تي حڪومت پاران 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ٻاھران درآمد ڪيل وڻ، ديوي جي والارٿي وئي آهي، ديوي به ڏاڍو قيمتي وڻ  آھي، وڍجڻ کان پوءِ صرف ھڪ _  ڏيڍ سال ۾ واپس وڌي وڏو وڻ ٿي وڃي ٿو، ديوي جي ٻُور مان ماکيون رَسُ چوسين ٿيون، پلڙا يا سڱريون چوپائي مال لاءِ بھترين چارو آھن ۽ ڪاٺي ٻارڻ توڙي اڏاوت لاءِ ڪم اچي ٿي۔
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وڻن، ٻُوٽن ۽ فصلن واري شعبي جي ماهر پروفيسر مٺل جسڪاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ جي باراني وڻن، ٻُوٽن يا فصلن تي ڪڏهن به ڪو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي تنهنڪري اهي تيزي سان ناياب ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٿر ۾ برسات بعد قدرتي طور ٿيندڙ وليون، ٻُوٽا ۽ وڻ تحقيق بعد ٿر جي فصلن ۾ بدلائي گهٽ وقت ۾ انهن مان وڌيڪ اُپت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ٿر جا چونڊيل نمائندا ان کي پنهنجي ترقياتي ايجنڊا جو حصو بڻائين ۽ ٿر ۾ هڪ باراني يونيورسٽي يا گهٽ ۾ گهٽ باراني ڪاليج قائم ڪري اهو ڪم شروع ڪرائين ته ٿر جي قسمت بدلجي سگهي ٿي.
 انساني آبادي وڌڻ ڪري سرڪاري ادارن توڙي عوام پاران وڻ ۽ ٻُوٽا وڍي، ميدان صاف ڪري، اتي پڪا روڊ، گهر، اوطاقون، دڪان، مسجدون، مندر، اسڪول، کرا ۽ مال جا واڙا وغيره ٺاهي ڇڏيا، غريب ماڻهن گهرن ۽  مال لاءِ ڇنا اڏڻ لاءِ به وڻ وڍي انهن جون ڪاٺيون اڏاوت لاءِ استعمال ڪيون۔ علائقي ۾ سُئي گيس نه هئڻ ڪري ٻارڻ لاءِ به وڻن جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون۔ وڻن جي ڪاٺين مان ڪوئلو ٺاھيو وڃي ٿو، ٿُڙ وارن وڻن جون ڪاٺيون آري تي چيري فرنيچر به ٺاھيو وڃي ٿو، کاڻين جو ڪوئلو مھانگو ٿيڻ کان پوءِ سِرن جي بٺن جي مالڪن ڪوئلي بدران ڪاٺين کي بٺن ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آھي، پڪا روڊ ٺهڻ کان اڳ وڻ وڍي انهن جون ڪاٺيون رڳو مٿي تي ڀري ۾، گڏھ، اُٺ يا بيل گاڏئ ۾ کنيون وينديون هيون پر هاڻي پڪا روڊ ٺهڻ کانپوءِ ٽرڪون، مزدائون، ڊاٽسنون توڙي ٽريڪٽر ٽراليون وڻن تائين پهچي ويون آهن جنهن سبب وڻن جي واڍي اڃا وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، کٻڙ يا ڄار جي وڻ جي ڪاٺئ مان گتو ٺهڻ  ۽ پاڙ کي تبرڪ طور ڏندڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاڙي وڌڻ سبب ڄار جو وڻ ٻين وڻن جي نسبت وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندو پيو وڃي. هن وڻ جون ڪاٺيون ۽ پاڙون ٿر مان گاڏين ۾ ڀري سوين ڪلوميٽر پري وڏن شهرن تائين پهچايون وڃن ٿيون، کٻڙ جون پاڙون ڏندڻ طور استعمال ڪرڻ لاءِ هتان کان ڪجھ اسلامي ملڪن ڏانهن برآمد به ڪيون وينديون آهن.

ڄاڻايل مقامي قدرتي وڻن لاء سڀ کان پھرين اسان کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته اھي وڻ ٻين وڻن وانگر ھڪ ڀيرو وڍڻ کان پوء ٻيھر ڪڏھن به پوکي نٿا سگھجن، ڇاڪاڻ ته انھن کي وڌي وڻ ٿيڻ لاءِ وڏو وقت گھربل ھجي ٿو، اسين  ھينئر جيڪي قبرستانن، مساڻن، اوطاقن وغيره ۾ ڪنڊي ۽ کٻڙ جا ٿُلهي ٿُڙ وارا ڌُوڌا وڻ بيٺل ڏسون ٿا، انھن جي ڄمار گھٽ ۾ گھٽ ته به ھڪ صدي کان وڏي ٿيندي تنھنڪري جيڪي به مقامي وڻ اڃا وڍجڻ کان بچيل آهن انھن کي ھر حالت ۾ محفوظ ڪيو وڃي، سرڪاري ترقياتي ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته روڊ، اسڪول، اسپتالون توڙي ٻيون ترقياتي رٿائون تعمير ڪرڻ وقت ڪوبه وڻ نه وڍجڻ کپي، نيون آباديون ۽ اڏاوتون وڻن واري جاءِ کان پاسيرو ڪيون وڃن، گهرن، اوطاقن، مال جي واڙن وغيره ۾ خوبصورتي لاءِ مقامي وڻ رکيا وڃن۔ گهرن ۾ رڌ پچاء لاءِ وڌ ۾ وڌ ڇيڻا گيس جا پلانٽ لڳايا وڃن يا سڪل ڇيڻا ٻاريا وڃن، ڪاٺين مان صرف ديوي جون ڪاٺيون استعمال ڪيون وڃن۔ فرنيچر جي مختلف شين جهڙوڪ ڪرسين، ميزن، ڪٻٺن، چوکٺن، دروازن، درين، کٽن لاءِ پنھنجي پھچ آھر لوھ يا المونيم وغيره استعمال ڪرڻ کپي جن کي اُڏوھي به نه ٿي لڳي ۽ ڪاٺ کان وڌيڪ پائدار به آهن۔ حڪومت پاران قانون پاس ڪري هر مقامي وڻ  جي ڪنھن به مقصد لاءِ واڍي تي مڪمل پابندي لڳائي ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي۔ جيئن جهنگلي جيوت جي شڪار تي ڏنڊ مقرر آھي، انگريزن جي دور کان نافذ ھڪ قانون، جنھن موجب  "زمين جا مالڪاڻا حق رکڻ وارو زميندار به پنھنجي زمين تي وڻ پوکي ته سگھي ٿو پر سرڪار جي اجازت کان سواء انھن مان ڪو ھڪ  وڻ به وڍائي نٿو سگھي "  تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، ٻيلي کاتي، ضلعي انتظاميائن، سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن ۽ مقامي ادارن پاران اخبارن ۽  ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن ذريعي توڙي روڊن رستن تي بورڊ لڳائي انهن سان عوام کي ناياب ٿيندڙ قدرتي وڻن جي اهميت جو احساس ڏياريو وڃي ته جيئن قدرتي ماحول جو تحفظ ٿي سگهي. جنهن تيزي سان هي وڻ ختم ٿي رهيا آهن اها رفتار برقرار رهي ته ٿري وڻ، ميوا، ڏُٿ ۽ روزگار جو هي وڏو ذريعو تمام جلد تاريخ جو حصو بڻجي ويندا..





Wednesday, 30 April 2014

مٺي شهر هندستان جي قبضي کان ڪيئن بچيو ۽ رينجرز جي 23 جوانن جي شهادت


مٺي شهر هندستان جي قبضي کان ڪيئن بچيو ۽ رينجرز جي 23 جوانن جي شهادت
نورمحمد سمون
هن جنگ ۾ هندستاني فوج جو وڏو انگ موڻاٻائو واري رستي کان پاڪستان جي ٿر ۾ داخل ٿيو هو، اتان ڏکڻ ۽ اوله طرف ويندڙ ان دور جي ڪيڪڙن وارن ڪچن رستن ذريعي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن پيش قدمي ڪيائون. ڪجه فوجون ڪاسبي وٽان سرحد پار ڪري داخل ٿيون هيون، جيڪي ننگرپارڪر، ويراواه ۽ ڏانوڌانڌل تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ 15 ڊسمبر جي صبح جو سوير اسلام ڪوٽ شهر ۾ پهتيون، هنن سڀ کان پهرين شهر جي ناڪن تي پنهنجون چوڪيون قائم ڪري ورتيون ۽ پوءِ ڀڳت نيڻورام جي مندر ۽ آشرم تي اچي، اتي ويٺل پُڄارين کان “جئه هِند“ جا نعرا هڻايائون ۽ مندر جي سامهون واري، ميرن جي دور ۾ اڏايل ڪچِي مِٽي واري “اسلام ڪوٽ“ قلعي جي قديم آثارن واري پلاٽ مٿان پنهنجي ڪيمپ قائم ڪيائون، جتي هاڻ هڪ عمارت ۾ شهر جو مين پرائمري اسڪول قائم آهي. هن شهر جي اڳوڻي چيئرمين مُکي نهال چند لوهاڻي ۽ ٻين جي ڪوششن سبب هي شهر هندستاني فوجن هٿان گهڻي ڦُر لُٽ کان بچي ويو هو.
17 ڊسمبر واري ڏينهن، 18 جيپن جي هڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ هي فوجون هتان جي رستن، شهرن ۽ ڳوٺن جا سُونهان ساڻ وٺي، مڪمل تياري سان مٺي شهر ڏانهن وڌي رهيون هيون، اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوله طرف، اسلام ڪوٽ_مٺي رستي تي، يونين ڪائونسل مٺڙيو ڀٽي جي ڳوٺ ٻاراچ وٽ پهتيون ته اندازو آهي ته هنن کي پنهنجي هيڊ ڪوارٽر کان حڪم مليو هو ته “عمرڪوٽ شهر تي قبضي جي خواهشمند سموري 18 مدراس رجمينٽ، عمرڪوٽ فتح ڪرڻ کان اڳ ئي، اڄ صبح سوير 26 بلوچ رجمينٽ ۽ مقامي حُرن هٿان پنهنجا درجنين فوجي جوان مارائي، بري طرح شڪست کائي واپس ڀڄڻ تي مجبور ٿي وئي آهي، پاڪستاني فوج جي هتي دفاع بابت اڳ ۾ لڳايل اندازا غلط ثابت ٿي رهيا آهن سو هاڻ مٺي شهر فتح ڪرڻ به ايترو آسان نه رهيو آهي تنهنڪري هاڻ جتي به پهتا آهيو، اتان اڳتي نه وڌو ۽ ٻئي حڪم جو انتظار ڪريو“ يا وري ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ (16 ڊسمبر) تي ڍاڪا ۾ جنرل نيازي پاران، جنرل اروڙا آڏو هٿيار ڦِٽا ڪرڻ کان پوءِ ٻنهي محاذن تي تيزي سان جنگ بندي واري اعلان تي شروع ٿيل عمل در آمد جي ڪري هي فوجون مٺي شهر طرف نه وڌيون هيون.
رٽائرڊ پرائمري استاد، يونين ڪائونسل مِٺڙيو ڀٽي جو اڳوڻو ناظم ۽ ڳوٺ ٻاراچ جو63 ورهين جو هي بزرگ رهواسي ڀيرُو لال سُوٽهڙ ٻُڌائي ٿو ته “هندستاني فوجن جي گاڏين جو اهو وڏو قافلو اوچتو اچي اسان جي گهرن جي سامهون رستي تي بيهي رهيو، هنن پنهنجون گاڏيون رستي لڳ وڻن جي آڙ ۾ لڪائي ڇڏيون ۽ فوجين مٺي کان ايندڙ رستي جي ٻنهي پاسن کان وڻن جي مُورن جي آڙ وٺي ڇڏي، اسان سمورن ڳوٺ وارن جو ساه مُٺ ۾ اچي ويو هو ته هاڻ الائي ڇا ٿيندو؟ سو اسين پنهنجي گهرن ۾ لڪي هنن فوجين تي نظرون کُپائي ويٺا هئاسين ته ٻنپهرن ڌاري اوچتو هڪ بدنصيب ڪيڪڙو، جنهن ۾ رينجرز جا ڪجه جوان سوار هئا، مٺي کان ايندڙ رستي تي، اسان جي ڳوٺ واري اٽڪل 130 ڊگرين واري موڙ وٽان مُڙي جيئن ئي ظاهر ٿيو ته اتي اڳ ۾ ئي رستي جي پاسي وارن وڻن جي آڙ وٺي ويٺل هندستاني فوجين انهن رينجرز وارن مٿان فائرنگ شروع ڪئي. اهڙي اوچتي فائرنگ ۾ رينجرز جا سمورا جوان ان ڪيڪڙي مان لهي، وڻن جي آڙ وٺي جوابي فائرنگ ڪندي پنهنجي جان بچائڻ لاء اوله طرف وٺي ڀڳا، انهن تي وڏن هٿيارن جا گولا به فائر ڪيائون پر ڪنهن کي به نقصان نه رسائي سگهيا، انهن مان صرف 2 ڄڻا ڪيڪڙي جي ڀر ۾ وڻن ۾ لڪي ويا هئا سو انهن کي هندستاني فوجين گرفتار ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي ويا، ان کان 15 يا 20 منٽن بعد ساڳئي رستي تان ان جي پٺيان هڪ ٻيو بدنصيب ڪيڪڙو به آيو، جنهن ۾ 23 رينجرز اهلڪار سوار هئا، جنهن کي پري کان ايندو ڏسي هندستاني فوجين رستي جي ٻنهي پاسن کان اڳواٽ پنهنجو گهيرو ٺاهي ورتو هو، اهو ڪيڪڙو جيئن ئي سندن هٿيارن جي رينج ۾ پهتو ته هندستاني فوجين انهن تي فائرنگ شروع ڪئي، جنهن ۾ اهي سمورا 23 رينجرز اهلڪار ان هڪ ئي هنڌ تي شهيد ٿي ويا، ٻئي ڪيڪڙي جا 2 سِول ڊرائيور جان بچائي، پناه وٺڻ لاءِ ڀڄي سامهون اسان جي ڳوٺ ۾ پهتا، جتي اسان انهن مسلمان ڊرائيورن کي پاتل شلوارون ۽ قميصون هڪدم تبديل ڪرائي، اسان هندن وارا ڌوتيا (گوڏون) ۽ پوتيا (پٽڪا) پارايا ۽ پنهنجي گهرن ۾ پناه ڏني، اهي ٻئي ڪيڪڙا ڏيپلي واسي سيٺ احمد علي ميمڻ جا هئا، هن گولاباري ۽ فائرنگ جي ڪري اتي جهنگ ۾ چرندڙ اسان جو چوپايو مال ٽهي اٽڪل 10 ڪلوميٽر پري ڀڄي ويو هو، ڊپ سبب مال کي تير لڳي ويو هو ۽ ڪجه ڏينهن تائين هراسيل ڍڳين گاه کائڻ به ڇڏي ڏنو هو“
هتي اها ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي ته اسلام ڪوٽ ۾ 3 ڏينهن اڳ کان هندستاني فوج قبضو ڪري ويٺل هئي ته پوءِ رينجرز جا هي صرف 2 ڪيڪڙا ڇا لاءِ مٺي کان اسلام ڪوٽ طرف وڃي رهيا هئا؟ هنن کي اسلام ڪوٽ تي 3 ڏينهن اڳ ٿيل قبضي جي ڄاڻ نه هجي اهو به ناممڪن لڳي ٿو.
1973ع ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿي 1999ع ۾ رٽائر ٿيل ڀيرُومل جو چوڻ آهي ته “هتي 23 رينجرز اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ کان هڪدم پوءِ هندستاني فوجي انهن شهيد ٿيلن جا هٿيار ۽ هڪ ڪيڪڙو پاڻ سان گڏ ڪاهي واپس اسلام ڪوٽ طرف ويا، ٻيو ڪيڪڙو انهن کان نه هليو سو ان کي اتي ئي باه ڏئي ساڙي ڇڏيائون. ان دور جا ڪيڪڙا پيٽرول تي هلندا هئا سو باه جو وڏو ڀڀڙ گهڻي دير تائين ٻرندو رهيو هو، ڀر وارن ڳوٺن جي رهواسين سمجهيو ته شايد اسان جو سمورو ڳوٺ سڙي ويو هو. اسان اهو سڄو ڏينهن ڊپ ۾ ورتل هئاسين ٻئي ڏينهن 18 ڊسمبر تي واقعي واري هنڌ تي وڃي شهيدن جي لاشن جي ڳڻپ ڪئي سين، 21 لاش هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو هئا ۽ 2 انهن کان ٿوري فاصلي تي هئا، سمورن خوبصورت ۽ صحتمند نوجوانن کي ورديون پاتل هيون. اسان ڳوٺاڻن وڻ وڍي لاشن جي چوڌاري لوڙهو ڏئي ڇڏيو ته جيئن جانور ويجهو نه وڃي سگهن، ٻئي ڏينهن انهن جا آفيسر اتي آيا، اسان کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيائون ۽ پوءِ انهن شهيدن جا لاش اتان تابوتن ۽ صندوقن ۾ وجهي کڻائي ويا“
“ڇاڇري ۽ ان جي ڀر پاسي وارن ڳوٺن ۾ هندستاني فوج جي ظلمن جي ڪري اتان پنهنجا ٻار ٻچا کڻي نڪتل ماڻهن وري انهن ظلمن جو اسان کي ذميوار سمجهي، هتي اسان کان ان جو بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اسان جي ڳوٺ تي انهن مهاجرن (ڇاڇري تعلقي جي جنگ سبب بي گهر ٿيل آبادي) جڏهن اوچتو حملو ڪيو ته ان وقت اسان جي گهرن ۾ مجهند جي ماني لاءِ رڌ پچاءُ هلي پئي، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارڙن جو ساه بچائڻ لاءِ رڌ پچاءَ جا ديڳڙا ۽ دانگيون ٻرندڙ چُلهن تي چڙهيل ڇڏي اوله طرف ڀڳاسين. ان دوران ڪيترائي ماڻهو هندستان ڏانهن به ڀڳا پر اسان اهو مناسب نه سمجهيوسين ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ پناه ڳوليوسين. رستي ۾ ڇاڇري وارن جي هڪ پيادل قافلي جي سامهون اچي وياسين، انهن اسان تي فائرنگ به ڪئي پر ڀڳوان بچايو ۽ سخت سياري جي اها هڪ رات بُک تي ۽ بنا اوڍڻ وڇائڻ جي، جهنگ ۾ وڻن جي هيٺان زمين ۾ هٿن سان کڏون کوٽي، پاڻ ۽ پنهنجي ٻارڙن ۽ عورتن کي انهن کڏن ۾ سمهاري، مٿان وري ٻُوهن جا ڍُونڍڻ ۽ ڄارِين جا پن روڙي انهن جا اوڍڻ ٺاهي، سيءَ کان بچاءُ ڪيوسين، باه به نٿي ٻاري سگهياسين ته متان ڪٿي باه جي روشني ڏسي مهاجر حملو نه ڪن. ٻي رات بي سر و ساماني جي عالم ۾ 25 ڪلوميٽرن جو پيرين پنڌ ڪري، ٺڪرن جي وڏي ڳوٺ “ڪيرٽِي“ ۾ پهتاسين، جتي 5 مهينا ڏاڍا ڏکيا گذريا، 24 ڪلاڪ بندوقون کڻي پهرو ڏيڻو پوندو هو، پوءِ جڏهن حالات ڪجه بهتر ٿيا ته واپس اچي پنهنجو ڳوٺ ٻيهر آباد ڪيوسين. ان دوران اسان جا ڀريل گهر مڪمل طور لُٽجي چڪا هئا، لُٽڻ وارا نه رڳو سمورو سامان پر گهرن جا دروازا ۽ دريون به پٽي کڻي ويا هئا“
سال 2001ع کان 2005ع تائين هن مقامي يُوسيءَ جو ناظم رهندڙ ڀيرُو لال جو چوڻ آهي ته “ٻيهر ڳوٺ ۾ ايندي ئي اسان رينجرز اهلڪارن جي شهادت واري هنڌ کي مضبوط لوڙهو ڏئي ان کي پنهنجي ڳوٺ جو هڪ مقدس آستان بڻائي ڇڏيو هو، انهن شهيدن جي رُوحن کي خوش رکڻ لاءِ هر سال 17 ڊسمبر تي اسان هتي قومي جذبي سان شهيدن جو ڏهاڙو ملهائيندا رهندا آهيون، جنهن ۾ ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به شريڪ ٿيندا آهن، ڪيتريون ئي ديڳيون رڌي لنگر ورهايو ويندو آهي. آهستي آهستي هن آستان کي علائقي ۾ وڏي متبرڪ حيثيت حاصل ٿيندي وئي. اسين برسات جي تنگي جي وقت هتي مِينهن موڙا (برسات لاءِ خاص اجتماعي دعا واري تقريب ۽ ان ۾ لنگر جي ورهاست) به هتي ئي ڪندا آهيون، ڪيترائي ڀيرا ايئن به ٿيو جو ڀر پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو وڏي انگ ۾ هتي اچي مينهن موڙي ۾ شريڪ ٿيا ۽ اجتماعي دعا گهري وئي ته هڪدم برسات وسڻ شروع ٿي وئي، اهڙي طرح مقامي ماڻهن لاءِ هي هنڌ هڪ زيارت بڻيل آهي ۽ هتي باسُون باسيون وڃن ٿيون. تڏهن اسان سوچيوسين ته هن هنڌ تي هڪ يادگار به اڏائجي پر وسيلن جي کوٽ سبب اهو فوري طور ممڪن نه ٿي سگهيو پر پوءِ جڏهن آئون هتان جي يُو سيءَ جو ناظم چونڊجي آيس ته مون پنهنجي تعلقي ڪائونسل مٺي ۾ رِٿ پيش ڪئي ته “هنن شهيدن جي شهادت واري هنڌ تي يادگار اڏايو وڃي“ اها رِٿ اسان جي تعلقي ناظم حاجي الهڏنو بجير ۽ ٻين دوستن کي به پسند آئي ۽ هنن هڪدم بجيٽ منظور ڪئي پوءِ ان باراني زمين جي مالڪن، ڳوٺ ڪمڙو جي ڀاناڻي سوڍن کان اڏاوت جي اجازت وٺي هي يادگار ۽ ان جي چوديواري اڏاياسين.

يونين ڪائونسل مِٺڙيو ڀٽي، تعلقي مٺي جو اڳوڻو ناظم ڀيرُو لال سُوٽهڙ ۽ سندس پاران ڳوٺ ٻاراچ ۾ رينجرز جي 23 شهيدن جي شهادت واري هنڌ تي ٺهرايل يادگار
مٺي ۾ استادن جي تربيت واري ڪاليج جي ليڪچرار عبدالواحد سمي ٻڌايو ته وسڪاري ۾ ڪراچي، حيدرآباد توڙي سنڌ جي ٻين شهرن کان ڪاسبو، ننگرپارڪر ۽ ٿر جا ٻيا علائقا گهمڻ لاءِ ايندڙ دوستن کي جڏهن رستي ۾ ايندڙ ڳوٺ ٻاراچ ۾ شهيدن جو هي يادگار ڏيکاري، ان جي اڏاوت ۾ مقامي يُو سي جي هن اڳوڻي ناظم ڀيرُو لال پاران ورتل ذاتي دلچسپي جو ذڪر ڪندا آهيون ته اهي سياح سندس جذبي کي ڏاڍو ساراهيندا آهن.
هوڏانهن ڇاڇري تعلقي جي هندستان جي دنگ واري ڳوٺ سومرهاڙ جي رهواسي، 58 ورهين جي عبدالغني پُٽ محمد صديق گجو جو چوڻ هو ته “جنگ وقت آئون هاءِ اسڪول ڇاڇري ۾ ڏهون درجو پڙهندو هئس. هندستاني فوجون شام جو 6 وڳي شهر ۾ داخل ٿيون هيون، هتان جا ماڻهو ان مهل ئي شهر ڇڏي پيرين پنڌ ڀڳا هئا. ڇاڇري کان عمرڪوٽ واري رستي تي به هندستاني فوجن جو قبضو هو تنهنڪري اسين اوجهڙ (ڪنهن به رستي يا واٽ کان سواءِ) ۾ سڄي رات سر بچائڻ لاءِ ڊوڙهي ڊوڙهي صبح جو اٽڪل 80 ڪلوميٽر پري ڪُنري شهر ويجهو ڳوٺ چِيله بند وٽ پهتاسين. جتان گاڏين ۾ ميرپورخاص شهر وياسين، جتي اڳوڻي ضلعي ناظم ٿر، ارباب انور جي ڏاڏي ارباب حاجي الهجُڙيو جي جاءِ ۾ رهياسين. اسان جا ڳوٺ سومرهاڙ وارا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت اتي ئي قابض فوج جي گهيري ۾ ڦاسجي پيا هئا، ڪجه ڏينهن کان پوءِ انهن کي اتان ڏکڻ طرف اسلام ڪوٽ ڏانهن نڪرڻ جو رستو مليو هو، اهي لڳاتار 15 ڏينهن وڏي تڪليف ۾ دربدر ٿيڻ کان پوءِ ميرپور پهتا پوءِ ميرپورخاص کان سانگهڙ جي ڳوٺ ڍِليار ۾ پنهنجي مائٽن حاجي عمر ۽ حاجي ابراهيم گجو وارن وٽ وياسين، پورو ڏيڍ سال اتي گذاريوسين. ان دوران ٿر جي وڏي ڳوٺ ڪرُوڙي، نامياري صحافي سهيل سانگي ۽ نامياري سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڳوٺ جنجهي تڙ، قبولاڻي، ٽِڳٺيو ۽ ٻين ڳوٺن کان لڪڙتاڙ ذريعي دردناڪ خبرون روزانو ٻڌندا هئاسين ته لِڱ ڪانڊارجي ويندا هئا، اتي 300 کان وڌيڪ بي گناه ڳوٺاڻن کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ سموري ٿر جي قبضي ڪيل علائقي جي ڳوٺن ۾ باقي رهيل ماڻهو ماري ڳوٺن کي باهون ڏئي ساڙيو ويو هو“


سومرهاڙ واسي عبدالغني گجو
هاءِ اسڪول ڇاڇرو جي هن استاد، ملتان واري مخدوم جي خليفي ۽ سماجي اڳوڻ عبدالغني گجو جو چوڻ آهي ته “قابض فوجون هتي ڏيڍ سال تائين برقرار رکيل قبضي دوران هتان جي مقامي آبادي کي بانور ڪرائي رهيون هيون ته “هاڻ ٿر جو سندن فتح ڪيل هي سمورو علائقو هميشه هندستان جو حصو رهندو“ تنهنڪري هتي جا ڪافي سادا ٿري ماروئڙا انهن ڳالهين تي اعتبار ڪري قابض فوجن سان تعاون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا هئا، پوءِ جڏهن 1973ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل شمله معاهدي موجب هندستاني فوجن ٿر جو هي علائقو خالي ڪيو هو ته انهن ٿري مارُوئڙن کي به مجبور ٿي پنهنجو هي ملڪ ڇڏي هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻي پئي هئي“

Thursday, 17 April 2014

سماج سڌارڪ هاري ساجن ساند






سماج سڌارڪ هاري ساجن ساند                  


ساجن ساند پنهنجي علائقي جو هڪ اهڙو ڪردار ٿي گذريو آهي جيڪو سادو، غريب ۽ اڻ پڙهيل هاري هوندي به وڏو سماجي خدمتگار هو، سندس خدمتن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هتي ماڻهو وٽ سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀلي مناسب وسيلا، تعليم يا ڪنهن سياسي ۽ سماجي تنظيم جو پليٽ فارم نه هجي، رڳو نيڪ ارادا هجن ته به هو سماجي خدمتن ذريعي پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي سهوليتون پيدا ڪري سگهي ٿو. هو روايتي چڱن مڙسن وانگر ووٽن، ٻڌي ڇوڙي يا مهمان نوازي جي نالي ۾ خوشامد وغيره ۾ ڪابه دلچسپي رکڻ کان سواءِ بنا ڪنهن فرق جي پنهنجا سماجي ڪم ڪندو هو تنهن ڪري هن جو انداز ئي نرالو هو. هن کِل مُک ماڻهو جي ڪچهري جو چسُ وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڳوٺاڻا سندس ڪکن پنن جي جهُڳي واري رهائش تي روزانو ويندا هئا. سندس عام ڳالهين ۾ به مزاح هوندو هو سو ماڻهو هر ڳاله تي مُسڪرائي ڏيندا هئا.
ننڍي گهاٽي ڏاڙهي، پوري پني جسامت مٿان پهراڻ ۽ هيٺ گوڏ، مٿي تي اڇي ٽوپي يا پٽڪو ۽ پيرن ۾ چمڙي جي سنڌي جتي پائيندڙ ساجن کي اڪثر ڳوٺاڻا ادا ساجن يا ماما ساجن سڏيندا هئا. هن جو خاندان، پيڙهين کان هارپو ڪري يا چوپايو مال چاري پيٽ گذر ڪرڻ وارن ماروئڙن مان هڪ هو، هنن هارين پنهنجي علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري مختلف زميندارن وٽ هارپو ڪيو۽ اڃا تائين اڪثر ساڳئي پيشي سان واڳيل آهن. سندس دور ۾ اڇڙي ٿر توڙي اڇڙي ٿر ۽ ناري جي سنگم واري ان پٽي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو هو، حڪومتي ادارن توڙي سرندي وارن زميندارن جون پنهنجون ترجيحون هئڻ ڪري ڳوٺاڻن لاءِ پاڻي جي سهوليت نه هئي. هن هرُ هاري ٿي ڪري پنهنجي هاري ڀائرن جي مدد سان ڪيترائي خيراتي کوه کوٽايا هئا.
نارا ڪئنال جي آخري ريگيوليٽر فرش موري ويجهو ڳوٺ جُوئو (هُڙي يا جهنگ) جا رهواسي هڪ ڪلوميٽر پري وهندڙ نارا ڪئنال يا ان جي واٽر ڪورسن مان پاڻي ڀريندا هئا، ساڳئي طرح ڳوٺ کُڻهار ۾ ان دور ۾ ڪوبه کوه نه هئڻ ڪري اهي وري هڪ ڪلوميٽر پري وهندڙ ٿر واه يا ان جي واٽر ڪورسن ۽ دُٻن مان پاڻي ڀريندا هئا. اڇڙي ٿر جي ڳوٺ موڍاڪر ۽ ان جي ڀر پاسي وارين وسندين ۾ وسڪاري ۾ برسات جو گڏ ڪيل پاڻي واپرائبو هو، اهو ختم ٿيڻ بعد 2 ڪلوميٽر پري هڪ  ڍنڍ مان پاڻي ڀريو ويندو هو، ڍنڍ ۾ ٻه ٽي سالن تائين نارا ڪئنال مان نئون پاڻي نه اچڻ ڪري بيٺل پراڻو پاڻي کارو ٿي ويندو هو تڏهن اهي ڳوٺاڻا وري ڍنڍ جي ڪناري تي تس کوٽي انهن مان پاڻي ڀريندا هئا، تسن مان هڪ دلو پاڻي ڀرڻ لاءِ به ڪيترائي ڪلاڪ ان هڪ تس مٿان بيهي وڌيڪ پاڻي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو هو.
ساجن، انهن ۽ ڪجه ٻين ڳوٺن ۾ ماڻهن جي پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عام روايتي سماج سُڌارڪن وانگر سرڪاري ادارن ڏانهن درخواستون لکائي موڪلڻ، اتان کُوه منظور ڪرائڻ جون ڪوششون ڪرڻ يا تر جي سرندي وارن وٽ چندي لاءِ وڃي، 3 کُوهن جيتري رقم گڏ ڪري، هڪ کُوه کوٽائي باقي ٻن جا پئسا پاڻ ڦٻائڻ بدران صرف پنهنجي ڀائرن ۽ ويجهن عزيزن، جيڪي پاڻ به هاري هئا، جي مالي ۽ افرادي مدد سان کُوه کوٽايا، پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ٻڌايا. سِرن جي بٺن کان کُوهن واري ڳوٺن تائين سِرون رسائڻ جو ڪم پاڻ ۽ سندس ساٿي هاري ڍڳا گاڏين يا اُٺن تي رکي ڪندا هئا، کُوهن جي کوٽائي به پاڻ ۽ پنهنجا ٻيا مائٽ هاري مفت ۾ ڪندا هئا جڏهن ته کُوه ٻڌڻ وارا ڪاريگر ان دور ۾ به هڪ کوه پڪو ٻڌڻ جي سوين روپيا مزدوري وٺندا هئا، انهن ڪاريگرن کان هڪ ٻه کوه ٻڌرائڻ دوران هڪ ڪاريگر ڦوٽي ميگهواڙ کان پاڻ به کوه ٻڌڻ سکي ورتا هئائين ۽ بعد ۾ پنهنجي ساٿي مولوي رمضان سان گڏجي پاڻ ئي ٻڌي وٺندو هو.
سندس ننڍي ڀاءُ مومن ۽ ڀاڻيجي قُدوس ساند ٻُڌايو ته پنهنجي ڳوٺ کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر اتر اوڀر واري ڳوٺ موڍاڪر ۾ جڏهن کُوه کوٽائڻ جو ارادو ڪيائين ته اسان کيس صلاح ڏني هئي ته اهو کُوه ان ڳوٺ لڳ پنهنجي اباڻي قبرستان وٽ کوٽائجي، پاڻ انڪار ڪندي چيو هئائين، “ادا، مُئن کان جيئرن کي پاڻي جي وڌيڪ ضرورت آهي تنهنڪري کوه ان ڳوٺ ۾ گهرن جي ويجهو ئي کوٽائبو“
زميندارن پاران هارين ۽ پورهيتن سان زيادتين جي ازالي لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهندو هو، هڪ ڀيرو ڀر واري ڳوٺ جي هڪ وڏي زميندار پاران ڪنهن ڳاله تان ناراض ٿي ساجن جي پاڙي جي ٻه ٽي هارين کي زمين تان بيدخل ڪري، کري ۾ پيل ڪڻڪ جي ونڊي ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي ساجن ساند سراپا احتجاج ٿي پيو هو، سڀ کان پهرين هو علائقي جي سمورن چڱن مڙسن ۽ زميندارن وٽ دانهڻ ويو ته موٽ ۾ هر چڱي مڙس کيس هٿ ٻڌي ڪابه مدد ڪرڻ کان معذرت ڪندي الٽو ڊڄاريو ته “اهو زميندار تمام سخت آهي سو ڪڻڪ جي ونڊي توڙي هارپي تان هٿ کڻ نه ته توکي قتل ڪندي به دير نه ڪندو“ اهي چڱا مڙس به سچا هئا جو زميندار کان 1960ع واري ڏهاڪي ۾ صدر ايوب خان جي ان سخت مارشل لا دوران هڪ ڳوٺاڻي جو اتفاقي قتل ٿي ويو هو، زميندار ان ڪيس ۾ ٻڌجي جيل ويو هو، جتي عدالت پاران کيس ڦاهي جي سزا اچڻي هئي پر پوءِ هو پنهنجي ذاتي دوستن نواب اڪبر خان بگٽي ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر جي ڪوششن سان ڪنهن طرح اها سزا معاف ڪرائي، ڪيترائي سال جيل ۾ رهڻ بعد تازو تازو آزاد ٿي آيو هو، ان ڪري علائقي ۾ ان وقت سندس وڏو ڌاڪو هو پر هن نيڪ نيت هاري ساجن ساند پنهنجي ساٿي هارين جي ونڊي جي حق لاءِ جان جي پرواه ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. اهو 70ع وارو شهيد ڀُٽي جو دور هو، سڄي ملڪ ۾ هارين جون فريادون ٻُڌڻ لاءِ نيون نيون هاري ڪورٽون قائم ٿيون هيون، ساجن، ڳوٺ جي هڪ رهواسي استاد حاجي عبدالرحمان کان هارين پاران هڪ درخواست لکائي، ميرپورخاص جي هاري ڪورٽ ۾ ڏياري، جتان تڪڙو نوٽس ملڻ بعد زميندار هارين کي ونڊي ڏيڻ تي مجبور ٿيو بعد ۾ زميندار جڏهن حج تي وڃڻ لڳو ته کانئس موڪلائڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويل ساجن ساند، سگهي سمي ۽ ٻين هارين کي ڀاڪر پائي ڀريل اکين سان ان معاملي تي ساڻن معذرت ڪيائين ۽ پوءِ اهو زميندار سڄي زندگي مٿن مهربان رهيو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ممتاز علي ڀٽي جي وڏ وزارت دوران سنڌي ٻولي واري معاملي تي ٿيل سياست بعد سنڌ جي ٻهراڙي وارن ڪجه ضلعن ۾ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندڙ ڪيترائي پنجابي آبادگار پنهنجون زمينون وڪڻي وڃڻ لڳا ته مقامي زميندار اهي زمينون ٻيڻي اگه تي به خريد ڪرڻ چاهيندا هئا پر هنن هارين جي ان پنجابي زميندار پنهنجي جُوئو ڳوٺ واري زمين ڪنهن زميندار وٽ وڏي اگه ۾ وڪرو ڪرڻ بدران مناسب اگه تي ساجن ۽ پنهنجي ٻين هارين کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن ساجن اها 12 ايڪڙ زمين خريد ڪري انهن هارين ۾ ڏيڍ ايڪڙ في هاري جي حساب سان ورهائي ڏني، پوءِ پاڻ هارپو ڇڏي پنهنجي حصي جي ان ڏيڍ ايڪڙ زمين ۾ چوپائي مال جو چارو پوکي، پنهنجي گهوڙا گاڏي تي کڻي 3 ڪلوميٽر پري ڍوريناري شهر ۾ وڪرو ڪري پنهنجو گذرسفر ڪندو هو. 5 آڪٽوبر 1990ع تي پنهنجي مالڪ سان وڃي ملندڙ هن خدا ترس انسان اها زمين پنهنجي حياتي ۾ ئي هڪ ڀاءُ، هڪ ڀيڻ ۽ ڳوٺ جي مسجد نالي اڌ اڌ ايڪڙ ڪري ڏئي ڇڏي هئي.  
هو پيرصاحب پاڳاري جو وڏي عقيدي وارو مريد هو، فيبروري 1952ع ۾ پير شاه مردان شاه پاڳاري ستين جي دستاربندي ۽ گادي جي بحالي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جو شرف به حاصل هئس سو ڪچهرين ۾ اهي خبرون به وڏي شوق سان ڪندو هو. هٿ جي هنر جو به ماهر هو، ڪِنگري واري درگاه ۽ مسجد جو هڪ بهترين نمونو ڪپڙي تي وڏي صفائي سان ڀرت ڀري ٺاهيو هئائين جيڪو پير صاحب جا مريد خاص طور ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سندس علائقي ۾ فقيرعليم درس توڙي ٻيا پيري مريدي ۾ گهٽ يقين رکڻ وارا ماڻهو سندس اهڙين ڳالهين تي کيس ٽوڪيندا هئا ته هو ٻين مريدن وانگر آپي مان ٻاهر نڪرڻ بدران پنهنجي جاءِ تان ادب سان اُٿي اهڙي ڳاله ڪرڻ واري جي منهن تي هٿ ڏئي، ڳاله اتي ئي بند ڪرائي انهي کي مخاطب ٿي چوندو هو، “ادا، تون ٻيو گهڻو ئي ڀلو آهين پر اها پيري مريدي ۾ گهٽ يقين رکڻ واري پِٽ الائي ڪٿان لڳي اٿئي“.
ڀر واري ڳوٺ ۾ آچار نالي ڳوٺاڻي جا هڪ درجن کن ٻار هئا، ان کي چوندو هو، “ادا آچار، ڳوٺ ۾ جنهن  ٻار کان پُڇُون ٿا، “ابا، ڪنهن جو پُٽ آهين؟“ هر ٻار تنهنجو نالو ٿو کڻي، پنهنجي گهر ۾ ايترا ووٽ ٺاهيا اٿئي، اڳتي هلي اليڪشن ۾ بيهڻ جو ارادو آهي ڇا؟“
اسڪول ويندڙ ٻارڙن کان پيار سان پڇندو هو، “پُٽ، گهڻو پڙهيا آهيو؟“ ٻار جواب ڏيندا هئا ته، “ماما، پنجون، اٺون يا ڏهون درجو پڙهون ٿا“ ته چوندو هو “بابا آئون اڻ پڙهيل آهيان، درجن مان نه ٿو سمجهان، اوهين ٻُڌايو ته گوڏي جيترو، چيله جيترو، ڪلهي جيترو، يا اڃا به وڌيڪ پڙهي ويا آهيو“
ٻالڪپڻ کان ئي دم جي موروثي بيماري، مٿان وري ڪڻڪ جي ڪنهن کري کي لڳل باه وسائڻ جي ڪوشش دوران باه ۽ دُونهن جي سٽ لڳڻ ڪري سندس ڦڦڙ وڌيڪ داغجي ويا هئا سو ان بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري ڀائرن ۽ ڀينرن جي وڏي اصرار باوجود آخر تائين شادي نه ڪيائين، هو شادي کان بار بار انڪار ڪندي چوندو هو ته “اوهان کان جيڪا پُڄي سا منهنجي خدمت ڪجو باقي مون بيمار کي ڪنهن پرائي ڄائيء جي مٿي تي نه مڙهجو، آئون بيمار آهيان، شادي ڪري زال کي به سورن ۾ وجهان ۽  جيڪي ٻار ڄڻيان اهي به سڀ مون وانگر دم جا مريض، پوءِ سڀ ڀاتي گهر ۾ راڳِين وانگر ٽوليون ٺاهي پيا سهڪنداسين تنهنڪري شادي نه ڪندس.“