Pages

Thursday 10 April 2014

ڌاڙيل رحيم هڱوري پاران ڪيل حاجي رحمت الله پلي وارو مارو



 
 رحيم هڱوري پنهنجي ٽولي سان گڏ تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڪُونجيلي تي ڪاه ڪري 18 ڄڻن کي انتهائي وحشياڻي نموني قتل ڪري ۽ ڳوٺ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيوهو، انهن مارجي ويلن ۾ عورتون، ٻار ۽ مرد شامل هئا. اٽڪل 65 سال اڳ، پاڪستان جي آزادي کان صرف 6 مهينا پوءِ، 6 فيبروري 1948ع تي سج لٿي مهل رحيم هڱوري پاران ڪيل پنهنجي ڏوهن واري زندگي جي هن وڏي ۾ وڏي واردات  جا علائقي جي تاريخ تي وڏا اثررهيا آهن.
رحيم هڱوري پاران ناري جي هڪ زميندارمهرعلي پلي جي پٽ ۽ پنهنجي دور جي وڏي ولي الله حاجي رحمت الله پلي ڏانهن واقعي کان مهينو ڏيڊ اڳ چٺي لکائي اماڻي وئي هئي ته  اسين تنهنجا فلاڻي تاريخ تي مهمان آهيون، ان وچ ۾ هڪ ڀيري حاجي رحمت الله ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ ريلوي اسٽيشن ڍوريناري تي ريل گاڏي مان لهي رات جي وقت پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پئي ويو ته رحيم جو ٽولو سامهون اچي ويو، رحيم هنن کان نالو پڇيو، حاجي رحمت الله انهن کي پنهنجو نالو ٻڌايو تڏهن رحيم کيس چيو ته توکي منهنجي چٺي ملي چُڪي هوندي سو تيار رهجان، ان ڏينهن ضرور اينداسين. حاجي رحمت الله پلي، ڳوٺ عالم پلي واري وڏي زميندار سخي محمد پلي، ڊيٻي واري قاضي نورمحمد پلي ۽ برادري جي ٻين ماڻهن کي ان چٺي جو اطلاع ڏنو هو، انهن به ڪجه ڏينهن لاءِ پنهنجا هٿياربند حاجي رحمت الله جي حفاظت لاءِ موڪليا پر پوءِ علائقي ۾ اها افواه هلي ته حڪومت هٿيارن جي نماءُ خلاف ڪاروائي ڪرڻ واري آهي سو جلد انهن پنهنجا ماڻهو ۽ هٿيار واپس گهرائي ورتا ۽ ايندڙ ڪجه ڏينهن ۾ هي واقعو پيش آيو.
ڳوٺ جي 2 پيرسنن عبدالله شيخ ۽ محمود سولنگي، جيڪي واقعي جا اکين ڏٺا شاهد آهن تن جي چوڻ موجب اُٺن ۽ گهوڙن تي سوارهڪ درجن کان وڌيڪ ڌاڙيل، جن ۾ رحيم هڱورو، سندس زال ڀاڳي ۽ ٻيا شامل هئا، سي ڳوٺ جي ڏکڻ طرف ڪجه فرلانگن تي واقع ٿرواه جي ستون ميل ريگيوليٽر واري موري تان واه پار ڪري ڳوٺ جي اوطاق تي پهتا جتي انهن وهٽن تان لهي سڀ کان پهرين اتي مهمان ٿي آيل کپري واسي سيد علي شير شاه، ان وقت ان ڳوٺ جي رهواسين ڪامل ۽ قمرالدين ڪنڀار، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مٺي جي هاڻوڪي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪريم بخش شيخ جي ڏاڏي مير محمد شيخ ۽ رحمت الله پلي جي چوپائي مال جي ڌڻار صديق سمي کي گوليون هلائي انتهائي بي رحماڻي طريقي سان قتل ڪيو پوءِ هو حاجي رحمت الله پلي جي گهر ۾ داخل ٿيا جتي انهن حاجي رحمت الله، عمرپٽ ڦل پلي، سندس هڪ ڀيڻ ۽ يوسف پٽ باقر پلي ، ڀاڻيجي گل پلي، هاشم ۽ صوڀو راڄڙ، ڪمدار بچل راڄڙ ۽ 4 ٻين عورتن کي به قتل ڪيو، جن ۾ رحمت الله جي زال ۽ ان زال جي اها حُرمت نالي مائٽاڻي به شامل هئي جيڪا رحمت الله جي گهر ۾ رهندي هئي، ٿي سگهي ٿو ته هن ماري جو سبب به اها عورت ئي هجي، جو ان عورت جي مائٽن رحيم کي هن ماري لاءِ اُڪسايو هجي. حاجي رحمت الله، راڄڙ برادري مان شادي ڪئي هئي، سندس سکيو ستابو گهر هو ۽ مڙس پاڻ سخي هو سو سندس زال جي اها مائٽاڻي به اچي سندس گهر ۾ رهي پئي هئي، حاجي رحمت الله مٿان ان نوجوان عورت سان لاڳاپن جا الزام به هئا پر پاڻ انهن الزامن کي ڪنهن ليکي ۾ ڪونه آڻيندو هو، ان عورت جا مائٽ کيس واپس وٺڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا حاجي وٽ ويا هئا، مائي رضا خوشي سان واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ زبردستي واپس وٺي وڃڻ جي وري حاجي صاحب اجازت به ڪونه ٿي ڏني، آخرڪار حاجي کيس پنهنجي ٽئين حج تي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ ساڻس شريعت موجب حج واري عرصي لاءِ عارضي نڪاح به ڪيائين.
 هن ماري ۾ سندس خاندان مان صرف 2 ڳڀرو جان محمد عرف ڌمالي پلي ۽ علي محمد زنده بچيا هئا جيڪي هراس سبب ايندڙ 7 سالن تائين در در جون ٺوڪرون کائيندا رهيا ۽ رحيم جي حيدرآباد جيل ۾ ڦاهي چڙهڻ تائين واپس پنهنجي ڳوٺ ڪونه آيا. حاجي رحمت الله جي هڪ ڌيءُ هن واقعي کان اٽڪل 45 ڏينهن اڳ مرگهي وگهي گهرن منجهان وهندڙ واٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي چڪي هئي، باقي ٻن ڌيئرن مان هڪ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته سندس هڪ ڌيءُ کي رحيم هنڱورو پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ چاهيندو هو ان کي ڪجه دير لاءِ اتي ترسايائون ۽ پوءِ جڏهن کيس کنڀي کڻڻ آيا ته ڏٺائون اها صدمي ۾ ئي فوت ٿي چڪي هئي پوءِ کيس منهن ۾ گوليون به هنيائون. ڌاڙيلن حاجي رحمت الله جي گهر ۽ اوطاق سميت سڄي ڳوٺ کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو. خوف سبب هن واقعي جو وارثن پاران ڪوبه ڪيس داخل ڪونه ڪرايو ويو بعد ۾ پوليس پاڻ فريادي بڻجي ڪيس داخل ڪيو هو.
واقعي بعد ڀرواري ڳوٺ عالم پلي جو رهواسي ۽ وقت جو وڏو عالم مولوي محمد علي جوڻيجو سرزمين تي پهتو جنهن فتوا ڏني هئي ته هي سمورا 18 مرد توڙي عورتون بي گناه مارجي شهيد ٿيا آهن تنهنڪري انهن شهيدن کي غسل ڏيڻ جي به ضرورت ناهي، مولوي محمد علي ئي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي موجودگي ۾ انهن جي اجتمائي جنازه نماز پڙهائي، مولوي محمد علي جنازا پڙهڻ کان اڳ ان جي وارثن بابت پڇا ڪندو هو، چون ٿا جڏهن کيس جان محمد ۽ علي محمد جي وارثن هجڻ بابت ٻڌايو ويو ته اتي موجود ڪنهن روينيو آفيسر اهي ٻئي نالا پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ ڪري ڇڏيا هئا، جنهن بعد کين ڳوٺ جي مسجد پويان ٻن قطارن ۾ قبرون کوٽي دفنايو ويو. حاجي رحمت الله جي وصيعت موجب سندس قبر غريب سولنگي نالي ڳوٺاڻي ٺاهي هئي.
 ساڳئي رستي واپس ويندي رحيم ۽ سندس ٽولي وارن 15 ڪلوميٽر پري اُتر اوله طرف ڳوٺ غلام نبي شاه جي پوليس چوڪي تي حملو ڪري هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻن کي به قتل ڪيائون. پوليس ۽ ڀٽ ڀائتي واري رئيس حاجي عثمان مري سميت علائقي جي ماڻهن انهن جو پيڇو به ڪيو، غلام نبي شاه ۽ مارئي پتڻ جي وچ ۾ ڌاڙيلن جي هڪ اُٺ جي پوئين ٽنگ ۾ هڪ گولي به لڳي، اهو زخمي اُٺ اتي ئي ڇڏي هو انهن ماڻهن ۽ پوليس سان منهن ڏيندا مارئي پتڻ تان نارو پار ڪري اڇڙي ٿر ڏانهن هليا ويا هئا.
هن ماري بعد ڳوٺ وڏو عرصو خالي رهيو، حاجي رحمت الله جي پوٽي يوسف پلي چواڻي وڏيرو سخي محمد پلي لڳاتار 7 سال ڳوٺ ۽ زمينن جي سنڀال ڪندو رهيو تنهن بعد پاڻ کي انهن جو وارث ڄاڻائي زمين تي قبضي جون ڪوششون به ڪيون پر بعد ۾ اهي سڀ روينيو کاتي جي ان آفيسر جي ڊائري ۾ لکيل وارثن جي نالن جي سامهون اچڻ سان ناڪام ٿيون ۽ اصل وارثن جان محمد عرف ڌمالي ۽ علي محمد کي ئي مليون.
روايتن موجب حاجي رحمت الله پلي ڪوئيٽا جي درويش چشمي واري بزرگ وٽان فيضياب ٿيل هو، سندس خانقاه ۾ خاص ذڪر ڏنو ويندو هو، گڏوگڏ وڏو سخي به هو، پير صاحب پاڳاري جا ڪيترائي مريد سندس حلقي ۾ داخل ٿي رهيا هئا تنهنڪري رحيم هڱوري ٽولي سميت مٿس ڪاه ڪري اهو قتلام ڪيو هو.اٽڪل 80 سالن جي ڍوريناري واسي ابراهيم عمراڻي جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي گهر ۾ اڻ چاڪ ٿي پيل ڪنهن ڀاتي لاءِ تعويز لکائڻ لاءِ ان دور ۾ اونهو ۽ تيز وهندڙ ڇور واه تري پار ڪري ڪونجيلي ۾ حاجي رحمت الله پلي جي مسجد ۾ سُٺا تعويز ڪري ڏيڻ طور پري پري تائين مشهور مولوي عزيزالله سولنگي وٽ ويندو رهندو هو، هڪ ڀيري هو اتي پهتو ته حاجي رحمت الله، مير محمد شيخ ۽ ٻيا به اتي موجود هئا جن مٿس زور ڀريو ته “تنهنجو پيءُ فقير سومار عمراڻي ته اسان جي ڳاله نه ٿو مڃي پرتون هاڻ هتان ذڪر وٺي مسلمان ٿي وڃ“ ابراهيم جو چوڻ هو ته هو ڏاڍو حيران ٿيو جو هو اڳ ۾ ئي پيڙهين کان مسلمان هو، کيس ٻيهر مسلمان ڪرڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت هئي؟ پيرسن ڌوٻي راڻي ملاح جو چوڻ هو ته ڪجه سال اڳ مکي ۾ پنهنجي مائٽن وٽ ويل هو ته هڪ ڀيري رحيم جي بيوه سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويو هو، مڪمل تلاشي بعد گهر اندر وٺي ويا جتي مائي ڀاڳي سان ملياسين،  ٻين حالن احوالن دوران جڏهن رحمت الله واري ماري بابت پڇيوسين ته هن ڪجه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته “هوء هاڻ اهو ورجائڻ نٿي چاهي“. رحمت الله ۽ ٻين جي اجتمائي جنازا نماز پڙهائيندڙ مولوي محمد علي جي پٽ ۽ نامياري ديني اسڪالر مولوي محمد ادريس جوڻيجي جو چوڻ هو ته “رحمت الله مٿان ماڻهن کي دين تان ٿيڙهڻ واريون خبرون درست هجن ها ته ان وقت ڳموري، ولهيٽ، عالم پلي ۽ ٻين ويجهن ويجهن ڳوٺن ۾ موجود وڏا ديني عالم خاموش ٿي نه وهن ها ۽ مٿس ڪا فتوا ضرور ڏين ها“. رحمت الله مٿان انگريز سرڪار جو ساٿ ڏئي حُر باغين جي جاسوسي ڪرڻ جا به ڪي الزام ناهن بلڪ هتان جا پلي برادري جا ماڻهو، ملتان واري پير جا مريد ۽ انگريز سرڪار پاران نوازيل هجڻ جي باوجود حُر جماعت جي مختلف برادرين سان مٽي مائٽي هئڻ ڪري انهن جو مارشلا واري ان هڪ سال دوران به وڏو ساٿ ڏيندي نظر اچن ٿا.  
 انهن مٿي بيان ڪيل ڳالهين مان لڳي ٿو ته حاجي رحمت الله پلي ڪنهن خاص طريقي جو صوفي هو جيڪو ڪو خاص ذڪر به ڏئي رهيو هو، اهو سڀ 700 سالن کان هن تر ۾ موجود مختلف درگاهن سان واسطو رکندڙ مريد ماڻهن کان حضم ڪونه ٿيو هو، انهن رحيم کي اُڪسايو ۽ هي واقعو رونما ٿيو.
    
 حر تحريڪ دوران انگريزن جي سامراجي حڪومت  پاران پيرسيد صبغت الله شاه راشدي سُورهيه باد شاه شهيد ۽ سندس مريدن خلاف ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏڻ بعد غيرتمند حرن ردعمل ۾ انگريز حڪومت ۽ ان جي ساٿارين خلاف ڪيتريون ئي ڪاروايون ڪيون، سورهيه باد شاه کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏئي شهيد ڪرڻ کان پوءِ نامعلوم هنڌ تي دفنايو ويوسندس شهادت بعد حر وڌيڪ اشتعال ۾ اچي ويا ۽ انهن جي مختلف ٽولن گوريلا ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون هيون انهن حرن مان شيکيو راڄڙ ۽ ٻين کي انگريز فوجن هڪ وڏي ڪاروائي ڪري اڇڙي ٿر جي ڀِٽن ۾ شهيد ڪيو جڏهن ته مکي ۽ ڀر پاسي ۾ به رحيم جي دور ۾ حرن جا انگريز فوج ۽ پوليس سان ڪيترائي وڏا وڏا معرڪا ٿيندا رهيا هئا پر انهن ۾ ڀگٽين سان ٿيل معرڪي ۽ هڪ اڌ ٻين کي ڇڏي ٻيو ڪٿي به رحيم هڱوري جو ڪو نمايان ڪردار نظر نه ٿو اچي پر پوءِ به ڪجه دوستن  پاران کيس حرتحريڪ جو هڪ تمام وڏو غازي ڪري پيش ڪيو ويوجيڪا ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي، رحيم هڱوري، پيرشاه مردان شاه پاڳاري جي مُک خليفي عاقل هڱوري جي پيءُ علي خان هڱوري کي به ڀتي لاءِ چٺيون لکائي اُماڻيون هيون ته وڏي رقم ڏي يا تنهنجا مهمان آهيون پر علي خان هڱوري سندس آڻ ڪونه مڃي ۽ موٽ ڏنائين ته اسين توکي ڪجه به ڪونه ڏينداسين، گهنڊيلڻ جي دڙي تي ويٺا آهيون، جڏهن اچين اچجان.
 رحيم هڱوري، پير صاحب پاڳاري پاران پيش ٿيڻ جي حڪم جي به انحرافي ڪئي جنهن بعد کيس ڀڳل سڏيو ويندو هو، هن جون حرجماعت جي ماڻهن سان دشمنيون به مشهور آهن، جيڪي سندس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڦاهي کان ٽيهارو سال پوءِ تائين به جاري رهيون، جن ۾ مگهن مڱريو  مير سليمان ٽالپر ۽ پيرو نوحاڻي  سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا ، مير سليمان جو تڏهوڪو ڊرائيور بخشو راڄڙ، جيڪو ان واقعي جون ڪيتريون ئي يادون ساريندو ۽ اڃا تائين ٻڌائيندو رهندو آهي. مير سليمان ۽ ٻين جي قتل جي پلاند ۾ رحيم جو وڏو پٽ حاڪم هڱورومارجي ويوهو، ان جي پلاند لاءِ رحيم جو ٻيو پٽ ۽  سندس هڪ ساٿي جڏهن وري هن تر ۾ آيا ته انهن کي به ميرپورخاص _ عمرڪوٽ روڊ تي واقعي صوفي فقير شهر لڳ بس مان هٿيارن جي زور تي لاٿو ويو، انهن بس ۾ ويٺل ٻين مسافرن کي جهوليون جهلي بچائڻ لاءِ ايلاز به ڪيا پر بس ۾ ويٺل بي هٿيار ماڻهو انهن جي مدد نه ڪري سگهيا پوءِ کين اغوا ڪري ڳوٺ ٻيرڇن ۾ مڻڪا ڀڃي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻورين ۾ بند ڪري جمڙائو واه ۾ لوڙهيو ويوهو. ان کان پوءِ رحيم جي بيواه پنهنجي پٽن جي پلاند خاطر ٻهروپي طريقن سان ڪڏهن گهر گهر مان خيرات وٺندڙ جوڳياڻي بڻجي، ڪڏهن نقلي اڇيون ڏاڙهي مڇون، سنهي رسي واري ڇِڪي ۾ اُٺيون ڏُهڻ وارو ڪانسي جو وٽو کڻي، ڇنل پٽڪو ۽ گوڏ ٻڌي، اوٺار بڻجي ته ڪڏهن وري بوسڪي جو پٽڪو پائي جيپ ۾ سوار ٿي ڏهرڪي کان نئونڪوٽ تائين سالن جا سال ڀٽڪندي ڪجه اهم ماڻهن کي قتل ڪري پنهنجي پٽن جو انتقام ورتو، انهن خونن جا مٿس ڪي ڪيس به داخل ڪونه ٿيا.


1 comment:

  1. ادا نورمحمد سمان اوهان هن علائقي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ماري متعلق تحقيقي مضمون ڇاپي پنهنجي قلم جو نہ صرف قرض چڪايو آھي پر ماضي ۾ ھن واقعي سان سلهاڙيل ڪن مفروضن جي پڻ ترديد ڪري وقت جي نيڪ ۽ سخي مرد حاجي رحمت اللٰه پلي جي دامن تي لڳل بدنما داغ ڌوئي ڇڏيو. اوهان جي هن بيباڪ ڪوشش کي جيترو بہ ساراهجي گهٽ آھي.

    ReplyDelete